اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) اسلام آباد ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن کي آگاهه ڪيو آهي ته مالي سال 26-2025ع بابت ادائگيءَ جا ڪليمز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 12 جون 2026ع آهي. مالي سال جي پڄاڻيءَ کي نظر ۾ رکندي ان تاريخ کان پوءِ ڪو نئون ڪليم وصول نه ڪيو ويندو. سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب سمورن ڊرائينگ اينڊ ڊسبرسنگ آفيسر (ڊي ڊي …
مالي سال 26-2025ع بابت ادائگيءَ جا ڪليمز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 12 جون 2026ع آهي: اي جي پي آر

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) اسلام آباد ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن کي آگاهه ڪيو آهي ته مالي سال 26-2025ع بابت ادائگيءَ جا ڪليمز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 12 جون 2026ع آهي. مالي سال جي پڄاڻيءَ کي نظر ۾ رکندي ان تاريخ کان پوءِ ڪو نئون ڪليم وصول نه ڪيو ويندو. سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب سمورن ڊرائينگ اينڊ ڊسبرسنگ آفيسر (ڊي ڊي اوز) کي هدايت ڪئي وئي اهي ته هاڻ تائين حاصل ڪيل خدمتن ۽ ڪيل خريدارين بابت سمورا نوان ادائگي ڪليمز 12 جون 2026ع تائين جمع ڪرائين. اهڙيءَ طرح اهي سمورا بل ۽ ڪليمز جيڪي ڪنهن سبب پاس نه ٿي سگهيا ۽ جن جا ٽوڪن پهرين ئي جاري ڪيا ويا آهن ان کي به ان ئي تاريخ تائين ٻيهر جمع ڪرائڻ ضروري آهي. اي جي پي آر موجب 15 جون 2026ع انهن سمورن غير منظور ٿيل بلن جي ٻيهر جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ هوندي جن جا ٽوڪ 12 جون 2026ع تائين جاري ڪيا ويا هجن. اي جي پي آر اسلام آباد ۽ ان جي ذيلي آفيسن جي انتظام هيٺ اسائنمينٽ اڪائونٽس لاءِ 19 جون 2026ع تي رليزز جمع ڪرائڻ جي آخري تائين مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 12 جون 2026ع کان پوءِ اعزازيه (Honorarium) بابت ڪو ڪليم قبول نه ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح آف سائيڪل ادائگين بابت ڪمپيوٽر چينج اسٽيٽمنٽس صرف 11 جون 2026ع تائين وصول ڪيا ويندا جڏهن ته ان جي پراسيسنگ عارضي طور تي 16 جون 2026ع تي متوقع آهي. اي جي پي آر سمورن ڊي ڊي اوز کي هدايت ڪئي ته پگهارن ۽ ٻين مالي معاملن ۾ دير کان بچڻ لاءِ ڪمپيوٽر چينج اسٽيٽمنٽس ۽ رسيد تبديلي جا ڪيس وقت سر جمع ڪرائڻ کي يقيني بڻائين. کاتي واضح ڪيو ته موجوده مالي سان بابت پگهارن جا چيڪ مالي سال 26-2025ع جي پڄاڻيءَ سان ئي غير اثرائتا ٿي ويندا. 30 جون 2026ع کان پوءِ موجوده مالي سال جو ڪو متبادل چيڪ جاري نه ڪيو ويندو. سموريون لاڳاپيل آفيسن تي زور ڀريو ويو آهي ته مالي سال جي پڄاڻي واري مرحلي کي سهڻي انداز سان مڪمل ڪرڻ ۽ ڪليمز جي وقت سر ادائگيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ مقرر ڪيل ڊيڊ لائنز تي سختيءَ سان عمل ڪن.





