پاڪستان وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ سنگين صورتحال جي ڪري سفارتي گنجائش محدود ٿيڻ جي باوجود اميد جو پاند ناهي ڇڏيو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ سنگين صورتحال جي ڪري سفارتي گنجائش محدود ٿيڻ جي باوجود اسان اميد جو پاند ناهي ڇڏيو ۽ هو مُسلسل امن ۽ سفارتڪاري جي رستي تي مثبت سوچ سان گامزن آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته اسان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ هڪ حد تائين …

اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ سنگين صورتحال جي ڪري سفارتي گنجائش محدود ٿيڻ جي باوجود اسان اميد جو پاند ناهي ڇڏيو ۽ هو مُسلسل امن ۽ سفارتڪاري جي رستي تي مثبت سوچ سان گامزن آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته اسان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ هڪ حد تائين اميد سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اهڙي اميد ڪنهن به ثالث يا سهولتڪار جي لاءِ لازمي هوندي آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته انهن دشمنين جي ڪري سفارتي گنجائش گهٽ ٿي آهي پر اسان مثبت انداز ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ نار خطي ۾ جاري تعطل تي گهري ڳڻتي رکي ٿو ۽ سمورين ڌرين کي اپيل ڪري ٿو ته اهي جنگبندي جي حوالي سان طئي ٿيندڙ مفاهمت جو احترام ڪن ۽ دشمنين کي وڌيڪ نه وڌائين ته جيئن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ جڳهه پيدا ٿي سگهي. ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي اهم حصيدارن سان ثالثي جون ڪوششون جاري رکيون آهن. هن ان ڏس ۾ پاڪستاني قيادت ۽ ٻين ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ تازن دورن ۽ ٽيليفونڪ رابطن جو حوالو ڏنو جن ۾ گهرو وزير جو تهران جو دورو به شامل آهي جتي هو پاڪستاني قيادت جو پيغام کڻي ويو هو. ترجمان اربع جي شام نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس ترڪ هم منصب جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه کان به آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ تحمل جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته ڌرين جي وچ ۾ مفاهمت خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي بيانن کي رد ڪندي ترجمان انهن ريمارڪس کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي وچ ۾ واضح فرق کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي غيرقانوني طور تي ضم ڪيو ويو آهي ۽ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي جتان جي عوام ڪاري قانونن تحت منظم زيادتين جو شڪار آهي ۽ انهن کي خودمختياري جي حق سميت بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي. ان جي ابتڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسئلن جو حل جمهوري ۽ آئيني فريم ورڪ جي اندر رهي ڪيو پيو وڃي. ڀارتي پاڻي وسيلن واري وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي هن خبردار ڪيو ته پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪا به ڪوشش انتهائي غيرذميواراڻو قدم هوندو جيڪو عالمي ذميوارين ۽ سنڌ طاس معاهدي جي منافي آهي. پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته اهڙي ڪنهن به قدم کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو ويندو ۽ ان کي جنگي قدم تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي معيشت، اهم قومي مفادن ۽ پنهنجي 25 ڪروڙ عوام جي زندگين جي تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو، اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ذميواري جو مظاهرو ڪري، پنهنجي عالمي ذميوارين جو احترام ڪري ۽ اهڙن بيانن ۽ قدمن کان پاسو ڪري جيڪي خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته اٽڪل 50 ڏينهن کان صومالي سامُونڊي ڌاڙيلن جي قبضي ۾ موجود خالي مال بردار جهاز تي سوار پاڪستاني شهرين جي آزادي جي لاءِ حڪومت صومالي عملدارن ۽ جهاز جي مالڪ سان رابطي ۾ آهي. هن تازي سفارتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار صومالي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي جڏهن ته ان حوالي سان بين الوزارتي اجلاس پڻ متوقع آهي. هن چيو ته محمد اسحاق ڊار پنهنجي صومالي هم منصب تي زور ڏنو ته هو نه رڳو 10 پاڪستاني عملي جي ميمبر پر ٻين مختلف قوميتن سان تعلق رکندڙ 7 وڌيڪ عملي جي ميمبرن جي رهائشي ۽ انساني حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي. ڏکڻ آفريقا ۾ آفريقي ۽ ايشيائي شهرين جي خلاف ٿيندڙ غيرملڪي مخالف حملن جي حوالي سان ترجمان چيو ته پريٽوريا ۾ پاڪستاني سفارتخانو پاڪستاني شهرين جي سلامتي جي لاءِ سرگرم آهي ۽ ڏکڻ آفريقي عملدارن جي تعاون سان صورتحال کي منهن ڏنو پيو وڃي. افغان سرحد سان پاڪستاني ڪاررواين بابت هن چيو ته اهي ڪارروايون مستنند انٽيلي جنس معلومات جي بنياد تي ڪيون ويون ۽ انهن ۾ بنون حملي سان واڳيل دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻايو ويو. هن زور ڏنو ته پاڪستاني شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏيل عرب امارات مان پاڪستانين جي بيدخلي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستاني سفارتي مشنز ان معاملي ۾ سرگرم آهي ۽ پٺتي رهجي ويل اثاثن جي واپسي کي يقيني بڻايو ويندو، پاڪستان جو سفير، قونصلر جنرلز ۽ ڪميونٽي ويلفيئر سيڪشنز ان عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں