اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ 18771 ارب رپين جي مجموعي ڪاٿي جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 07 سيڪڙو اضافو تجويز ڪندي پگهاردار طبقي جي لاءِ ٽيڪس شرح ۾ گهٽتائي ۽ سرچارج جو خاتمو ڪندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافو تجويز ڪيو ويو آهي، …
وفاقي حڪومت پاران ايندڙ مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ 18771 ارب رپين جي مجموعي ڪاٿي جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 07 سيڪڙو اضافو تجويز ڪندي پگهاردار طبقي جي لاءِ ٽيڪس شرح ۾ گهٽتائي ۽ سرچارج جو خاتمو ڪندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافو تجويز، ننڍن دڪاندارن تي فڪسڊ ٽيڪس سسٽم لاڳو، هر دڪاندار کان 25 هزار رپيا وٺڻ جي تجويز

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ 18771 ارب رپين جي مجموعي ڪاٿي جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 07 سيڪڙو اضافو تجويز ڪندي پگهاردار طبقي جي لاءِ ٽيڪس شرح ۾ گهٽتائي ۽ سرچارج جو خاتمو ڪندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافو تجويز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ننڍن دڪاندارن تي فڪسڊ ٽيڪس سسٽم لاڳو ڪندي هر دڪاندار کان 25 هزار رپيا وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اقتصادي ترقي، ٽيڪس ريليف، گهٽ آمدني وارن طبقن، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، هائوسنگ ۽ اڏاوتن، زراعت ۽ صنعت سميت مختلف شعبن جي لاءِ مراعتن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 15464 ارب رپيا رکيو ويو آهي، هائوسنگ ۽ زراعت سميت قومي معيشت جي مختلف شعبن لاءِ خصوصي مراعتن جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو ماپو هڪ هزار ارب رپيا جڏهن ته ملڪي دفاع جي لاءِ 3 هزار ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، 15 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ رپين جي آمدني تي لاڳو سپر ٽيڪس مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 838 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته هي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته آئون هن ايوان جي سامهون اسان جي حڪومت جي ٽئين بجيٽ مالي سال 27 – 2026ع پيش ڪري رهيو آهيان، آئون اتحادي پارٽين جي قيادت خاص طور تي ميان محمد نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، خالد مقبول صديقي، چوڌري شجاعت حسين، عبدالعليم خان ۽ خالد حسين مگسي جي رهنمائي جي لاءِ دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته هي بجيٽ هڪ اهڙي موقعي تي پيش ڪري رهيو آهيان جڏهن ته پاڪستان پنهنجي عوام ۽ دنيا جي نظر ۾ هڪ اهڙي ملڪ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي جنهن جو آواز ٻڌو وڃي ٿو ۽ جنهن جي دوستي جي خواهش ڪئي وڃي. هن چيو ته اها تبديلي اتفاقي ناهي آئي، ان جي شروعات گذريل سال مئي ۾ ٿيو جڏهن ڀارتي جارحيت کي پاڪستان پاران هڪ اهڙو جواب مليو، جنهن جو پوري دنيا کي نوٽيس وٺڻو پيو، اسان جي هٿياربند فوج دشمن کي اهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏنو جو هو ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي امن جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور ٿيو، اها ڪاميابي ڏهاڪن تائين پيشيواراڻي تربيت ۽ تياري جو نتيجو هئي. آپريشن بُنيان المرصوص جي ڪاميابي اسان جي قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، اڄ دنيا پاڪستاني دفاعي قوت جي شيدائي بڻيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي فضائن جو تحفظ ڪندڙ ويڙهاڪ جهازن کي ڪيترائي ملڪ پنهنجي فضائيه ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان رابطي ۾ آهن، اسان جي دفاعي صنعت قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو به هڪ ذريعو بڻجي وئي آهي، هي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مضبوط دفاع نه رڳو اسان جي سالميت جي لاءِ اهم آهي پر هي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ مددگار پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ان دفاعي قوت نه رڳو خطي پر سڄي دنيا ۾ اسان جي دفاعي سهڪار جو نقشو نئين سر جوڙيو پيو وڃي آئون خاص طور تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايمان ۽ ڀائيچاري جو رشتو اڳ ۾ ئي موجود هو تنهن هوندي به ان باضابطا دفاعي معاهدي جي ڪري خادمين الحرمين الشريفين سان اسان جا لاڳاپن ۽ ڀائراڻي رشتن کي هڪ نئون ۽ مستحڪم بنياد مليو آهي، اهو اسان جي لاءِ هڪ تمام وڏو اعزاز آهي پر ان سان گڏ اسان جي لاءِ هڪ وڏي ۽ مقدس ذميواري به آهي جنهن کي نڀائڻ جي لاءِ اسان پوري عزم ۽ يقين سان سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جي لاڳاپن ۾ اها اهم تبديلي اسان جي قيادت جي ڪري ئي آهي جنهن جي لاءِ وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ اسان جي پوري سفارتي ۽ عسڪري قيادت يقيني طور تي مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته گذريل مهينن ۾ الله تعالى جي مهرباني سان پاڪستان کي هڪ بي مثال ڪاميابي ملي آهي، موجوده دور جي هڪ خطرناڪ ترين جنگ جي دوران آمريڪا ۽ ايران پاڪستان تي اعتماد تي ڪندي پنهنجي وچ ۾ هڪ ايماندار ثالث طور تي قبول ڪيو، پاڪستان ان ڪردار کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻيون مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون آهن جيڪي اڄ به جاري آهن. الحمدالله اسان اسلام آباد امن ڳالهين وسيلي آمريڪا ۽ ايران کي 47 سالن کانپوءِ هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پاڪستان جي ڪوشش آهي ته جلد هڪ معاهدي جي وسيلي خطي ۾ ڊگهي مدي واري امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ آبنائي هرمز مان تيل جي چرپر اڳ وانگر بحال ٿي سگهي. آمريڪا ۽ ايران جي صدرن ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ثالث طور اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي. هي اها عظيم ڪاميابي آهي جنهن سان قومن جي برادري ۾ اسان جو احترام ۽ وقار وڌيو آهي ۽ اسان جي ڪوششن کي هر سطح ۽ فورم تي ساراهيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان گذريل ڪجهه مهينن دوران خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ جيڪي فعال، متوازن ۽ ذميواراڻو سفارتي ڪردار ادا ڪيو آهي، ان ۾ اسان کي پنهنجي عظيم ۽ آزمايل پاڙيسري ملڪ چين جي مڪمل حمايت ۽ هم آهنگي حاصل رهي آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل ۽ جامع امن ڪوششن تي مڪمل اتفاق راءِ ۽ گهري هم آهنگي موجود آهي. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهن، هي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي آهي. چين پاڪستان جو سڀ کان اهم واپاري حصيدار آهي. هي تعلق هڪ اهڙي اسٽريٽجڪ حصيداري جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي جيڪو فقط حڪومتن تائين محدود نه آهي پر ٻن قومن جي دلين ۽ تقدير سان ڳنڍيل رشتو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي تازي دوري ان حصيداري کي نئون ۽ ٺوس رخ ڏنو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ايران آمريڪا جنگ جي اثرن جي سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي عالمي منڊين ۾ قيمتن ۾ تمام وڏو اضافو ٿيو، هر گهر جي بجيٽ تي نئون ۽ غيرمتوقع دٻاءُ آيو. هتي اهو سمجهڻ انتهائي اهم آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون مقامي قيمتون عالمي منڊيءَ جي پوري شدت تحت نه هيون، جيڪڏهن حڪومت هڪ جهٽڪي سان سڄو بار عوام تي منتقل ڪري ڇڏي ها ته اهي قيمتون ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هجن ها، ان لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي حڪومت 128 ارب رپين جي عمومي سبسڊي وسيلي عوام کي سڌوسنئون ريليف ڏنو، پوءِ جلد ئي صوبائي حڪومتن سان تعاون سان ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جو نظام متعارف ڪرايو، جنهن جي وسيلي ضرورتمند ماڻهن کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ريليف ڏنو ويو ۽ اڃا به ڏنو پيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ مستحڪم معيشت ۽ معاشي بفرز سان آمريڪا ايران جنگ جي بحران ۾ داخل ٿيو آهي، ان بحران ۾ جتي خطي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٻارڻ جي کوٽ، پيٽرول پمپس تي ڊگهيون قطارون، مهانگائي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ لاٿ ڏسڻ ۾ آئي ۽ اسان کان بهتر وسيلن وارن ملڪن کي عالمي مالياتي ادارن وٽ وڃڻو پيو، اتي پاڪستان ۾ حڪومت جي وقت سر ۽ ڏاهپ وارن فيصلن ۽ مضبوط معاشي بفرز جي ڪري ٻارڻ جي ڪا به کوٽ نه ٿي ۽ نه پيٽرول پمپس تي ڊگهيون قطارون لڳيون، نه ڪو امن امان جو مسئلو پيدا ٿيو ۽ نه ئي وري مٽاسٽا جا اگهه متاثر ٿيا پر ان بحران دوران فچ ريٽنگ ايجنسي پاڪستان جي ريٽنگ کي مستحڪم قرار ڏنو. هن چيو ته اسان کي ان حوالي سان عوام کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جو ادراڪ آهي، ان سان گڏ ئي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هي موجوده حڪومت جي ٽئين بجيٽ آهي، ان لاءِ آئون اهو ضروري سمجهان ٿو ته تقرير جي شروعات ۾ گذريل ٻن سالن جي سفر جو مختصر جائزو پيش ڪندو هلان، اسان اهو سفر هڪ مشڪل هنڌ تان شروع ڪيو، وزيراعظم جي قيادت ۾ موجوده حڪومت اڻٿڪ محنت سان حالتن تي ضابطو آندو آهي ۽ ڪيترن ئي اهم ۽ ڏوررس جي نتيجن جون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جن ۾ موجوده مالي سال ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان ۽ آمريڪا ايران جنگ جي باوجود اسان جي معاشي واڌويجهه جي شرح 3.