اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته مخالف ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ هاڪاري جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اميد آهي ته (اڄ) جمعي تي بجيٽ اجلاس ۾ گوڙ نه ڪيو ويندو ۽ مخالف ميمبر غور سان ناڻي واري وزير جي تقرير ٻُڌندا. خميس ڏينهن ايڪس تي بيان ۾ هن چيو ته جمعي تي بجيٽ 3 وڳي قومي اسيمبليءَ …
مخالف ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ هاڪاري جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته مخالف ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ هاڪاري جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اميد آهي ته (اڄ) جمعي تي بجيٽ اجلاس ۾ گوڙ نه ڪيو ويندو ۽ مخالف ميمبر غور سان ناڻي واري وزير جي تقرير ٻُڌندا. خميس ڏينهن ايڪس تي بيان ۾ هن چيو ته جمعي تي بجيٽ 3 وڳي قومي اسيمبليءَ ۾ ۽ سينيٽ ۾ شام 5 وڳي پيش ڪيو ويندو. معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي بجيٽ ۾ عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويندو. (ن) ليگ ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر پارليامينٽ بجيٽ اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا. مخالف بجيٽ ڊاڪيومينٽ غور سان ڏسندا ۽ تقرير ٻُڌندا تڏهن ئي هو ان تي سٺيون تجويزون پيش ڪري سگهندا.





