پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ ترقيءَ جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، اؤسر شرح چئن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان گذريل چئن سالن ۾ درپيش غير معمولي معاشي چئلينجز باوجود معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ ملڪ ترقيءَ جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جو بنياد رکي چڪو آهي. قومي اقتصادي سروي 26-2025ع پيش ڪندي ناڻي واري وزير چيو حڪومت جي اثرائتي معاشي پاليسين، مالي نظم و ضبط، سڌارن وارن قدمن …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان گذريل چئن سالن ۾ درپيش غير معمولي معاشي چئلينجز باوجود معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ ملڪ ترقيءَ جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جو بنياد رکي چڪو آهي. قومي اقتصادي سروي 26-2025ع پيش ڪندي ناڻي واري وزير چيو حڪومت جي اثرائتي معاشي پاليسين، مالي نظم و ضبط، سڌارن وارن قدمن ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد سبب قومي معيشت نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. هن ٻُڌايو ته مالي سال 26-2025ع ۾ ملڪي اؤسر جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح آهي. هن چيو ته مالي سال جي شروعات ۾ عالمي واپاري غير يقيني صورتحال، شديد سانوڻي برساتن ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جهڙا چئلينجز موجود هئا، جڏهن ته حڪومتي پاليسين ۽ معاشي نظم و ضبط سبب معيشت مستحڪم رهي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو. محمد اورنگزيب موجب پاڪستان جي معيشت جو ڳاڻيٽو وڌي 452.1 ارب ڊالر (126.9 کرب رپين) تائين پهچي ويو، جڏهن ته في ڪس آمدني 1751 ڊالرن مان وڌي 1901 ڊالر ٿي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ ٻيا پرڏيهي عمل اثرانداز نه ٿين ها ته اؤسر جي شرح 4 سيڪڙو کان به وڌي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته زرعي شعبي ۾ مجموعي اؤسر 2.8 سيڪڙو رهي جڏهن ته فصلن جي شعبي ۾ 1.4 سيڪڙو هاڪاري اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. سندس مطابق لائيو اسٽاڪ زرعي معيشت جو سڀ کان اهم شعبو آهي ۽ زرعي جي ڊي پي ۾ ان جو حصو تقريبن 63 سيڪڙو آهي. صنعتي شعبي جي حوالي سان هن چيو ته وڏين صنعتن (ايل ايس ايم) 6 سيڪڙو اؤسر حاصل ڪئي، جيڪا گذريل چئن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته معاشي بحالي جا ثمر معيشت جي مختلف شعبن ۾ نمايان طور تي نظر اچي رهيا آهن ۽ اها بحالي وڏن بنيادن تي ٻَڌل آهي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت معاشي استحڪام کي پائيدار ترقيءَ ۾ تبديل ڪرڻ، سيڙپڪاري وڌائڻ، روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي خوشحاليءَ لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري رکندي.

مزید خبریں