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، اسان جي وڏين صنعتن جي پيداواري صلاحيت وڌي رهي آهي. هن مالي سال ۾ وڏين پيداواري صنعتن جي واڌويجهه جي شرح 6.1 سيڪڙو تائين رهي آهي جڏهن ته خدمتن جي شعبي ۾ 4.1 سيڪڙو، ايل ايس ايم ۽ خدمتن جي شعبي ۾ واڌويجهه جي شرح گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح تي آهي. اسان جي معيشت جو ماپو 452 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي جيڪو اسان جي معيشت جو هڪ نئون سنگ ميل آهي. جي ڊي پي جي ماپي ۾ اضافي سان اسان جي في ڪس آمدني گذريل سال جي هڪ هزار 751 ڊالر مان وڌي هڪ هزار 901 ڊالر ٿي وئي آهي. گذريل ٻن سالن ۾ پاليسي ريٽ ۾ تاريخي گهٽتائي ٿي آهي ۽ شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ به نمايان بهتري آئي آهي، جيڪي 3 سال پهرين 4 ارب ڊالر کان گهٽ هئا، اهي هاڻي 17 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، جيڪي اٽڪل 3 مهينن جي درآمد جي لاءِ ڪافي آهن. مٽاسٽا جو ناڻو به نئين بُلندين کي ڇُهي رهيو آهي، گذريل مالي سال جي 38 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ هن مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جو ماپو 38 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، سڄي سال تائين مٽاسٽا جو ناڻو 41 ارب ڊالر کان وڌي ويندو، جيڪا اسان جي تاريخ جي بلند ترين سطح هوندي. ايف بي آر جي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح مالي سال 23 – 2022 ۾ 8.5 سيڪڙو مان وڌي 10.3 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، يعني رڳو 3 سالن ۾ ملڪي معيشت جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۾ اٽڪل 2 سيڪڙو نمايان اضافو ٿيو آهي. انهن قدمن سان اسان جي مالياتي استحڪام به نمايان بهتري نظر اچي ٿي، اسان جو مالياتي خسارو جيڪو جون 2023ع ۾ جي ڊي پي جو 7.8 سيڪڙو هو، جيڪو موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين 4 سيڪڙو تائين اچي ويندو. 2 سال پهرين اسان جي پرائمري بيلنس ۾ جي ڊي پي جي 0.7 سيڪڙو جي برابر خسارو درپيش هو، موجوده مالي سال ۾ اسان پرائمري بيلنس کي 1.6 سيڪڙو جي سرپلس تائين وٺي آيا آهيون. اهڙي طرح پرائمري بيلنس ۾ جي ڊي پي جي حساب سان 2.3 سيڪڙو جي بهتري آئي آهي. گذريل مالي سال ۾ ناڻي واڌ جي شرح گذريل سال جي 23.4 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.5 سيڪڙو تائين اچي وئي هئي، موجوده سال جي دوران به ايران آمريڪا جنگ جي باوجود به مهانگائي جي سراسري شرح اٽڪل 7 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي جيڪا موجوده مالي سال جي ڪاٿي 7.5 سيڪڙو کان گهٽ آهي. هاڻوڪن مهينن ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جو بنيادي سبب وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ آهي. جنگ جا ڪڪر هٽڻ کانپوءِ مهانگائي جي شرح به گهٽ ٿي ويندي. هن چيو ته اسان جي معاشي ۽ مالياتي استحڪام جي ڪري اسان جي معيشت تي عالمي ترقياتي ۽ مالياتي ادارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي. دنيا جون وڏيون ريٽنگ ايجنسيون موڊيز، فِچ ۽ ايس اينڊ پي پاڪستان جي ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو آهي، جنهن سان اسان جي ڪريڊٽ ريٽنگ مستحڪم ٿي آهي. هن چيو ته انهي اعتماد جو نتيجو آهي ته پاڪستان 2022ع کانپوءِ پهريون ڀيرو عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ واپس آيو. چئن سالن ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو 750 ملين ڊالر يورو بانڊ ڪاميابي سان جاري ڪيو. عالمي غيريقيني صورتحال جي باوجود اسان جي بانڊز جي طلب مستحڪم رهي. انهي جو تسلسل اسان کي گذريل مهيني نظر آيو، جڏهن پاڪستان پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي ملڪي تاريخ جو پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪيو، جنهن جي طلب اسان جي آڇ کان پنجوڻ تي وڌيڪ هئي، هي 2.5 سيڪڙو وياج تي جاري ڪيو ويو. اهڙي طرح پاڪستان دنيا جي ٻئي وڏي معاشي نظام جو حصو بڻجي ويو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته معاشي بهتري جا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي به مثبت اثر پئجي رهيا آهن، ان بهتري جي پٺيان پاڪستان جي ڪارپوريٽ شعبي جي بهتر ڪارڪردگي به شامل آهي. ڪارپوريٽ شعبي جنوري کان مارچ 2026ع ۾ گذريل سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 22 سيڪڙو وڌيڪ منافعو حاصل ڪيو، جڏهن ته موجوده مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ اهو منافعو 9 سيڪڙو رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪارن جي تعداد ۾ گذريل سال ۾ هڪ لک 73 هزار نئين سيڙپڪارن جو رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته انهن نئين سيڙپڪارن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن تي ٻڌل آهي. هن سال هيستائين 11 آءِ پي اوز جاري ڪيا ويا آهن، جيڪو گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ آهي. اهڙي طرح سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان ۾ 39 هزار نيون ڪمپنيون درج ٿيون آهن. دنيا جون وڏيون ڪمپنيون جهڙوڪ گوگل، وي اي او اين، بي واءِ ڊي، آرامڪو، علي بابا گروپ، اي ڊي پورٽس، رقمي، مشرق ۽ ترڪش پيٽروليم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. حڪومت جي قائم ڪيل ٽيڪنالاجي زون ۾ 250 کان وڌيڪ نئين ڪمپنين پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو آهي ۽ 25 هزار کان وڌيڪ ٽيڪنيڪل پروفيشنلز کي روزگار مليو آهي، جيڪو نئين ۽ موجوده سيڙپڪارن جو پاڪستان ۾ ڪاروباري ماحول تي وڌندڙ اعتماد جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته گذريل سال هن ايوان ۾ پنهنجي بجيٽ تقرير دوران مون قوم سان واعدو ڪيو هو ته اسان ڏهاڪن کان التوا جو شڪار نجڪاري جي ايجنڊا کي عملي شڪل ڏينداسين ۽ مون کي ايوان ۾ ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اهو واعدو رڳو واعدو نه رهيو پر هڪ حقيقت بڻجي ويو آهي. اسان فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ 23 ڊسمبر 2025ع تي پوري قوم ڏٺو ته اسلام آباد ۾ هڪ شفاف ۽ سڌي سنئين ٽيليويزن تي نشر ٿيندڙ نيلامي وسيلي پي آءِ اي کي مجموعي طور تي 185 ارب رپين جي عيوض نجي شعبي جي حوالي ڪيو ويو. اها ڪامياب ۽ تاريخي نجڪاري وزيراعظم جي ان ويزن جي عين موجب آهي ته نجي شعبو ئي ملڪ جي پائيدار معاشي ترقي جو ضامن ۽ علمبردار آهي. پي آءِ اي جي ڪامياب نجڪاري کانپوءِ اسان هڪ 5 سالن جي منصوبي تي عمل پيرا آهيون جنهن تحت ڪيترن ئي حڪومتي ادارن کي نجي شعبي جي حوالي ڪيو ويندو، ان ۾ ڊسڪوز ۽ جنڪوز، بئنڪ، انشورنس ۽ هوائي اڏا شامل آهن. ان سلسلي ۾ ڊسڪوز جي پهرين بيچ جي نجڪاري جي لاءِ دلچسپي جي اظهار جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هڪ فعال، متحرڪ ۽ شفاف ٽيڪس انتظاميا ڪنهن به رياست جي معاشي خودمختياري جي ضمنات آهي، ٽيڪس وصولي کانسواءِ ملڪي ڪاروهنوار هلائي نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي ترقياتي ڪمن جي لاءِ وسيلا مهيا ٿي سگهن ٿا، ان جي لاءِ ايف بي آر ۾ جامع ۽ وڏي پئماني تي سڌارا جاري آهن. هن چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارن جا هيستائين جا نتيجا تمام وڏا ۽ حوصلي جوڳا آهن. مالي سال 23 – 2022 ۾ ايف بي آر جي سالياني ٽيڪس وصولي 7 هزار 200 ارب رپيا هئي جيڪا ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻيڻي ٿي وئي آهي ۽ موجوده مالي سال جي پڄاڻي تي 13 هزار ارب رپين تائين پهچي ويندي، اهو اضافو هڪ اهڙي ڪارڪردگي آهي جنهن جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ گهٽ ئي ملي ٿو. اهو رڳو اوڳاڙين ۾ اضافو نه آهي پر پاڪستان جي ٽيڪس نظام ۾ هڪ اسٽرڪچرل تبديلي آهي. آئون هن ايوان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان تبديلي جي قيادت پاڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪري رهيو آهي، جيڪو هفتيوار اجلاسن جي پاڻ صدارت ڪري ٿو ۽ اڳڀرائي جو جائزو وٺندو آهي. هن چيو ته هي تبديلي جا ٺوس ثمر سامهون اچي رهيا آهن. سڀ کان پهرين پيداواري مانيٽرنگ جو نظام آهي جنهن ۾ مرڪزي ڊيش بورڊز، وڊيو تجزيا ۽ ٽيمپرنگ الرٽس مان مدد ورتي پئي وڃي. هي نظام 27 سيمنٽ فيڪٽرين ۽ 75 شگر ملز تي لاڳو ٿي چڪو آهي. رڳو انهن ٻن شعبن مان ساليانو بنيادن تي اٽڪل 61 ارب رپيا اضافي ٽيڪس متوقع آهي. ان کانسواءِ مصنوعي ذهانت ۽ مشين لرننگ تي ٻڌل ڪمپلائنس رسڪ مئنيجمينٽ جو نظام 840 کان وڌيڪ هاءِ رسڪ ڪيسز جي نشاندهي ڪري چڪو آهي، جنهن جو متوقع ٽيڪس امپيٽ اٽڪل 34 ارب رپيا آهي. اهڙي طرح فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ وسيلي اسان امپورٽر ۽ ڪسٽمز آفيسرن جي وچ ۾ سڌوسنئون رابطو گهٽ ڪيو آهي، جنهن سان رڳو پري ڪنسائنمنٽ ٽيڪسن ۾ اضافو ٿيو آهي پر حراسگي ۽ رشوت جا امڪان به گهٽ ٿيا آهن. هن چيو ته ايندڙ مهينن ۾ پيداواري مانيٽرنگ جي نظام کي نئين شعبن تائين وڌايو ويندو، جنهن ۾ ٽيڪسٽائيل، مشروبات، لوهه ۽ اسٽيل، گيهه، کاڄري تيل، ٽائيلز، پيپرز ۽ بورڊ سميت ٻيا شعبا شامل آهن. اها واڌ ملڪ جي منظم صنعت جي هڪ وڏي حصي کي پڌرو ڪندي. هن چيو ته انهن سڀني سڌارن ۽ قدمن جو حتمي مثبت هڪ اهڙي ٽيڪس نظام جو حصول آهي جيڪو منصفاڻو هجي، جنهن ۾ ايماندار ٽيڪس ڏيندڙ تي گهٽ بار پوي، جيڪو ڊيٽا جي مدد سان ٽيڪس چوري جي واقعن جو خاتمو ڪري ۽ انسپيڪٽر جي صوابديد ۽ قانوني ڪارروائي بدران دستاويز ۽ ڪمپلائنس وسيلي اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن بڻائي. اسان جي اها ڪاوش رڳو وڌيڪ ٽيڪس حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه پر رياست ۽ شهري جي وچ ۾ ان بنيادي رشتي جي تجديد آهي جنهن ۾ شهري جو رياست تي اعتماد بحال ٿئي ۽ رياست شهري جي محنت جو احترام ڪري. اهو ئي اهو بنياد آهي جنهن تي پاڪستان جي مستقبل جي پوري معيشت بيٺل هوندي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي ان وقت تائين اڌوري آهي جيستائين معيشت جون برڪتون هر ان خاندان، هر ان آبادگار، هر ان ننڍي ڪاروبار ۽ هر ان نوجوان ۽ عورت تائين نه ٿيون پهچي وڃن جن کي روايتي بئنڪاري نظام سدائين نظرانداز ڪيو آهي. اسان وزيراعظم جي رهنمائي ۾ نجي شعبي جي تعاون سان انهن کي قرض فراهم ڪرڻ جو قدم کنيو آهي. ان حڪمت عملي تحت 5 اهم اسڪيمون متعارف ڪرايون ويون آهن جن ۾ سڀ کان پهريون منصوبو زرخيزي جي نالي سان شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي وسيلي 7 لک 50 هزار ننڍن آبادگارن کي بنا ڪنهن ضمانت مڪمل طور تي ڊيجيٽل عمل وسيلي 300 