اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان عالمي واپاري، غير يقيني صورتحال، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، وچ اوڀر بحران ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جهڙن وڏن چئلينجز باوجود مالي سال 26-2025ع ۾ 3.7 سيڪڙو مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي اؤسر جي شرح حاصل ڪري معاشي استحڪام ۽ مضبوطيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. اهڙو اظهار قومي اقتصادي سروي 26-2025ع پيش ڪندي ڪيو. …
عالمي چئلينجز، ٻوڏ ۽ علائقائي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان 3.7 سيڪڙو معاشي اؤسر حاصل ڪئي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان عالمي واپاري، غير يقيني صورتحال، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، وچ اوڀر بحران ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جهڙن وڏن چئلينجز باوجود مالي سال 26-2025ع ۾ 3.7 سيڪڙو مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي اؤسر جي شرح حاصل ڪري معاشي استحڪام ۽ مضبوطيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. اهڙو اظهار قومي اقتصادي سروي 26-2025ع پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رٿابنديءَ وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سميت ايف بي آر چيئرمين، فنانس سيڪريٽري، اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ناڻي واري وزير چيو ته اها سروي فقط انگ اکرن جو مجموعو ناهي پر گذريل هڪ سال دوران پاڪستان معيشت جي مزاحمت، نظم و ضبط ۽ بحاليءَ جي داستان آهي. هن چيو ته مالي سال جي شروعاتي عالمي سطح تي ٽيرف ۽ واپاري پاليسين سان پيدا ٿيندڙ غير يقيني صورتحال کي مُنهن ڏنو هو، بعد ۾ ملڪ کي سخت سانوڻي برساتن ۽ ٻوڏن متاثر ڪيو جڏهن ته بعد ۾ علائقائي ڇڪتاڻ ۽ جاگرافيائي سياسي حالتن به دٻاءُ وڌايو جڏهن ته حڪومت اثرائتي حڪمت عملي ۽ وقت سر فيصلن ذريعي معيشت کي مستحڪم رکيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان گذريل ڪجهه سالن دوران معاشي ڏُکيائين مان نڪري ترتيبوار ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو آهي. 2023ع ۾ ملڪي معيشت 0.2 سيڪڙو سڪڙجي ويو هو جنهن کان پوءِ 2024ع ۾ 2.6 سيڪڙو ۽ 2025ع ۾ 3.2 سيڪڙو اؤسر جي شرح حاصل ٿئي، جڏهن ته مالي سال ۾ اها شرح وڌي 3.7 سيڪڙو ٿي وئي جيڪا گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان جي معيشت جو ڳاڻيٽو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 126.9 کرب رپيا يا 452.1 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي جڏهن ته في ڪس آمدني 1751 ڊالرن مان وڌي 1901 ڊالر ٿي وئي. سندس مطابق اها اڳڀرائي مسلسل معيشت ۾ بحال هئڻ واري اعتماد ۽ هاڪاري رجحانن جي عڪاس آهي. ناڻي واري وزير چيو ته زرعي شعبي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن باوجود 2.89 سيڪڙو اؤسر حاصل ڪئي. فصلن جي شعبي ٻيهر هاڪاري اؤسر طرف واپسي ڪئي جڏهن ته لائيو اسٽاڪ پنهنجي مضبوط ڪارڪردگي برقرار رکي. هن ٻُڌايو ته زرعي شعبي جي مجموعي پيداوار ۾ لائيو اسٽاڪ جو حصو تقريبن 60 سيڪڙو آهي ۽ اهوئي شعبو ٻهراڙي جي معيشت جي استحڪام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صنعتي شعبي بابت هن چيو ته مجموعي طور تي صنعتي شعبي 3.51 سيڪڙو ترقي ڪئي، جڏهن ته وڏي پيماني جي صنعتن (ايل ايس ايم) ۾ 6.11 سيڪڙو نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته 22 صنعتي شعبن مان 16 هاڪاري ڪارڪردگي ڏيکاري. خوراڪ، ٽيڪسٽائل، آٽوموبائل، پيٽروليم مصنوعات، برقي اوزارن ۽ ٻي مينيوفيڪچرنگ شعبن ۾ پيداوار وڌي جنهن سان ڪاروباري سرگرمين ۾ بهتري ۽ صنعتي اعتماد ۾ واڌ جو اظهار ٿئي ٿو. هن چيو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، پرڏيهي ناڻي ۾ استحڪام، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتريءَ صنعتي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. طلب جي اهڃاڻن سان به معيشت ۾ سرگرميءَ جو اندازو ٿئي ٿو. سيمنٽ جي طلب ۾ 10 سيڪڙو، ڀاڻ جي کپت ۾ 17 سيڪڙو ۽ گاڏين جي وِڪري ۾ 31 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات ۽ موبائل فون جي استعمال ۾ پڻ نمايان واڌ ڏٺي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته خدمتن جو شعبو ملڪي معيشت جو سڀ کان وڏو حصو آهي ۽ ان جو مجموعي قومي پيداوار ۾ حصو 58 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هلندڙ مالي سال دوران ان شعبي 4.09 سيڪڙو ترقي ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ مواصلات جي شعبن ۾ 7.52 سيڪڙو جي نمايان اؤسر جي شرح رڪارڊ ڪئي وئي. سندس