سمورن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي باوجود معيشت اڄ مستحڪم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي باوجود معيشت اڄ مستحڪم آهي، موجوده حڪومت جي ٽئين بجيٽ سان معيشت جو ڦيٿو تيزي سان هلڻ شروع ٿي ويندو، عوام جنهن صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ مهانگائي برداشت ڪئي ان تي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جا ٿورا ادا ڪريان ٿو، وفاق ۽ صوبن جي وچ …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي باوجود معيشت اڄ مستحڪم آهي، موجوده حڪومت جي ٽئين بجيٽ سان معيشت جو ڦيٿو تيزي سان هلڻ شروع ٿي ويندو، عوام جنهن صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ مهانگائي برداشت ڪئي ان تي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جا ٿورا ادا ڪريان ٿو، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي سان سمورن چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي ۽ اسان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي، خوشحالي قوم جو مقدر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هن گذريل ڏينهن هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، شهيد ٿيندڙن ۾ پاڪ فوج جا آفيسر، جوان ۽ ٻه مسيحي ڀائر پڻ شامل هئا. هن چيو ته هيليڪاپٽر حادثي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي هر اک کي ڳوڙهن هارو ڪري ڇڏيو، اهي قربانيون رائيگان نه وينديون، آخرڪار دهشتگردي جو خاتمو ٿي رهندو. هن چيو ته اڄ وفاقي ڪابينا جي هڪ نقاطي ايجنڊا وفاقي بجيٽ آهي، اڄ اسان جي حڪومت ٽئين وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهي اهي. پهرين ٻن بجيٽن ۾ ملڪ ۽ آءِ ايم ايف جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ملڪي ترقي جا رستا کولڻ جي لاءِ ڪيترن ئي سالن کان لوڏا کائيندڙ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪسز لڳائڻا پيا جنهن سان عام ماڻهو کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. هن پنهنجي ۽ وفاقي ڪابينا پاران 24 ڪروڙ عوام جا ٿورا ادا ڪيا جنهن صبر ۽ تحمل سان مهانگائي برداشت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان کي عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو چڱي طرح اندازو آهي، گذريل 2 سالن دوران حڪومتي ڪوششن سان مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي هڪ انگ تي اچي وئي، پاليسي ريٽ به 22.5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي آيو، نار جي صورتحال جي ڪري ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته سمورن معاشي چئلينجز جي باوجود اسان جي معيشت اڄ مستحڪم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٽئين بجيٽ اسان جي معيشت کي وڌيڪ تيزي سان اڳتي وٺي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر بهتري طرف گامزن آهن. وزيراعظم سولر، ونڊ ۽ بيٽري اسٽوريج جهڙن توانائي ذريعن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو ۽ اسان کي پاڻي جا ذخيرا ۽ ڊيمز تعمير ڪرڻا پوندا. هن چيو ته هن بجيٽ کي ٺاهڻ ۾ تمام گهڻا چئلينجز درپيش هئا. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ معاشي هدفن جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، قومي هم آهنگي ۽ موثر تعاون سان چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن وفاق سان ڀرپور تعاون تي پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته منهنجي قائد محمد نواز شريف جي وفاق ۽ پنجاب ۾ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مثبت ڪردار جا پڻ ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن پڻ وفاق سان تعاون ڪيو ۽ وڏي دل جو مظاهرو ڪيو، وفاق کي اضافي فنڊز جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ صوبن سان بامعنى ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صورتحال انهن جي سامهون رکي، صوبن ڀرپور تعاون ڪيو، قومي وحدت، يڪجهتي ۽ اتحاد جو ان کان بهتر مظاهرو نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم وفاقي حڪومت جي ٽيم جا ٿورا ادا ڪيا جنهن صوبن سان مشاورت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو جنهن آءِ ايم ايف سان ڏينهن رات محنت ڪري معاشي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته مون پاڻ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ڳالهه ڪئي، هن پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هو اسان جي ڪوششن کان متاثر آهن. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري خوشحالي قوم جو مقدر هوندي. هن ڪابينا کي پنهنجي چين جي تازي دوري تي پڻ اعتماد ۾ ورتو ۽ ٻڌايو ته چين جي تازي دوري ۾ سي پيڪ فيز 2.0 تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي طرفن کان چئن نقطن تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. وزيراعظم پاڪستان پيپلزپارٽي، بي اي پي، نيشنل پارٽي، ايم ڪيو ايم سميت حڪومت جي اتحادي پارٽين جا پڻ ٿورا ادا ڪيا.