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ ٻي اسڪيم وزيراعظم جو پنهنجو گهر پروگرام آهي. اها گهٽ لاڳت وزيراعظم هائوسنگ فنانس اسڪيم وسيلي گهٽ ۽ وچولي آمدني واري طبقي کي رڳو 5 سيڪڙو وياج جي شرح تي قرض حاصل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اسان جي حڪومت جو ٽيون اهم قدم پاڪستان ايڪسيلريٽيڊ وهيڪل اليڪٽريفڪيشن (پي اي وي اي) اسڪيم جي شروعات آهي جنهن تحت اي بائيڪس ۽ اي رڪشائن جي خريداري جي لاءِ سبسڊائيز فنانسنگ فراهم ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ چوٿين اسڪيم پي ايمز فين ريپليسمنٽ پروگرام آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ پراڻي وڌيڪ بجلي خرچ ڪندڙ پنکن جي جاءِ تي گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ پنکا لڳايا پيا وڃن. اسان جي حڪومت جو پنجون قدم سوشل امپيڪٽ فنانسنگ آهي جنهن تحت 2 پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، انهن ۾ پهريون پروگرام پاڪستان اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جي شروعات آهي جنهن جي وسيلي نيوٽيڪ وسيلي نوجوانن کي فني تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ٻيو قدم ايگري اسٽوريج فنانسنگ فيسٽلي آهي اهو 7.1 ارب رپين جو منصوبو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ ذخيري جي سهولت قائم ڪئي پئي وڃي جتي آبادگارن کي پنهنجو اناج ۽ اَن محفوظ ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ انهن کي ان محفوظ ٿيل اناج تي بئنڪن کان قرص وٺڻ جي سهولت هوندي. اهي 5 اسڪيمون وزيراعظم جي خصوصي ڌيان تي شروع ڪيون ويون آهن ۽ انهن جو مقصد ملڪ ۾مالي شموليت جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ کانسواءِ هنرمند ۽ محروم طبقن جي لاءِ ترقي جا رستا کولڻ آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل پاڪستان ۽ مالي شموليت جي ايجنڊا تي نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بئنڪنگ صارفين ۾ اضافو ٿيو آهي. ڊيجيٽل ڏيتي ليتي ۾ تيزي آئي آهي ۽ ڪيش ليس جي فروغ جو بنياد مضبوط ٿيو آهي. گذريل سال جي 5 لک جي ڀيٽ ۾ 16 لک 70 هزار واپاري ڊيجيٽل ادائيگين جي نظام سان ڳنڍجي چڪا آهن، اهڙي طرح ڊيجيٽل بئنڪنگ جي سهولت مان لاڀ پرائيندڙ صارفين جو انگ 95 ملين مان وڌي 133 ملين تائين پهچي ويو آهي. ملڪ ۾ وصول ٿيندڙ مٽاسٽا جو ناڻو 92 سيڪڙو بئنڪ اڪائونٽس ۾ موصول ٿيو، جڏهن ته جي ٽو پي جو 75 سيڪڙو هاڻي ان ڊيجيٽل نظام تحت ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب علامه اقبال جو شعر
محبت مجهي ان جوانون سي هي
ستارون پي جو ڊالتي هين ڪمند
پڙهندي چيو ته نوجوان ڪنهن به ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن. اسان جي قومي آباديءَ جو 67 سيڪڙو 30 سال کان گهٽ عمر جي آبادي تي ٻڌل آهي. اسان جا نوجوان هنر، عزم ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي جذبي سان سرشار آهن. وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جو عزم آهي ته هر پاڪستاني نوجوان کي اهو هنر، اها تربيت ۽ اهو موقعو ملڻ گهرجي جيڪو انهن کي قومي معيشت جو فعال حصيدار بڻائي سگهي ۽ ان ويزن جو عملي اظهار وزيراعظم يوٿ پروگرام آهي. هن چيو ته نوجوانن جو سڀ کان وڏو سرمايو هنر آهي. نيوٽيڪ وسيلي پرائيم منسٽرز يوٿ اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام هيستائين اٽڪل 5 لک 15 هزار نوجوانن کي جديد ۽ روايتي فني تربيت فراهم ڪئي آهي. آزاداڻي تجزيي موجب انهن تربيت يافته نوجوانن مان اٽڪل 53 سيڪڙو ملازمتون حاصل ڪري چڪا آهن. ان پروگرام ۾ آءِ تي ٻڌل تربيت وسيلي عورتن جي معاشي خودمختياري تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن گهر ويهي فري لانسنگ ۽ ڊيجيٽل معيشت ۾ اسان جون ڀينرون ۽ ڌيئرون برابر جون شريڪ ٿين. جيڪڏهن هنر هڪ گاڏي آهي ته سرمايو ان گاڏي جو ٻارڻ آهي. پرائيم منسٽرز يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم اڄ پاڪستان ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فنانسنگ جو سڀ کان وڏو وسيلو بڻجي چڪي آهي. جنوري 2023ع کان هيستائين ان اسڪيم تحت 258 ارب رپين جي رقم ورهائي وئي آهي، جنهن سان 5 لک 34 هزار کان وڌيڪ نوجوانن لاڀ پرايو آهي. راندين جي ميدان ۾ پرائيم منسٽرز اسپورٽس ٽيلنٽ هنٽ پروگرام وسيلي 19 مختلف راندين ۾ ملڪ گير ٽيلنٽ هنٽ جاري آهي، جنهن ۾ پي ايس ايل جي ماڊل تي هڪ خصوصي هاڪيءَ ليگ جو قيام به شامل آهي، اڳيون جهانگير، اڳيون ارشد نديم يا اڳيون اولمپڪ چيمپيئن شايد اڄ ڪنهن اهڙي شهر يا ڳوٺ ۾ موجود آهي جتي اڃا تائين اسان جون نظرون ناهن پهچي سگهيون. اهو پروگرام ان کي ڳولي هٿ ڪندو. هن چيو ته پرائيم منسٽرز يوٿ پروگرام رڳو فلاحي خرچ نه آهي پر هي اسان جي حڪومت جي سڀ کان منافعي بخش سيڙپڪاري آهي ڇو ته اسان جي حڪومت نوجوانن کي ملڪ جي مستقبل جو معمار سمجهي ٿي. واپار ۽ ٽيرف جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هي هڪ اهم ۽ جامع واپاري پاليسي اسان جي معاشي سڌارن واري ايجنڊا جو اهم جز آهي. اسان جو بنيادي عزم واضح آهي. پاڪستان کي آمدني واپار تي ڀاڙيندڙ معيشت بدران روانگي واپار جي ڏڍ تي اڳيان وڌندڙ معيشت بڻائڻ آهي. اسان جي معاشي بقاءَ جو وسيلو عالمي منڊيءَ ۾ مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۾ آهي. هن چيو ته روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ڪاروبار جي لاڳت گهٽ ڪئي، ايڪسپورٽ انڪم تي لاڳو 0.25 سيڪڙو ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ سرچارج کي مڪمل طور تي ختم ڪيو. ايڪسپورٽ فنانس اسڪيم تحت مارڪ اپ جي شرح 19 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 4.5 سيڪڙو ڪئي وئي. روانگي واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي اسڪيم تحت سهولت جو مدو 9 مهينن مان وڌائي 18 مهينا ڪيو ويو ته جيئن روانگي واپارين کي ڪيش فلو جي مسئلي کي منهن ڏيڻو نه پوي. ان کانسواءِ صنعتي بجلي جا اگهه به گهٽ ڪيا ويا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل ٽيرف پاليسي 30 – 2025ع تي عملدرآمد جي پهرين سال ئي حڪومت ٽيرف کي جامع بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ 7500 ٽيرف لائين تي ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪئي، خاص طور تي ڪچي مال ۽ انٽرميڊيئٽ گُڊز تي ته جيئن صنعتن جي پيداوار لاڳت گهٽ ٿئي. ٽيڪسٽائيل ۽ ڪپڙي جي مشينري جي ڊيوٽي فري درآمد جي اجازت ڏني وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مشينري درآمد ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو. مجموعي طور تي انهن قدمن جي وسيلي 120 ارب رپين کان وڌيڪ جو فائدو ڪاروباري طبقي کي منتقل ٿيو. توانائي سڌارن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته توانائي ڪنهن به معيشت جي شهه رڳ آهي. گذريل سال ۾ خطي ۾ بحران جي باوجود پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ ڪيترن ئي محاذن تي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. گذريل ٻن سالن ۾ حڪومت توانائي جي شعبي ۾ اهڙا اسٽريڪچرل سڌارا شروع ڪيا آهن جيڪي نه رڳو موجوده بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آهن پر ايندڙ امڪاني بحران جي لاءِ به پاڪستان کي تيار ڪندا. اسان جو مقصد توانائي ۾ پاڻڀرائپ، صارفين جي لاءِ گهٽ قيمتون ۽ هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو ضمانتن تي کان گهٽ کان گهٽ دارومدار ڪري. ان سوچ تحت آئون هن ايوان جي سامهون بجلي، گئس ۽ تيل جي ميدان ۾ اسان جي اهم قدمن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس. هن چيو ته بجلي جو شعبو پنهنجي تاريخ جي سڀ کان گهرن سڌارن واري دور مان گذري رهيو آهي. گذريل ٻن سالن ۾ ان شعبي ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري جو مظاهرو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ مالي سال 26 – 2025ع ۾ بجيٽ ۾ مختص ڪيل سبسڊي جي ڀيٽ ۾ 143 ارب رپين کان وڌيڪ جي بچت حاصل ڪئي وئي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اها گهٽتائي مستحق صارفين تي بار وجهي نه پر سڌارن وسيلي حاصل ڪئي وئي. جڏهن ته آءِ پي پيز سان ڳالهين جي نتيجي ۾ اٽڪل 3.7 ٽريلين رپين جي بچت حاصل ڪرڻ جا قدم کنيا ويا. هن چيو ته ان شعبي جي سڌارن ۾ سڀ کان اهم قدم ڪامپيٽيٽو ٽريڊنگ باءِ ليٽرل ڪانٽريڪٽ مارڪيٽ جي عملي شروعات آهي. هن سال جنوري مهيني ۾ مارڪيٽ جي باضابطا شروعات جو اعلان ڪيو ويو ۽ سيپٽمبر 2026ع ۾ ان تحت پهرين ڪامپيٽيٽو نيلامي منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ اٽڪل 800 ميگاواٽ بجلي جو ڪاروبار هڪ چٽاڀيٽي تي ٻڌل مارڪيٽ تحت ٿيندو. هي ڪا معمولي اڳڀرائي نه آهي. هيستائين پاڪستان ۾ بجلي هڪ ئي سرڪاري خريدار ذريعي خريد ڪئي ويندي هئي، جيڪو سرڪاري ضمانتن جي سهاري معاهدا ڪندو هو. اڄ اسان ان پراڻي، مهانگي ۽ سرڪاري ضمانتن تي ٻڌل نظام مان نڪري هڪ چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ طرف وڌي رهيا آهن. هي پاڪستان جي بجلي جي معيشت جي بنيادي نئين سر جوڙجڪ آهي. هن چيو ته موجوده مالي سال ۾ هڪ ملڪ گير مشق وسيلي اسان سڀني سبسڊائيز صارفين جي سڃاڻپ، رجسٽريشن ۽ تصديق ڪنداسين ته جيئن جنوري 2027ع کان پاڪستان ۾ سڌي سنئين سبسڊي مڪينزم جي شروعات ڪري سگهجي يعني سبسڊي اتي پهچندي جتي ان جي اصل ضرورت آهي. هي اهو ئي منصفاڻو ماڊل آهي جيڪو اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي اختيار ڪيو. هن چيو ته ان سڌاراجاتي ايجنڊا جو هڪ ٻيو اهم ٿنڀ گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ آهي. مون کي ايوان کي ٻڌائيندي اطمينان ٿي رهيو آهي ته موجوده مالي سال ۾ بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرض جي نيٽ زيرو اڪيوموليشن حاصل ڪئي وئي آهي يعني هن سال ان بار ۾ ڪو به اضافو ناهي ٿيو. جڏهن ته گردشي قرض جي ذخيري ۾ هڪ هزار 225 ارب رپين جي لون سيٽلمينٽ تي اڳڀرائي ٿي آهي. ان سان گڏ اين ٽي ڊي سي جا اداراجاتي سڌارا به جاري آهن جن تحت پهچ سسٽم آپريشن ۽ مارڪيٽ آپريشن جي ڪم ڪار کي جدا جدا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ايل اين جي جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي جو ذڪر ڪندس. پاڪستان هڪ جامع ريسرچ کانپوءِ قطر ۽ ا ٽلي سان پنهنجي ڊگهي مدي واري خريد ۽ وڪري واري معاهدي تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ هن سال 2026ع جي لاءِ 35 ايل اين جي ڪارگوز جي گهٽتائي تي اتفاق ڪيو. انهي هڪ فيصلي سان اسان کي اٽڪل 1.2 ارب آمريڪي ڊالر جي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي آهي ۽ اهو انهن ڪوششن جو نتيجو آهي جنهن سان گذريل 11 مهينن ۾ صارفين جي گئس جي بلن ۾ ڪو به اضافو ناهي ٿيو. هن چيو ته ايران آمريڪا جنگ کي نظر ۾ رکندي اسان مقامي گئس جي پيداوار وڌائڻ تي به ڌيان ڏنو. مارچ 2026ع کانپوءِ اسان جي تيل جي ڳولا جي ڪمپنين قومي نظام ۾ اٽڪل 100 ايم ايم سي ايف ڊي اضافي گئس شامل ڪئي آهي، جنهن بجلي جي پيداوار ۾ شارٽيج کي نمايان طور تي گهٽ ڪيو آهي. اسان ڀاڻ جي پيداوار کي هڪ لمحي جي لاءِ به رڪجڻ ناهي ڏنو. ملڪ جي 10 ڀاڻ تيار ڪندڙ ڪارخانن کي گئس جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائي. اهڙي طرح ايل اين جي تي ڪم ڪندڙ پلانٽس جي لاءِ گئس مخصوص ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومت تيل ۽ گئس جي ڳولا جي ميدان ۾ به اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پاڪستان 20 سالن کانپوءِ آف شور لائيسنگ جا 24 بلاڪ قومي ۽ عالمي اي اينڊ پي ڪمپنين کي الاٽ ڪيا، جيڪي پاڪستان جي آف شور آئل اينڊ گئس ڳولا جي تاريخ جو سنگ ميل آهن. هن چيو ته ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڀائر ملڪ ترڪيه جي قومي تيل ڪمپني ٽي پي اي او پاڪستاني ڪمپنين سان حصيداري وسيلي اسان جي آف شور سيڪٽر ۾ قدم رکيو آهي. مالي سال 26 – 2025ع دوران اي اينڊ پي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري هڪ ارب ڊالر کان وڌي وڃڻ جي اميد آهي. ان عرصي ۾ 17 نيون تيل ۽ گئس جون دريافتون ٿيون، جن مان مقامي پيداواري صلاحيت ۾ 108 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ۽ اٽڪل 16 هزار بيرل ڏهاڙي تيل جو اضافو ٿيو. جڏهن ته پروڊڪشن ۾ اضافي وسيلي 229 ايم ايم سي ايف ڊي وسيلي گئس ۽ 13 هزار بيرل تيل قومي نظام ۾ شامل ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ اسان جو فليگ شپ منصوبو ريڪوڊڪ هن سال ناڻي ۽ عملدرآمد جا ڪيترائي اهم سنگ ميل عبور ڪري چڪو آهي. اسان ان منصوبي جي وقت سر پڄاڻي جي لاءِ پرعزم آهيون. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اهو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. اهو شعبو ملڪي ترقي ۽ ايڪسپورٽس وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. گذريل هڪ سال ۾ ان شعبي ۾ ڪيتريون ئي اهم ڪاميابيون حاصل ٿيون. آءِ ٽي جي شعبي جي درآمد 20 سيڪڙو کان وڌيڪ جي سالياني واڌويجهه جي شرح سان وڌي رهي آهي. هن سال اها برآمد 4.5 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي. اهڙي طرح اهو شعبو روانگي واپار ۾ اضافي جي لحاظ کان سڀ کان تيزي سان وڌندڙ شعبن مان هڪ آهي. هن سال مارچ ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم جي ڪاميابي سان نيلامي ڪئي وئي آهي جنهن کي دنيا جي سڀ کان وڏي اسپيڪٽرم نيلامين ۾ شمار ڪيو پيو وڃي. ان جي وسيلي 5 شهرن ۾ فائيو جي سروس شروع ٿي چڪي آهي. حڪومت رائيٽ آف وي چارجز کي ختم ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 2024ع جي 20 لک گهرن جي ڀيٽ ۾ 50 لک گهرن ۾ فائبر لائينز دستياب آهن ۽ ٽيليڪام ٽاورز فائبري سيشن 14 سيڪڙو مان وڌي 18 سيڪڙو ٿي وئي آهي. حڪومت پاڪستان جي پهرين نيشنل آرٽيفيشل انٽيليجنس پاليسي جي منظوري ڏني. گذريل هڪ سال ۾ 10 لک جي لڳ ڀڳ پاڪستاني نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي مهارتن جي تربيت ڏني وئي. ڊيجيٽل نيشنل پاڪستان ايڪٽ تحت اسان ملڪ ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جو قانوني بنيادي رکي ڇڏيو آهي. ان تحت نيشنل ڊيجيٽل آءِ ٽي، نيشنل ڊيٽا ايڪسچينج ليئر ۽ اوپن ڊيٽا ايڪو سسٽم جهڙا منصوبا شروع ٿي چڪا آهن. مرڪزي حڪومت عدالتي نظام ۽ پارليامينٽ به ڊيجيٽل تبديلي جي سفر تي گامزن آهي. هن چيو ته اهو رڳو ٽيڪنالاجي جو استعمال نه آهي پر رياست ۽ شهري جي وچ ۾ رشتي کي شفاف ۽ فعال تر بڻائڻ جي ڪوشش آهي. قرض مئنيجمينٽ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته 2023ع ۾ اسان جو ملڪي قرض جي ڊي پي جي 75 سيڪڙو جي برابر هو جيڪو گذريل مالي سال ۾ گهٽ ٿي 70.7 سيڪڙو ۽ هن سال وڌيڪ گهٽ ٿي اٽڪل 68.5 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي. اها اڳڀرائي هڪ منظم، وچولي مدي جي قرضي انتظامي حڪمت عملي تي عملدرآمد جو نتيجو آهي. گذريل ٻن سالن ۾ حڪومت 4900 ارب رپين جو قرض وقت کان اڳ واپس ڪيو يا سستي قرض سان تبديل ڪندي پنهنجو بار گهٽ ڪيو آهي. اسان سيڙپڪارن ۽ مصنوعات جي ڊائيورسي فڪيشن کي خاص ترجيح ڏني. خاص طور تي انشورنس سيڪٽر لاءِ ڊگهي مدي لاءِ زيرو ڪوپن بانڊ جاري ڪيو ۽ شرعي اصولن موجب فنانسنگ جو حصو وڌايو ويو آهي جڏهن ته عالمي سطح تي مختلف بانڊز جاري ڪرڻ وسيلي سيڙپڪاري جي بنيادن کي سگهه ڏني وئي آهي. اسان جي مقامي قرضن جو پختي ٿيڻ جو مجموعي وقت 2024ع ۾ 2.8 سال هو جيڪو هاڻي مئي 2026ع ۾ وڌي 3.8 سال ٿي ويو آهي جنهن سان ان قرض جي ري فنانسنگ رسڪ ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي. ٽيليڪام ڪمپنين جي ڊيجيٽل ويلٽ وسيلي عوام کي حڪومتي بانڊز ۾ سڌوسنئون سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي. انهن قدمن جو مقصد اهو آهي ته ملڪي قرض ايندڙ سالن ۾ نه رڳو گهٽ ٿئي پر وڌيڪ معقول، سستو ۽ وڌيڪ مستحڪم بنيادن تي هلي. ايس آءِ ايف سي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته هاڻي آئون خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جو هڪ اهم ٿنڀ بڻجي چڪو آهي. گذريل هڪ سال ۾ ايس آءِ ايف سي 12 مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي مقامي ۽ عالمي سيڙپڪاري جي منصوبن کي سهولت فراهم ڪئي، انهن قدمن جا ٺوس نتيجا حاصل آهن. آئون ٻن ٽن مثالن جي ذريعي ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار تي روشني وجهڻ چاهيندس. ان ۾ سڀ کان پهرين پاڪستان اسٽيل ملز جي 6860 ايڪڙ ايراضي کي هڪ خصوصي اقتصادي زون طور فعال ڪرڻ آهي. هي منصوبو ملڪ ۾معاشي سرگرمين ۾ اضافو ڪندو. ٿر ڪول ريلوي منصوبو به ايس آءِ ايف سي جي اهميت جو واضح ثبوت آهي. پاڪستان ريلويز ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل مالي مدد سان شروع ڪيل ان منصوبي سان مقامي توانائي جي ذخيرن کي قومي چرپر جي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو وڏو قدم ويئر هائوسنگ جي شعبي کي باقاعده طور تي صنعت جو درجو ڏيڻ آهي. انهن قدمن سان سپلاءِ چين جي لاڳت ٿيندي ۽ ڪيترن ئي شعبن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته هي بجيٽ هڪ واضح ۽ بامقصد حڪمت عملي تحت جوڙي وئي آهي. بجيٽ جي سڀ کان اهم ترجيح ملڪ ۾ پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ اسان برآمدي صنعتن کي ٽيڪس مراعتون ڏئي رهيا آهيون ۽ ايڪسپورٽ فنانس اسڪيم وسيلي روانگي واپارين جي لاءِ وسيلا فراهم ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان جا روانگي واپاري عالمي منڊين ۾ وڌيڪ موثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهن. برآمدات ۾ اضافو اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم ڪندو، روزگار پيدا ڪندو ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندو. زراعت اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، اسان زراعت جي فروغ ۽ آبادگارن کي آسان قرضن جي فراهمي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. اهڙي طرح انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي وڌيڪ ترقي اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آئون واضح ڪندو هلان ته ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي اسان جي اهم ترجيح آهي. ان حوالي سان اڳتي وڌڻ جو واحد رستو اهڙي ڪاروباري ماحول جي فراهمي آهي جنهن ۾ نجي شعبو وڌي ويجهي، ملڪ ۾ ڪاروبار کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين. اسان کي وڏي اميد آهي ته نجي شعبي خاص طور تي صنعتي شعبي جي فروغ سان ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي بهتر ٿيندي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن بجيٽ جي هڪ ٻي اهم ترجيح ايندڙ سال ٽيڪسن جي بار ۾ اضافي جي بدران ٽيڪس ڪمپلائنس ۽ انفورسمنٽ وسيلي آمدني کي وڌائڻ آهي، ان حوالي سان نه رڳو اسان جديد ڪمپلائنس ۽ انفورسمنٽ جي نظام جي استعمال ۾ توسيع ڪري رهيا آهيون پر ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ پڻ جاري آهي. جنهن جا تفصيل اڳتي ٻڌايا ويندا. هن چيو ته خطي جي غيريقيني واري صورتحال ۽ ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ دفاعي شعبي جي بجيٽ ۾ چڱو اضافو ڪيو ويو آهي. بجيٽ 27 – 2026ع جي اهم ترجيح نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ ضروري وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهن ۽ ملڪي ترقي ۾ حصو وجهي سگهن. ملڪ جي گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وسيلي وسيلن جي فراهمي ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. اهڙي طرح دانش اسڪول نيٽ ورڪ کي به توسيع ڏني پئي وڃي ته جيئن ڪو به ذهين ٻار وسيلن جي کوٽ سبب تعليم کان محروم نه رهجي وڃي. بجيٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ به چڱي رقم رکي وئي آهي ته جيئن اتي به عوامي سهولتن جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته هاڻي آئون مالي سال 27 – 2026ع جي بجيٽ جون خصوصيتون پيش ڪندس. مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ اقتصادي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. ناڻي واڌ جي سراسري شرح 8.2 سيڪڙو جي اميد آهي، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جي 3.6 سيڪڙو جڏهن ته پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو هوندو. ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 15264 ارب رپيا آهي جيڪو هلندڙ مالي سال جي 17.6 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. وفاقي اوڳاڙين ۾ صوبن جو حصو 8848 ارب رپيا هوندو. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن ڪجهه قومي گهرجن کي گڏيل طور تي پورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئين انتظام تي اتفاق ڪيو آهي. جنهن جا مثبت اثر ملڪي سطح تي پوندا. اهو انتظام تعاون تي ٻڌل وفاقيت جي جذبي تحت ۽ صوبائي حڪومتن جي آئيني حقن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ طئي ٿيو آهي. ان انتظام تحت وفاقي قابل ورڇ پول مان صوبائي حڪومتن جو حصو دستور موجب ستين قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ موجب رهندو. مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران اوڳاڙين جي متوقع وصولي 15264 ارب رپيا آهي تنهن هوندي به اسٽريٽجڪ قومي گهرجن کي نظر ۾ رکندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ورڇ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 13350 ارب رپين جي رقم محفوظ رکي وئي آهي. 13350 ارب رپين مان 15264 ارب رپين تائين وصول ٿيندڙ رقم وفاقي حڪومت کي پاڪستان جي آئين 1973ع جي آرٽيڪل 164 تحت صوبائي حڪومتن طرفان گرانٽس جي صورت ۾ قومي اسٽريٽجڪ گهرجن جي تڪميل جي لاءِ دستياب هوندي. هي انتظام مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ لاڳو ٿيندو ۽ مالي سال 28 – 2027ع ۽ 29 – 2028ع جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مشاورت سان انهي نوعيت جي بنياد تي ان جي تجديد ڪئي ويندي. وفاقي نان ٽيڪس روينيو جو هدف 5336 ارب رپيا هوندو، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11751 ارب رپيا هوندي. وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو ڪاٿو 18771 ارب رپيا آهي جنهن ۾ 8054 ارب رپيا وياج جي ادائيگي لاءِ مختص هوندا. وفاق جي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام جي لاءِ هڪ هزار ارب رپين جي بجيٽ مخصوص ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت جي جاري خرچن جو ڪاٿو 17495 ارب رپيا آهي. ملڪي دفاع حڪومت جي اهم ترين ترجيح آهي، ان قومي فرض جي لاءِ 3 هزار ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. سول انتظاميا جي خرچن جي لاءِ 1071 ارب رپيا مخصوص ڪيا پيا وڃن. پينشن جي خرچن جي لاءِ 1169 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. بجلي ۽ ٻين شعبن جي لاءِ سبسڊي طور تي 1091 ارب رپين جي رقم مخصوص ڪئي پئي وڃي. گرانٽس جي مد ۾ 2680 ارب رپيا مخصوص ڪيا پيا وڃن جيڪي بي آءِ ايس پي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ آهن. وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ 71 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم جي توسيع جي لاءِ 88 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. جنهن سان روانگي واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. حڪومت بي آءِ ايس پي جي فليگ شپ انيشي ايٽو جي ڪوريج وڌائڻ جو ارادو رکي ٿي. ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪفالت پروگرام کي هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن تائين پهچايو ويندو. تعليمي وظيفن واري پروگرام کي وڌيڪ سگهه ڏني پئي وڃي ته جيئن اٽڪل 92 لک ٻارن کي فائدو پهچائي سگهجي. ايندڙ مالي سال ۾ بي آءِ ايس پي جي لاءِ 838 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهن. جاري خرچن مان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ 146 ارب رپيا، گلگت بلتستان جي لاءِ 88 ارب رپيا ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 95 ارب رپيا رکيڻ جي تجويز آهي. هاڻي آئون هن ايوان آڏو ايندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام جا تفصيل پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. هي پروگرام حڪومتي سيڙپڪاري جو اهو اوزار آهي جنهن جي ذريعي اسان ملڪي ۽غيرملڪي وسيلن کي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻيون ٿا. 10 جون 2026ع تي منعقد نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي اجلاس ۾ مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ قومي ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏني وئي، جنهن جو ڪاٿو 3675 اربر پيا آهي. ان ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي لاءِ هڪ هزار ارب رپيا، صوبائي ترقياتي پروگرامن جي لاءِ 2224 ارب رپيا ۽ رياستي ملڪيتي ادارن پاران سيڙپڪاري جي لاءِ 451 ارب رپيا شامل آهن. اها 18هين آئيني ترميم کانپوءِ فرضن جي نئين ورڇ جي عڪاس آهي جنهن تحت سماجي شعبي جي ذميواري وڏي حد تائين صوبن کي منتقل ٿي چڪي آهي جڏهن ته وفاق خاص طور تي قومي اهميت جي اسٽريٽجڪ منصوبن تي ڌيان رکي ٿو. وفاقي ترقياتي پروگرام جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو اهم شعبن بشمول ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪشن، پاڻي وسيلن ۽ توانائي تي مرڪوز آهي جڏهن ته باقي حصو آءِ ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت، صحت ۽ تعليم سميت ٻين اهم شعبن ۾ ورهايو ويو آهي. اهي سمورا منصوبا “اڏار پاڪستان” ۽ فائيو ايز تي ٻڌل نيشنل اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پلان سان هم آهنگ آهن. هاڻي آئون انهن شعبن جا تفصيل پيش ڪريان ٿو. رستن، ريل ۽ بندرگاهن جي ترقي اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي. وفاقي ترقياتي پروگرام 27 – 2026ع ۾ چرپر جي بنيادي ڍانچي جي بهتري جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ 365 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان ۾ ڪراچي کي چمن سان ڳنڍيندڙ بلوچستان جو اهم رستو اين – 25 پاڪستان ايڪسپريس وي کي ٻڻ ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ 100 ارب رپين جي رقم سرفهرست آهي. اهڙي طرح اتر – ڏکڻ موٽروي نيٽ ورڪ جي تڪميل جي لاءِ ايم – 6 (سکر – حيدرآباد موٽروي) تي 30 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي جڏهن ته اي ڊي بي جي نئين فنانسنگ سان ايم ايل ون جي ڪراچي – روهڙي سيڪشن تي ڪم ايندڙ مالي سال کان شروع ٿيندو، جنهن جي لاءِ 25 اربر پيا رکيا ويا آهن. ٿر ڪول ڳنڍڻ واري منصوبي جي لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هي اهو منصوبو آهي جيڪو اسان جي مقامي توانائي جي ذخيرن کي قومي چرپر جي نظام سان ڳنڍيندو. ان کانسواءِ گوادر بندرگاهه جي بنيادي ڍانچي ۽ چئني صوبن ۾ ٽرانسپورٽ جي منصوبن لاءِ 93 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ تيز تر چرپر جا ذريعا دستياب ٿي سگهن. توانائي ۽ بجلي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سستي، اعتماد جوڳي ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي هن حڪومت جو عزم ۽ معيشت جي بنيادي ضرورت آهي. وفاقي ترقياتي پروگرام 27 – 2026ع ۾ بجلي جي شعبي لاءِ 116.2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ان ۾ اهم هائيڊرو پاور منصوبن جهڙوڪ داسو هائيڊرو پاور منصوبو، تربيلا ڊيم جي پنجين توسيع ۽ مهمند هائيڊرو پاور منصوبا شامل آهن. بجلي جي پهچ جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سيٽ ڪام ۽ بيٽري اسٽوريج جهڙن جديد نظامن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ترتيبوار 10.2 ۽ 3 ارب رپيا شامل آهن. صنعتي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ بجلي جي فراهمي کي ترجيح ڏني وئي آهي. صاف ۽ قابل تجديد توانائي جي 09 منصوبن جي لاءِ واپڊا کي50.2 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي 8 هائيڊرو پاور منصوبن جي لاءِ 13.1 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. جڏهن ته واپڊا ۽ نيشنل گرڊ پنهنجي انفرادي وسيلن مان 158 ارب رپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪندا. ناڻي واري وفاقي وزير پاڻي وسيلن جي حوالي سان چيو ته پاڪستان کي پاڻي جا ڪيترائي سنگين چئلينج درپيش آهن جنهن ۾ ذخيرن جي گهٽ ٿيندڙ صلاحيت ۽ موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ ٻوڏ، گذريل سال درياهن مان ايندڙ ٻوڏ اسان جي معيشت کي 822 ارب رپين جو نقصان ڏنو، اهو نقصان اسان کي ان شعبي ۾ منظم سيڙپڪاري جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪري ٿو. ان جي لاءِ وفاقي بجيٽ 27 – 2026ع ۾ 43 پاڻي منصوبن جي لاءِ 103.1 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. سڀ کان اهم منصوبن ۾ ديامير ڀاشا ڊيم جي لاءِ 14 ارب، مهمند ڊيم جي لاءِ 22 ارب رپيا، داسو هائيڊرو پاور جي لاءِ 15 ارب رپيا ۽ ڪراچي جي وڏي واٽر سپلاءِ منصوبي ڪي فور جي لاءِ 10 ارب رپيا شامل آهن. اڏاوتن ۽ ٻي منصوبابندي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي شهري آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي. 2035ع تائين اسان جي اٽڪل اڌ ملڪي آبادي شهري علائقن ۾ رهندڙ هوندي. شهري مرڪز اسان جي معيشت جو اٽڪل 55 سيڪڙو حصو آهن ۽ 80 لک کان وڌيڪ ملازمتون فراهم ڪن ٿا. وفاقي ترقياتي بجيٽ 27 – 2026ع ۾ سسٽين ايبل اربن ڊيولپمينٽ ۽ هائوسنگ جي شعبي لاءِ 14.6 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. ان مختصر رقم وسيلي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي هڪ لک 50 هزار سستا ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيندڙ رهائشي گهر تعمير ڪيا ويندا. 