اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاڪستان جو پرڏيهي شعبو مالي سال 26-2025ع دوران عالمي ۽ علائقائي چئلينجز باوجود مجموعي طور تي مستحڪم رهيو. محتاط معاشي پاليسين، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ مسلسل واڌ، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ تقريبن متوازن ڪرنٽ اڪائونٽ عيوض پرڏيهي کاتن ۾ هاڪاري اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي. خميس ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب طرفان جاري ڪيل اقتصادي سروي …
پاڪستان جو پرڏيهي شعبو مالي سال 26-2025ع دوران عالمي ۽ علائقائي چئلينجز باوجود مجموعي طور تي مستحڪم رهيو: اقتصادي سروي رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاڪستان جو پرڏيهي شعبو مالي سال 26-2025ع دوران عالمي ۽ علائقائي چئلينجز باوجود مجموعي طور تي مستحڪم رهيو. محتاط معاشي پاليسين، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ مسلسل واڌ، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ تقريبن متوازن ڪرنٽ اڪائونٽ عيوض پرڏيهي کاتن ۾ هاڪاري اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي. خميس ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب طرفان جاري ڪيل اقتصادي سروي 26-2025ع موجب مالي سال جي ٽين ٽه ماهي تائين پاڪستان جي پرڏيهي کاتن ۾ نمايان بهتري رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته فيبروري 2026ع ۾ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل بحران علائقائي واپار ۽ مالياتي مارڪيٽن کي متاثر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي واپار کي به ڌڪ لڳو. سروي موجب غذائي شين خاص ڪري چانورن جي روانگي واپار ۾ گهٽتائي، عالمي طلب ۾ سستي ۽ ٻوڏ سبب زرعي پيداوار کي پهچندڙ نقصان سبب شين جو روانگي واپار دٻاءُ جو شڪار رهيو. ان جي ابتڙ خدمتن جي روانگي واپار ۾ مضبوط ڪارڪردگي برقرار رهي ۽ آءِ ٽي شعبو روانگي واپار جي اؤسر جو اهم بنياد بڻجي اُڀريو جنهن روايتي روانگي واپاري شعبن جي ڪمزورين جو ڪنهن حد تائين ازالو ڪيو. اقتصادي سرگرمين ۾ بهتري ۽ صنعتي پيداوار جي بحاليءَ سبب ڪچي مال ۽ سرمايه جاتي شين جي آمدني واپار ۾ واڌ ٿي. ان باوجود مالي سال 26-2025ع جي جولاءِ کان مارچ دوران پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ 8.2 سيڪڙو واڌ ۽ پرڏيهي قرضن تي وياجي ادائگين ۾ گهٽتائيءَ سبب بنيادي آمدني جي خساري ۾ گهٽتائي آئي جنهن ڪرنٽ اڪائونٽ کي سهارو ڏنو. ان عرصي دوران پاڪستان 7 ڪروڙ 20 لک ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته وچ اوڀر بحران کان پوءِ اهم مارڪيٽن کي روانگي واپار ۾ پرڏيهي ناڻو متاثر ٿيو جڏهن ته علائقائي واپار لاءِ اهم زميني راهداري جي بندش به واپار کي نقصان پهچايو. ٻي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۽ بحري ڪِراين ۾ واڌ سان آمدني واپاري بل وڌي ويو. انهن عملن جي نتيجي ۾ اپريل 2026ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ 32 ڪروڙ 40 لک ڊالر خساري ۾ هليو ويو جڏهن ته عملدارن ان کي انتظام جوڳو ۽ پائيدار حدن ۾ قرار ڏنو. سروي موجب سرڪاري مالي معاونت ۽ دوست ملڪن جي سرڪاري مالي معاونت ۽ دوست ملڪن طرفان اضافي سهڪار سبب مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي جنهن سان رپئي جي قدر ۾ استحڪام ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي ملي. سروي ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 26-2025ع دوران عالمي معيشت وڌندڙ واپاري پابندين، پاليسي غير يقيني صورتحال، عالمي مارڪيٽ جي لاهن چاڙهن ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ غير يقيني جو شڪار رهي. آءِ ايم ايف جي اپريل 2026ع جي عالمي اقتصادي رپورٽ موجب عالمي معاشي اؤسر 2026ع ۾ 3.1 سيڪڙو رهڻ ۽ 2027ع ۾ معمولي بهتريءَ سان 3.2 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي شرط آهي ته علائقائي تڪرار وڌيڪ نه ڦهلجن. جيتوڻيڪ عالمي مهانگائيءَ ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي پر توانائي جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن، موسمياتي تبديلين جي اثرن، واپاري ورڇ ۽ ڪمزور پيداواري صلاحيت جهڙا خطرا بدستور موجود آهن. عالمي واپار تي به جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ محصولن بابت غير يقيني صورتحال بابت ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. ان باوجود خدمتن جي شعبي ۾ واپار نستبن مستحڪم رهڻ جي اميد آهي جنهن سبب ڊجيٽلائزيشن، ٽيڪنالاجي بابت خدمتن ۽ سرحد پار علم تي ٻَڌل سرگرمين جي وڌندڙ طلب آهي. سروي موجب پاڪستان جي اهم واپاري ڀائيوارن جن ۾ چين، آمريڪا، برطانيه ۽ يورپي يونين شامل آهن، جي معاشي اؤسر وچٿري رهڻ جا مڪان آهن جنهن سان پاڪستاني روانگي واپار جي طلب محدود رهي سگهي ٿي، جڏهن ته آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل خدمتن جي مسلسل ترقي انهن چئلينجز جي اثرن کي جزوي طور تي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. سروي ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته وچ اوڀر جي بحران سبب عالمي توانائي ۽ جنسن جي قيمتن ۾ ٻيهر واڌ شروع ٿي وئي آهي. تيل جون وڌندڙ قيمتون آمدني ٻارڻ تي ڀاڙيندڙ ملڪن لاءِ آمدني واپاري خرچن، مهانگائي ۽ پرڏيهي مالي ضرورتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. پاڪستان لاءِ اها صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرا مناسب برقرار رکيا وڃن، ناڻي شرح کي مستحڪم رکيو وڃي، محتاط معاشي پاليسيون جاري رکيون وڃن ۽ روانگي واپاري شعبي جي چٽاڀيٽي صلاحيت ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وڃي. سروي موجب عالمي سطح تي درپيش ڏُکيائين باوجود پاڪستان جو پرڏيهي شعبو مضبوط ٻاهران موڪليل ناڻي، خدمتن جي روانگي واپار ۾ واڌ ۽ بهتر پرڏيهي مالي ذخيرن عيوض لچڪ ۽ـ استحڪام جو مظاهرو ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاليسي ساز بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن جي روشنيءَ ۾ معاشي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پُرعزم آهي.