مطابق اهي رجحان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته پاڪستان جي معيشت ۾ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل سرگرمين جو ڪردار مسلسل وڌي رهيو آهي. مالياتي شعبي جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي هن چيو ته حڪومت مالياتي نظم و ضبط برقرار رکيو جنهن جي نتيجي ۾ مالي سال 2026ع جي جولاءِ کان مارچ دوران مالياتي خسارو گهٽ ٿي جي ڊي پي جي 0.7 سيڪڙو تائين اچي ويو جيڪو گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 2.6 سيڪڙو هو. اهڙيءَ طرح بنيادي سرپلس وڌي 3.2 سيڪڙو تائين پهچي ويو. مجموعي حڪومتي آمدني 10.7 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 14.8 کرب رپين تائين پهچي ويو جڏهن ته ايف بي آر روينيو جي وصولين ۾ به نمايان واڌ ٿي. هن ٻُڌايو ته وياجي ادائگين ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي آئي جنهن سبب حڪومت کي ترقياتي ۽ سماجي شعبن لاءِ وڌيڪ مالي گنجائش ميسر ٿي. سندس چوڻ هو ته اها اڳڀرائي حڪومت جي محتاط مالياتي پاليسين ۽ معاشي سڌارن جو نتيجو آهي. ناڻي واڌ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سڄي سال دوران مهانگائيءَ جي شرح مجموعي طور تي ضابطي ۾ رهي ۽ جولاءِ کان اپريل ۾ سراسري مهانگائي 6.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن سبب ويجهڙجي مهينن ۾ ڪجهه دٻاءُ ضرور پيدا ٿيو. پرڏيهي شعبي جي ڪارڪردگيءَ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته مالي سال 2.26ع جي جولاءِ کان مارچ دوران جاري کاتو 7 ڪروڙ 20 لک ڊالر سرپلس ۾ رهيو جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل ناڻو 8.2 سيڪڙو اضافي سان 30.3 ارب ڊالرن پهچي ويو. هن چيو ته مارچ 2026ع جي پڄاڻيءَ تائين ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 21.8 رب ڊالر ٿي ويا، جنهن سان پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جي شرح ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۾ مدد ملي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پڻ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 18.4 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. سندس مطابق مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي، وياج جي شرح ۾ نرمي، بهتري معاشي اهڃاڻن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ سرمائي مارڪيٽ کي هٿي ڏني. هن چيو ته آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل معيشت پاڪستان جي ترقيءَ جي نئين ٿنڀ طور اُڀري رهيو آهي. آءِ سي ٽي روانگي واپار مان حاصل ٿيندڙ ناڻو 19.7 سيڪڙو واڌ سان 3.38 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو جڏهن ته فري لانسنگ ذريعي حاصل ٿيندڙ روانگي واپاري آمدني 51 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 856 ملين ڊالرن تائين وڃي پهتي. اهڙيءَ طرح فائيو جي اسپيڪٽرم جي ڪامياب نيلاميءَ سان تقريبن 510 ملين ڊالر حاصل ٿيا جيڪو پاڪستان جي ڊجيٽل تبديليءَ جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. سماجي شعبي جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته خواندگيءَ جي شرح وڌي 63 سيڪڙو ٿي وئي جڏهن ته اسڪولن ۾ حاضريءَ جي شرح 67 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي انگ ۾ گهٽتائي واقع ٿي جڏهن ته سراسري امڪاني عمر وڌي 67.8 سال ۽ حفاظتي ٽُڪن جي ڪوريج 73 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن چيو ته حڪومت جامع ۽ پائيدار ترقيءَ جي ويزن تحت سماجي تحفظ جي پروگرامن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهي آهي. مالي سال دوران غريب دوست خرچ 4.66 کرب رپين تائين پهچي ويا جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت مختلف فلاحي منصوبن ذريعي ڪمزور ۽ مستحق طبقن جي معاونت جاري رکندي. موسمياتي تبديلي جي خطرن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهي ٿو پر ان جي باوجود موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن ٻُڌايو ته 2025ع جي ٻوڏن سبب 822 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو ۽ـ لکين ماڻهو متاثر ٿيا جنهن سان موسمياتي مزاحمت، ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقيءَ جي اهميت وڌي وئي آهي. ناڻي واري وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ، روانگي واپار وڌائڻ، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، پيداواري صلاحيت ۾ واڌ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ سڌارن وارو عمل جاري رکندي ته جيئن ايندڙ سالن ۾ پاڪستان پائيدار ۽ جامع معاشي ترقيءَ جا هدف حاصل ڪري سگهي.




