اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبدوز پي اين ايس/ ايم هنگور جي پاڪستان اچڻ تي پاڪ بحريه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هنگور آبدوز منصوبو پاڪ چين دوستي جو مظهر، مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون جو عڪاس ۽ دفاعي پاڻڀرائپ جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پي اين ايس/ ايم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران آبدوز پي اين ايس/ ايم هنگور جي پاڪستان اچڻ تي پاڪ بحريه کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبدوز پي اين ايس/ ايم هنگور جي پاڪستان اچڻ تي پاڪ بحريه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هنگور آبدوز منصوبو پاڪ چين دوستي جو مظهر، مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون جو عڪاس ۽ دفاعي پاڻڀرائپ جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پي اين ايس/ ايم هنگور جي ڪري پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ اهم اضافو ٿيندو. پي اين ايس/ ايم هنگور پاڪستان جي سامونڊي مفادن ۽ سامونڊي سرحدن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيتن جي استحڪام سان گڏ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ توازن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هنگور آبدوز منصوبي کي پاڪستان جي دفاعي پاڻڀرائپ جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته حڪومت پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي دفاعي صلاحيت ۾ اضافي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ صلاحيتن جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪندي رهندي. وزيراعظم پي اين ايس/ ايم هنگور جي پاڪستان اچڻ تي پاڪ بحريه، لاڳاپيل انجنيئرز ۽ سمورن ٽيڪنيڪي ماهرن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.