10 وڏن شهرن جي لاءِ ڊيجيٽل ماسٽر پلان تيار ڪيا ويندا ۽ شهري پاڻي ۽ صفائي جي فراهمي ۾ واضح بهتري آندي ويندي. اهي منصوبا انهن قدمن کان جدا آهن جن جو ذڪر آئون پهرين ڪري چڪو آهيان. انهن ٻنهي جي ڳانڍاپي سان هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي ۾ واضح ۽ ڏورس مثبت تبديليون رونما ٿينديون. صنعت ۽ پيداوار جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته صنعتي ترقي ۽ برآمدي چٽاڀيٽي جي رفتار وڌائڻ جي لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام 27 – 2026ع ۾ صنعت ۽ واپار جي لاءِ اٽڪل 6.6 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. ان جو سڀ کان وڏو حصو ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي بلاڪ اي جي تعمير ۽ ترقي تي خرچ ٿي رهيو آهي. ڪراچي، لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ صنعتي ڊيزائننگ ۽ آٽوميشن جا مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. سيالڪوٽ ۾ ڊينٽل ۽ سرجيڪل اوزارن جي سپورٽ سينٽر وسيلي اسان پنهنجي برآمدي صنعتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙي طرح سميڊا تحت ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ هڪ هزار انڊسٽريل اسٽچنگ يونٽس جي ٻئي مرحلي جي توسيع ٿي رهي آهي جنهن سان اضافي برآمدات ۽ ملازمتن جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. صحت جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته عوامي صحت جي سارسنڀال اسان جي اهم قومي ترجيح آهي. وفاقي ترقياتي پروگرام 27 – 2026ع ۾ صحت جي منصوبن لاءِ 25.1 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. ان ۾ شروعاتي هيلٿ ڪيئر جي سهولت جي توسيع، هنگامي ۽ سخت نگهداشت جي مضبوطي، ڪينسر جي علاج جي سهولتن ۾ سگهه، بيمارين جي نگراني جي جامع نظام ۽ سڃاڻپ ۽ ريگيوليٽري ڍانچي جي جديدڪاري شامل آهن. اعلى تعليم ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اعلى تعليم ۽ تحقيق اسان جي معاشي ۽ سماجي واڌ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. وفاقي ترقياتي پروگرام 27 – 2026ع ۾ اعلى تعليم جي شعبي لاءِ 46 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي 34.9 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ هڪ چڱو اضافو آهن. ان سان مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ وظيفن جي فراهمي، يونيورسٽين جي کوجنا جي صلاحيتن ۾ اضافي، پاڪستان ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ نيٽ ورڪ جي اپ گريڊيشن جي ذريعي ڊيجيٽل لرننگ جو فروغ ۽ اي آءِ تي ٻڌل تعليمي نظام جو فروغ شامل آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي لاءِ جدا 3.6 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جنهن سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ايس ايم ايز قابل تجديد توانائي، اليڪٽرانڪ، زراعت ۽ صحت وغيره جي ٽيڪنالاجي کي فروغ ملندو. بنيادي تعليم، ڪاليج تعليم ۽ هنر جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته تعليم جا موقعا معاشري جي محروم طبقن تائين پهچڻ گهرجن ۽ ان ويزن جو سڀ کان روشن مثال دانش اسڪولز آهن. اهي اسڪولز سڄي ملڪ جي باصلاحيت پر وسيلن کان محروم ٻارن کي اعلى معياري تعليم فراهم ڪري رهيا آهن. وفاقي ترقياتي بجيٽ 27 – 2026ع ۾ دانش اسڪولن جي لاءِ اٽڪل 22 ارب رپيا رکيا ويا آهن. مجموعي طور تي اسڪول ۽ ڪاليجن جي تعمير لاءِ 26.3 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن جنهن ۾ استادن جي تربيت، اسڪولن ۾ داخلا جو انگ وڌائڻ، ارلي چائلڊ هُڊ ايجوڪيشن جي واڌ ۽ ڊيجيٽل لرننگ جو فروغ شامل آهي. اهڙي طرح نوجوانن جي هنرمندي ۽ روزگار جي لاءِ نيوٽيڪ وسيلي وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام تحت 7.9 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن ته جيئن هر پاڪستاني نوجوان جي هٿ ۾ اهو هنر هجي جيڪو ان کي 21هين صديءَ جي معيشت ۾ قدم رکڻ جي قابل بڻائي سگهي. گورننس ۽ اداراجاتي سڌارن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ عام شهري کي ان جي اڱڻ تائين خدمتون پهچائڻ هڪ اهم ترجيح آهي. وفاقي ترقياتي بجيٽ 27 – 2026ع ۾ گورننس جي شعبي لاءِ 13 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي سول سروس، انصاف، پوليس ۽ ريگيوليٽري سڌارن ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڊيجيٽل گورننس جي توسيع جي لاءِ ڪتب آندا ويندا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ضم ٿيل ضلعن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته گهٽ ترقي يافته علائقا ۽ خطا اسان جي خصوصي ڌيان جا گهرجائو آهن. وفاقي ترقياتي بجيٽ 27 – 2026ع ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ مجموعي طور تي 144.9 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ 45 ارب رپيا، گلگت بلتستان جي لاءِ 44 ارب رپيا ۽ خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 56 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ وزيراعظم جي خصوصي پئڪيج جي طور تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ 5 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ 4 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مون هن ايوان آڏو حڪومت جي خرچن جون ترجيحون بيان ڪيون آهن. هاڻي آئون ٽيڪس قدمن جو ذڪر ڪندس. آئون ٽيڪس تجويزون ٽن حصن ۾ پيش ڪندس. پهرين حصي ۾ ريليف قدم، پوءِ ٽيڪس ريشنلائيزيشن جا قدم ۽ آخر ۾ ايف بي آر جي اهم ترين قدم نيو آپريٽنگ ماڊل جو ذڪر ڪندس. انڪم ٽيڪس ريليف جي قدمن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت سرڪاري ۽ نجي پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن جي حوالي سان آگاهه آهي. وزيراعظم جي هدايت تي اڄ مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان جي حڪومت آمدني جي چئن سليبس جي پگهاردار ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ جيڪي پگهاردار 22 کان 32 لک رپين جي وچ ۾ ساليانو ڪمائين ٿا انهن جي ٽيڪس شرح 23 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. 32 کان 41 لک رپين جي وچ ۾ ڪمائيندڙ پگهاردار طبقي جي لاءِ ٽيڪس جي شرح 30 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. 41 کان 56 لک رپيا آمدني وارن جي لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 29 سيڪڙو جي تجويز آهي. اهڙي طرح 56 لک کان 70 لک رپين تائين پگهاردار طبقي جي لاءِ ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 32 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. هن چيو ته پگهار تي لاڳو ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي کانسواءِ اسان هڪ ٻيو اهم ريليف قدم کڻندي پگهاردار طبقي تي لاڳو سرچارج کي به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هي هڪ پراڻو مطالبو هو ۽ حڪومت کي به ان ڳالهه جو احساس هو ان لاءِ اسان گذريل بجيٽ ۾ ان سرچارج جي شرح کي 10 سيڪڙو کان 9 سيڪڙو ڪيو ۽ هاڻي ان سرچارج کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. انهن قدمن سان وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. سپر ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان جي حڪومت ڪاروبار مان 15 ڪروڙ رپين کان 50 ڪروڙ رپين تائين جي آمدني تي 6 سليبس تي لاڳو سپر ٽيڪس جيڪو هڪ سيڪڙو کان وٺي ساڍا 7 سيڪڙو جي سطح تي هو کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي طرح 50 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 8 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. اهڙن قدمن جو مقصد ننڍي ڪاروبار ۽ صنعتن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. تنهن هوندي به بئنڪن، تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين ۽ ڀاڻ جي ڪمپنين تي موجوده سرچارج برقرار رهندو. تعميرات جي شعبي جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ روزگار جا موقعا پيدا ۽ صنعتي ترقي جو ڦيٿو تيز ڪرڻ ۾ اڏاوتن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به شعبو نه آهي، جڏهن اڏاوتن جو شعبو ترقي ڪري ٿو ته سيمنٽ، لوهه، شيشي، ڪاٺ، رنگ روغن، ٽائيلز، هارڊ ويئر ۽ 40 کان وڌيڪ صنعتن جي ترقي ٿئي ٿي. جائيداد جي منتقلي تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس کي مناسب بڻائيندي فائيلرز جي لاءِ خريداري تي ٽيڪس 2.5 سيڪڙو کان 1.25 سيڪڙو ۽ وڪري تي 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2.75 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. اسان کي اميد آهي ته انهن قدمن سان اڏاوتن جون سرگرميون زور وٺنديون ۽ اڏاوتن جو شعبو وڌندو ويجهندو. برآمدي شعبي جي لاءِ ريليف جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڊيجيٽل معيشت پاڪستان جو سڀ کان تيزي سان وڌندڙ برآمدي شعبو آهي. پاڪستان جو آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل خدمتن جو شعبو اسان جي فري لانسرز، سافٽ ويئر هائوسز ۽ ڊيجيٽل ايڪسپورٽرز اسان جو اثاثو آهن. آءِ ٽي روانگي واپار جي آمدني تي 0.25 سيڪڙو ايف ٽي آر جي رعايت 30 جون 2026ع تي ختم ٿيڻ واري هئي، وزيراعظم ان شعبي جي ترقي ۾ دلچسپي ۽ حڪومت جي محنت سان پيدا ٿيل مالي گنجائش جي ڪري ان رعايتي نظام کي وڌيڪ ٽن سالن جي لاءِ يعني 30 جون 2029ع تائين جاري رکڻ جي تجويز آهي. انهن قدمن سان اسان جي آءِ ٽي جو روانگي واپار وڌندو ۽ نوجوانن کي ان شعبي طرف متوجهه ڪرڻ کي هٿي ملندي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ايڪسپورٽ سيڪٽر اسان جي معيشت جي واڌويجهه جي ضمانت بڻجندڙ مٽاسٽا جي ناڻي کي حاصل ڪرڻ جو هڪ وڏو ذريعو آهي. هن وقت ايڪسپورٽ تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس جي مد ۾ مجموعي طور تي 2 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي جنهن کي گهٽ ڪري 1.25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس جي مد ۾ هوندو. ڪريڊٽ، ڊيبٽ ڪارڊ جي عالمي ٽرانزيڪشن تي لاڳو ود هولڊ ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت ملڪ ۾ بئنڪن جي جاري ڪيل ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ جي ٻاهرئين ملڪ استعمال تي ٽرانزيڪشن تي 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو، ان ٽيڪس جي ڪري رقم جي منتقلي جي لاءِ غيرروايتي ذريعن جي استعمال جو رجحان وڌي رهيو آهي جنهن جي حوصلا شڪني جي لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس جي ان شرح کي 0.