هلندڙ مالي سال دوران عوامي صحت جي خرچن ۾ 17.3 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال دوران عوامي صحت جي خرچن ۾ 17.3 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا مجموعي قومي پيداوار جي ڊي پي جي 0.8 سيڪڙو جي برابر آهي. خميس ڏينهن جاري اقتصادي جائزه رپورٽ 26-2025ع موجب هلندڙ مالي سال ۾ پبلڪ هيلٿ جي خرچن جو ڳاڻيٽو 942.2 ارب رپيا جيڪو گذريل سال عوامي صحت جي خرچ 924.9 ارب رپيا رهيو هو. قومي …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال دوران عوامي صحت جي خرچن ۾ 17.3 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا مجموعي قومي پيداوار جي ڊي پي جي 0.8 سيڪڙو جي برابر آهي. خميس ڏينهن جاري اقتصادي جائزه رپورٽ 26-2025ع موجب هلندڙ مالي سال ۾ پبلڪ هيلٿ جي خرچن جو ڳاڻيٽو 942.2 ارب رپيا جيڪو گذريل سال عوامي صحت جي خرچ 924.9 ارب رپيا رهيو هو. قومي صحت جي نيشنل هيلٿ اينڊ پاپلوليشن پاليسي 26-2025ع موجب وزارت صوبائي سطح تي صحت جي سهولتن ۾ بهتري ۽ آباديءَ تي ڪنٽرول لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي بهتري ۽ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام هلائي رهي آهي جن ۾ نيشنل ملٽي سيڪٽرل نيوٽريشن پروگرام، بينظير واڌ ويجهه پروگرام، پاڪ ڪوريا نيوٽريشن تحت نيوٽريشن جون خدمتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊجيٽل مانيٽرنگ جو نظام به قائم ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن آف پاڪستان جي ريڊيو ٿراپي، ريڊيالوجي ۽ نيوڪليئر ميڊيسن جي جو شعبو ساليانو هڪ ملين کان وڌيڪ مريضن کي طبي خدمتون فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته اٽامڪ انرجي ڪميشن جي اسپتالن ۾ پٿالوجي جي شعبي ۾ ساليانو 20 لک کان وڌيڪ مريضن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

مزید خبریں