اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 26-2025ع موجب ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن مالي سال 26-2025ع جي پهرين 9 مهينن دوران پينشنرز کي مختلف وقتن ۾ 54.29 ارب رپين کان وڌيڪ جون ادائگيون ڪيون جنهن سان لکين مستحق ماڻهن کي مالي سهاتا فراهم ٿي. سروي رپورٽ موجب جولاءِ 2025ع کان مارچ 2026ع تائين اي او بي آءِ طرفان مجموعي طور تي 54 ارب 29 ڪروڙ 24 لک 50 …
اقتصادي سروي 26-2025ع موجب ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن مالي سال 26-2025ع جي پهرين 9 مهينن دوران پينشنرز کي مختلف وقتن ۾ 54.29 ارب رپين کان وڌيڪ جون ادائگيون ڪيون

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 26-2025ع موجب ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن مالي سال 26-2025ع جي پهرين 9 مهينن دوران پينشنرز کي مختلف وقتن ۾ 54.29 ارب رپين کان وڌيڪ جون ادائگيون ڪيون جنهن سان لکين مستحق ماڻهن کي مالي سهاتا فراهم ٿي. سروي رپورٽ موجب جولاءِ 2025ع کان مارچ 2026ع تائين اي او بي آءِ طرفان مجموعي طور تي 54 ارب 29 ڪروڙ 24 لک 50 هزار رپيا پينشن ۽ ٻين فائدن جي مد ۾ ورهايا ويا. انگن اکرن موجب اولڊ ايج پينشن سڀ کان وڏي مد رهي جنهن تحت 31 ارب 53 ڪروڙ 53 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ان عرصي ۾ وارثن کي پينشن جي مد ۾ 21 ارب 36 ڪروڙ 99 لک رپيا ادا ڪيا ويا جنهن سان فوت ٿيل ڪارڪنن جي وارثن کي مالي تحفظ فراهم ڪيو ويو. رپورٽ موجب معذوري پينشن جي مد ۾ 58 ڪروڙ 84 لک رپيا جڏهن ته اولڊ ايج گرانٽ جي مد ۾ 79 ڪروڙ 86 لک رپين جي ادائگي ڪئي وئي. سروي ۾ چيو ويو آهي ته اولڊ ايج ۽ وارثن جي پينشن اي او بي آءِ طرفان ڏني ويندڙ مجموعي مالي معاونت جو سڀ کان وڏو حصو رهي جيڪو اداري جي سماجي تحفظ جي نظام ۾ اهم ڪردار کي اجاگر ڪري ٿي.