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي ته جيئن ان کي معمول جي مالياتي منتقلي جي سطح تي آڻي سگهجي ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جي حڪومتي ڪوششن کي هٿي ملي سگهي. غيرملڪي اثاثن تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس جي خاتمي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته غيرملڪي اثاثا رکڻ تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. هي ٽيڪس غيرملڪي اثاثا ظاهر ڪرڻ جي حوصلا شڪني جو سبب بڻجي رهيو هو، جيڪو ان ٽيڪس جي بنيادي مقصد جي خلاف هو. ظاهر ٿيندڙ اثاثو آهي هڪ دستاويزي اثاثو آهي جنهن تي ٽيڪس لاڳو هوندو آهي، ان ٽيڪس کي ختم ڪرڻ سان پاڪستانين کي پنهنجي غيرملڪي مالياتي حيثيت رڪارڊ تي آڻڻ جي حوصلا افزائي ٿيندي، جنهن سان ڪمپلائنس دستاويز ۽ اضافي روينيو حاصل ٿيڻ ممڪن بڻجندو. عورتن جي صحت لاءِ ضروري شين تي ٽيڪس جي خاتمي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته عورتن جي صحت لاءِ ضروري شيون مثال طور سينيٽري پيڊز ۽ لاڳاپيل شيون روزاني جي زندگي جون ضرورتون آهن جيڪي عورتن جي صحت، وقار ۽ معاشرتي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت جي لاءِ لازمي آهن. ان جي لاءِ سينيٽري پيڊز ۽ لاڳاپيل شين تي ٽيڪس جي خاتمي جي تجويز آهي. خانداني منصوبابندي جي قدمن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ان سان لاڳاپيل ٻين قدمن ڪنٽراسپيٽوز تي ٽيڪس جي خاتمي جي حوالي سان آهي، پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي. آبادي ۾ اضافي جي رفتار ڳڻتي جوڳي آهي ۽ خانداني منصوبابندي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ان جي لاءِ اسان ڪنٽراسيپٽوز تي لاڳو ٽيڪس مڪمل طور تي ختم ڪري رهيا آهيون. انڪم ٽيڪس جي روينيو قدمن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون هن بجيٽ ۾ اٿاريل روينيو قدمن جو ذڪر ڪندس. ٽيڪس جي دائره ڪار ۾ سگهه ۽ ننڍن دڪاندارن جي لاءِ فڪسڊ ٽيڪس بابت اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسان پاڪستان جي ريٽيليز دستاويزن کي معيشت جو حصو بڻائڻ جون ڪوششون ڪندا آيا آهيون، ننڍا دڪاندار پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن کي ملازمتون فراهم ڪن ٿا ۽ ڪراچي کان ويندي چترال تائين هر گهٽيءَ ۽ بازار جي واپاري سرگرمين جو اهم حصو آهن. ننڍن دڪاندارن جي اڪثريت اڃا تائين ٽيڪس نظام کان ٻاهر آهي. هن چيو ته هن سال اسان پنهنجي حڪمت عملي کي تبديل ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ ننڍن دڪاندارن ۽ انهن جي نمائندن سان مشاورت ڪئي، انهن سان گڏجي ويٺاسين، انهن جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ ان ڀرپور مشاورت کانپوءِ دڪاندار طبقي جي مطالبي تي اسان هڪ اهڙو منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ انتظامي سهولتن بدران دڪاندارن جي حقيقي خدشن کي مٿي رکيو ويو آهي. هن چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي شق 99 – بي تحت ننڍن دڪاندارن جي لاءِ فڪسڊ ٽيڪس متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي. ان سسٽم ۾ اهي دڪاندار اچي سگهن ٿا جن جو ساليانو وڪرو 20 ڪروڙ رپيا يا ان کان گهٽ آهي، اهي ان نظام تحت پنهنجي سالياني وڪري جو هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا. ان ٽيڪس ۾ هو پنهنجو ود هولڊنگ ٽيڪس ايڊجسٽ ڪرائي سگهندا پر گوشوارا جمع ڪرائڻ وقت انهن کي گهٽ ۾ گهٽث 25 هزار رپيا جمع ڪرائڻا پوندا، روزمره ۾ ڪا به آڊٽ نه ٿيندي، خريداري تي ود هولڊنگ جي ڪا به ذميواري نه هوندي ۽ انهن کي پي او ايس مشين رکڻ کان ڇوٽ حاصل هوندي. جيڪو دڪاندار فڪسڊ ٽيڪس سسٽم جي چونڊ ڪندو، ان کي سائي رنگ جي هڪ تختيءَ ڏني ويندي جنهن تي هڪ تصديقي ڪيو آر ڪوڊ لڳل هوندو، جيڪا انهن دڪانن تي لڳل هوندي، ان تختي جي موجودگي ۾ ايف بي آر اهلڪارن کي پڇاڳاڇا جي لاءِ دڪان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. ان اسڪيم تحت هڪ سادو ۽ هڪ صفحي جو ٽيڪس گوشوارو هوندو جيڪو اردو کانسواءِ سڀني مقامي زبانن ۾ دستياب هوندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح گذريل 70 سالن کان جامد جرمانن جي رقم کي انفليشن موجب ايڊجسٽ ڪيو پيو وڃي ۽ ڊيجيٽل انٽيگريشن جي خلاف ورزين تي به ڏنڊ هڻڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آئون اهو واضح ڪري ڇڏڻ چاهيان ٿو ته ان قدم جو مقصد روينيو وڌائڻ نه آهي پر ان جو اصل هدف احتساب آهي. هي قدم ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته هاڻي ٽيڪس چوڌري آسان ناهي رهي، سيلز ٽيڪس جي ٿرڊ شيڊيول جي دائره ڪار ۾ واڌ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سيلز ٽيڪس ايڪٽ ۾ ٿرڊ شيڊيول جي دائره ڪار ۾ واڌارو ڪيو پيو وڃي ۽ ان ۾ فاسٽ موونگ ڪنزيومر گُڊز جي ڪيٽيگري کي شامل ڪيو پيو وڃي. ملندڙ جلندڙ يا هڪ جهڙين شين کي انهن جي درجابندي جي بنياد تي مختلف شرحن سان ٽيڪس لڳايو ويندو رهيو آهي جنهن جي ڪري انڊر انوائسنگ ۽ شين جي غلط درجابندي جو رجحان وڌيو، انهن خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان درجابنديءَ ۾ شين کي ٽيڪس ريٽ کي مناسب ڪرڻ جي تجويز آهي. غيررجسٽرڊ ماڻهن کان خريداري ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس جي دائره ڪار ۾ سگهه جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته موجوده قانون تحت جيڪڏهن ڪا ڪمپني ڪنهن غيررجسٽرڊ سپلائير کان سامان خريد ڪري ٿي ته رقم جي ادائيگي وقت سپلائير کان ود هولڊنگ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو آهي. تجويز آهي ته هاڻي فرد ۽ اي او پي ايس به جيڪڏهن ڪنهن غيررجسٽرڊ سپلائير کان سامان خريد ڪندا ته رقم جي ادائيگي جي وقت ود هولڊنگ ٽيڪس ادا ڪيو ويندو ته جيئن سڀئي غيررجسٽرڊ سپلائيرز پاڻ کي سيلز ٽيڪس جي قانون ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ کي ترجيح ڏين. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون ايف بي آر جي نئين ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل جا تفصيل ايوان جي سامهون رکڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته اسان ان ماڊل تحت هڪ دي نيشنل فيس ليس سينٽر اينڊ اسيسمنٽ سسٽم بڻائڻ وڃي رهيا آهيون جيڪو صوابديدي ۽ غيرصوابديدي افعال کي هڪٻئي کان جدا ڪندو. ان مرڪز ۾ موجود فيس ليس ونگ وٽ صوابديدي اختيار جهڙوڪ آڊٽ، اسيسمنٽ ۽ ڪوالٽي ڪنٽرول هوندو، جڏهن ته فيلڊ آپريشن ونگ ويريفڪيشن، رجسٽريشن ۽ ريڪوري جو ذميوار هوندو ۽ ڪو به صوابديدي اختيار نه رکندو، انهن ٻنهي آفيسن جي بنيادي فرق اسٽرڪچر ۽ قانوني نوعيت جو هوندو. هي فرق انتظامي معاملن يا عارضي قدمن سان ختم نه ڪري سگهبو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مرڪزي ونگ ۾ سمورن آڊٽ ۽ اسيسمنٽ جي ڪارروائي دوران ٽيڪس ڏيندڙ ۽ ٽيڪس آفيسر جي وچ ۾ ڪو به رابطو نه هوندو. سنگل بلائنڊ موڊ ۾ آفيسر جي سڃاڻپ ٽيڪس ڏيندڙ کان ڳجهي رکي ويندي. ڊبل بلائنڊ موڊ ۾ ان کانپوءِ ٽيڪس ڏيندڙ جي سڃاڻپ به آفيسر کان ڳجهي رکي ويندي. سڀئي پيغام ايف بي آر جي آءِ آر آءِ ايس پورٽل وسيلي ٿيندا. ٽيڪس ڏيندڙ ۽ ٽيڪس آفيسر جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به رابطو نه هوندو ۽ ان جي هڪ ٻي خوبي اها آهي ته آفيسر پاڻ ڪو ڪيس چونڊ نه ڪري سگهندو. خودڪار طريقيڪار تحت سسٽم رسڪ اسڪور جي بنياد تي ڪو به ڪيس آفيسر کي نه ڏئي سگهندو، آڊٽ رڳو ڊيٽا جي بنياد تي ٿيندي. اهڙي طرح فيس ليس نظام گذريل ڏيڍ سال کان ايف بي آر جي ڪسٽم ونگ ۾ آزمايوويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو امپورٽر کي سهولت ملي آهي پر ڪسٽم عملدارن سان منسوب ڪرپشن ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي. آئون اميد ڪريان ٿو ته انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس ۾ به انهن قدمن سان ڪرپشن ۾ وڏي گهٽتائي ايندي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته سڀ کان اهم تبديلي رڳو سڃاڻپ ڳجهو رکڻ نه آهي پر طريقيڪار ۾ به اختيارن کي الڳ ڪرڻ آهي. سسٽم ڪيس پاڻمرادو چونڊيندو. هڪ جدا آڊٽ يونٽ ان جو معائنو ڪندو. ڪوالٽي ڪنٽرول يونٽ جيڪو آڊيٽر کان بلڪل الڳ هوندو، هر آرڊر جي اشو ٿيڻ کان پهرين ان جو معائنو ڪندو، ٽيڪس ڊيمانڊ بلڪل مختلف، اسيسمنٽ فنڪشن جي ذميواري آهي. ريڪوري جا معاملا هڪ ٻيو حصو ڏسندو. ان پوري چين ۾ ڪو به هڪ آفيسر ڪنهن ڪيس تي شروع کان آخر تائين پڪڙ رکي نه سگهندو. هي رڳو انتظامي تبديلي نه آهي پر ڪرپشن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ اها ئي تبديلي پاڪستان جي ٽيڪس جي معاملن کي وڌيڪ شفاف ۽ آسان بڻائيندي. ناڻي واري وفاقي وزير الگوريٿمڪ سيٽلمينٽ، مڪينزم ۽ سينٽرل ڊيٽا حب جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ خودڪار مڪينزم متعارف ڪرائي رهيا آهيون، جنهن ۾ ٽيڪس ڏيندڙ جي درج ڪيل ڊيٽا ۽ ايف بي آر وٽ موجود مختلف ذريعن جي ڊيٽا ۾ جهول جي نشاندهي ڪئي ويندي. ان قدم سان روايتي آڊٽ جي طريقيڪار ۾ ٿيندڙ خرچن، دير ۽ پريشاني کي ختم ڪيو ويندو. جيئن ئي سسٽم کي ڪو جهول نظر ايندو ٽيڪس ڏيندڙ جي گذريل هسٽري جي بنياد تي جهول جي نوعيت جي لحاظ کان ۽ ڪارروائي جي مرحلي جي لحاظ کان سسٽم سيٽلمينٽ آفر طئي ڪندو ۽ ٽيڪس ڏيندڙ کي آءِ آر آءِ ايس پورٽل ذريعي آگاهي ڏني ويندي، جيڪو ٽيڪس ڏيندڙ ان آفر کي قبول ڪندو ۽ پنهنجا گوشوارا درست ڪندو ۽ سيٽلمينٽ جي رقم جمع ڪرائيندو ان جي ڪارروائي مڪمل تصور ڪئي ويندي. ان کانسواءِ ڪو به اضافي ڏنڊ لاڳو نه ڪيو ويندو. ڪا به انساني مداخلت نه هوندي ۽ اهو طريقو ٽيڪس ڏيندڙ ۽ ايف بي آر ٻنهي جي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. ٿرڊ پارٽي ڊيٽا ۽ ٽيڪس پيئر آئوٽ ريچ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ان سان گڏوگڏ ٿرڊ پارٽيز ايف بي آر سينٽرل ڊيٽا سان ٽرانزيڪشن جي ڊيٽا شيئر ڪندي رهندي، اها ڊيٽا آفيسرن جي نگراني ۾ مڪمل طور تي ڊيجيٽل سسٽم ۾ پراسيس ٿيندي. جائيداد جي رجسٽري جي ڊيٽا، گاڏين جي رجسٽري جي ڊيٽا، بئنڪ ڊيٽا ۽ يوٽيلٽي رڪارڊ کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ٽيڪس پيئر رسڪ پروفائيل تيار ڪرڻ جي شروعات ٿي وئي آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته ايف بي آر کي اهو اندازو لڳائڻ جي ضرورت نه آهي ته ڪير پنهنجا گوشوارا صحيح جمع نه پيو ڪرائي، ان کي ڳجهي معلومات يا شڪايت يا موقعي تي معائني ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي. ان کي صرف اهو ڏسڻو پوندو ته ڇا ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ ڊيٽا ۾ ڇا ظاهر ٿي رهيو آهي. پراڊڪشن مانيٽرنگ ۽ ڊيجيٽل انوائسنگ جو دائرو وڌائڻ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت ڪيترن ئي صنعتي شعبن ۾ ريئل ٽائيم پروڊڪشن مانيٽرنگ پروگرام فعال آهي ۽ ان جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هر ان شعبي کي پروڊڪشن مانيٽرنگ تحت آندو ويو جنهن جي روينيو پوٽينشل کي صحيح جانچي سگهجي ٿو ۽ جنهن جي غلط نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ ممڪن هجي. ڊيجيٽل انوائسنگ نيٽ ورڪ به پوري سپلاءِ چين ۾ اهڙي شفافيت جو سبب بڻجي رهيو آهي، جيڪو ان کان پهرين ٽيڪس سسٽم ۾ نه ڏٺي وئي هئي. ايندڙ سال انهن ٻنهي پروگرامن جو دائرو وڌيڪ شعبن تائين وڌايو ويندو. اهي قدم بنيادي اهميت رکندڙ ۽ ڪارآمد آهن، جن تي روينيو ۾ مضبوط اضافي جو دارومدار آهي. سيلز ٽيڪس ۽ سڌارن وارن قدمن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سيلز ٽيڪس جي سڌارن واري قدمن جي پس منظر ۾ اهي ئي اصول آهن جيڪي انڪم ٽيڪس سڌارن ۾ اختيار ڪيا ويا آهن. فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي قدمن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پهريون قدم جعلسازي جي خلاف آهي. اسان پيٽروليم بيسڊ سالوينٽس جن ۾ سفيد اسپرٽ، پيٽروليم نيفٿا ۽ منرل تارپين آئل شامل آهن تي 80 رپيا في ليٽر فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪري رهيا آهيون، اهي شيون پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي دائري کان ٻاهر اچن ٿيون پر انهن کي تيل ۾ ملاوٽ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان ملاوٽ جي ڪري هر سال لکين صارفين جون گاڏيون ۽ مشينري خراب ٿئي ٿي. ان جي ڪري تيل جي مصنوعات وڪرو ڪندڙ ايماندار واپارين کي اهڙن بدديانتدار واپارين سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو جيڪي ملاوٽ وارو تيل وڪرو ڪن ٿا. اسان جو ٻيو قدم معاشي بار کي ورهائڻ بابت آهي. اسان درآمد ٿيندڙ ڪارن ۽ 2000 سي سي کان وڏين ۽ 3000 سي سي تائين جي ايس يو وي ايس تي 62 سيڪڙو جي شرح سان فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪري رهيا آهيون. 3000 سي سي کان وڏين گاڏين تي 66 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو هوندي. اهو ٽيڪس وڏين انجڻن وارين درآمدي سي بي يو تي به لاڳو هوندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ ٻين ريليف قدمن تحت بزنس ڪلاس ۾ غيرملڪي سفر تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. هي مراعت يافته طبقي جي لاءِ ڪا رعايت نه آهي پر ان حقيقت جو اعتراف آهي ته پاڪستان پنهنجي معيشت کي گهربل سيڙپڪاري ۽ حصيداري جي لاءِ هڪ پرڪشش ملڪ بڻجي سگهي، جيڪو اسان جي اقتصادي پاليسي جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. ڪسٽمز جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آٽو سيڪٽر اسان جي معيشت جي اهم شعبن ۾ شمار ٿئي ٿو، ان اهم شعبن جي ترقي جي لاءِ گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ ترقياتي پاليسيون متعارف ڪرايون ويون آهن، جن سان انهن صنعتن کي فروغ مليو ۽ ملڪ ۾ او اي ايم ايس/ اسيمبلرز جو انگ وڌي 118 ٿي ويو. ان ۾ ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل، مسافر گاڏين ۽ ڪمرشل گاڏين جي مينوفيڪچرنگ شامل آهي. نئين مينوفيڪچرنگ پلانٽس ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ نمايان سيڙپڪاري ٿي آهي. جنهن سان ان شعبي ۾ چٽاڀيٽي وڌي آهي ۽ شعبي ۾ جدت آئي آهي. هن وقت هڪ نئين آٽو سيڪٽر پاليسي وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي جي غور هيٺ آهي، جنهن جا تفصيل وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پارليامينٽ آڏو پيش ڪيا ويندا پر ان شيءَ جو اعلان ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل، رڪشائن، گاڏين ۽ بسن تي موجود رعايتي نظام ايندڙ سال به برقرار رکندو. ان سلسلي ۾ درآمد ڪيل اليڪٽرڪ ٽرڪن تي به هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي سهولت فراهم ڪرڻ جي تجويز آهي. تنهن هوندي به حڪومت جي ڪوشش آهي ته انهن سهولتن سان انتهائي مهانگيون اليڪٽرڪ گاڏيون فائدو نه کڻي سگهن. صحت جي سهولت جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته صحت جي سهولتن جي منصفاڻي فراهمي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ اسان جي وابستگي اڻٿڪ آهي. ڪينسر جهڙي موذي مرض جي ڪري پاڪستاني خاندانن تي پوندڙ وڏي مالي ۽ جذباتي بار کي نظر ۾ رکندي اسان نيشنل ٽيرف پاليسي 30 – 2025ع تحت هڪ پوري پُني ۽ موثر علاج جي سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون. مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي حڪومت ڪينسر ۽ٻين بيمارين جي دوائن جي مقامي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ 100 کان وڌيڪ قسمن جي ڪچي تيل تي ڪسٽم ڊيوٽي مڪمل طور تي ختم ڪري رهي آهي. ان قدم جو مقصد سڄي ملڪ جي سڀني شهرين جي لاءِ جديد ۽ خصوصي علاج وڌيڪ آسان ۽ پهچ جوڳو بڻائڻ آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي حڪومت ملڪ جي صنعتن کي گلوبل ويليو چينز ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گذريل سال هڪ جامع نيشنل ٽيرف پاليسي جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪئي هئي. ٽيرف پاليسي بورڊ ٽيرف جي ڍانچي کي سادو بڻائڻ ۽ آهستي آهستي ٽيرف سسٽم طرف منتقلي جي حڪومتي عزم جي تسلسل ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان وڏي پئماني تي مشاورت کانپوءِ ڪچي مال ۽ لاڳاپيل شين جي هڪ وڏي انگ ۾ ڪسٽمز ڊيوٽي، اضافي ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي. ڊيوٽيز ۾ ان گهٽتائي سان برآمدي شعبي، ڪيميڪل شعبي ۽ خاص طور تي ننڍي ڪاروبار کي اِن پُٽ جي لاڳت ۾ سڌي يا اڻ سڌي لاٿ گهٽتائي جي صورت ۾ ريليف ملندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هي حڪمت عملي پاڪستان جي ان وسيع تر پاليسي جو تسلسل آهي جنهن جو مقصد روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن ملڪ جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿئي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي وسيلي پاڪستان پائيدار ترقي جي راهه تي مستقل بنيادن تي گامزن ٿي سگهي. ريليف قدمن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جي ڪري پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي، انهن مشڪلاتن جو ادراڪ ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 07 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ به 07 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي تجويز آهي. اهڙي طرح گهٽ کان گهٽ ماهوار پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آئون پنهنجي تقرير جي پڄاڻي تي هن ايوان جي سامهون اهو عرض ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن بجيٽ ۾ اعلان ڪيل تجويزون خاص طور تي ٽيڪس ريليف قدم، توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ٻيا قدم معيشت جي اهم شعبن جهڙوڪ زراعت، معدنيات، کاڻين، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪ ڊرائيون صنعتن کي فروغ ڏيندا. جنهن سان معاشي ترقي جو ڦيٿو ڦرندو ۽ ملازمتن جا موقعا پيدا ٿيندا. اسان هن ترقي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بنيادي گهرجون مهيا ڪري ڇڏيون آهن. اسان جي معيشت وري پنهنجي پيرن تي بيهي وئي آهي. اسان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ۽ ايڪسچينج ريٽ مستحڪم آهي. اسان جون منڊيون هلن پيون ۽ سڄي دنيا اسان سان سيڙپڪاري ۽ سهڪار جو رشتو ڳنڍي رهي آهي. اهو ڪو معمولي سفر نه هو، هي هڪ مشڪل ۽ ڏکيو سفر هو جنهن کي اسان قومي جذبي ۽ اسان جي قيادت جي ارادي جي پختگي ۽ دورانديشي سان طئي ڪيو. آئون اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته استحڪام اسان جي منزل نه هئي، اسان جي سفر جي شروعات ڪئي، اسان جو هي سفر نئين يقين ۽ ولولي سان جاري آهي. مون کي يقين آهي ته اڄ جي بجيٽ جي قدمن سان ان سفر کي وڌيڪ هٿي ملندي۔ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ترقي جو مقصد رڳو انگ اکر وڌائڻ ناهي هوندو، ترقي جو اصل مقصد اهو آهي ته هر گهر جي دسترخوان تائين هر آبادگار جي زمين تائين، هر ڪاروبار جي ڪائونٽر تائين ۽ هر نوجوان جي روزگار تائين پهچي. ان جي لاءِ هن حڪومت جو عزم صرف ترقي نه آهي پر هڪ وڏي پئماني تي پائيدار ۽ منصفاڻي ترقي جو حصول آهي، جنهن جا ثمر ملڪ جي هر علائقي ۽ طبقي تائين هڪ جهڙا پهچن. هي بجيٽ انهي جامع ترقي کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ سنجيده قدم آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آئون آخر ۾ هن ايوان جي فلور تان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت کي ساراهڻ چاهيان ٿو جنهن جي سرپرستي، ذاتي لڳاءُ ۽ رهنمائي ۾ اسان معاشي استحڪام جو سفر طئي ڪيو. آئون اسان جي عسڪري قيادت خاص طور تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا به ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن جي قيادت ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. آئون پنهنجي اتحادي پارٽين جو ٿورائتو آهيان جن جي حمايت اسان کي هر مشڪل موقعي تي حاصل رهي، آئون مخالف ڌر جي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان جن جي مخلصاڻي تنقيد اسان کي وڌيڪ محنت جو جذبو عطا ڪيو. هتي آئون سمورين صوبائي حڪومتن جي تعاون جي جذبي ۽ قرباني کي به ساراهيندس، جن جي ڪري اسان پنهنجي ملڪ جي اسٽريٽجڪ هدفن جي تڪميل طرف وڌنداسين. اسان جي انهن سڀني ڪوششن ۽ محنت جو مقصد اهو ئي آهي ته اسان پاڪستان جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻايون ۽ انهن کي اهي سڀئي سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪري سگهون جن جا اهي حقدار آهن. هن چيو ته آئون پنهنجي تقرير جي پڄاڻي علامه اقبال جي هن شعر سان ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو هن قوم جي روح جو ابديءَ اظهار آهي.
نهين هي نااميد اقبال اپني ڪشتِ ويران سي
ذرا نم هو تو يه مٽي بهت زرخيز هئه ساقي









