پنجويهه لک پناهگير ڪشميرين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، سندن سيٽون ختم ڪرڻ جو مطالبو عوام آڏو رکيو وڃي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته 25 لک پناهگير ڪشميرين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، سندن سيٽون ختم ڪرڻ جو مطالبو عوام آڏو رکيو وڃي، اهي ووٽ ذريعي ان جو فيصلو ڪندا، پرتشدد مظاهرن جو ڪو جواز ناهي، اسان ڪشميرين کي پاڪستاني سمجهون ٿا، حيرت آهي ايتري نفرت ڪٿان آئي، پي ٽي آءِ جو باني قانوني عمل تحت قيد آهي، …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته 25 لک پناهگير ڪشميرين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، سندن سيٽون ختم ڪرڻ جو مطالبو عوام آڏو رکيو وڃي، اهي ووٽ ذريعي ان جو فيصلو ڪندا، پرتشدد مظاهرن جو ڪو جواز ناهي، اسان ڪشميرين کي پاڪستاني سمجهون ٿا، حيرت آهي ايتري نفرت ڪٿان آئي، پي ٽي آءِ جو باني قانوني عمل تحت قيد آهي، مخالف ان ايوان جو تقدس پائمال نه ڪن، اسان جي قيادت به قيد ڪاٽي آهي جڏهن ته اسان سسٽم کي ڊي ريل ڪيو نه ئي ان ايوان جو تقدس پائمال ڪيو. خميس ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اسان جي قيادت قيد ۾ رهي، پيپلز پارٽيءَ جي قيادت قيد ۾ رهي، اسان ضرور ان تي احتجاج ڪيو پر اسان ان ايوان جي تقدس کي داءُ تي نه لڳايو، اسان احتجاج لاءِ لاڳاپيل فورمز استعمال ڪيا، اسان سسٽم کي چئلينج نه ڪيو. هن چيو ته شريف فيملي جي سياست ڪندڙ ۽ سياست نه ڪندڙ سمورن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ هتي صرف بانيءَ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ کانسواءِ ڪا پارلياماني ڪارروائي ۾ حصو نه ورتو، هي ادارو سپريم آهي جڏهن ته هڪ شخص لاءِ ان جو استحقاق ٻن سالن کان مجروح ڪيو پيو وڃي، هي ملڪ قائم ۽ دائم رهندو، ماڻهو ۽ شخصيتون اچڻيون وڃڻيون آهن، هر هڪ هتان وڃڻو اهي، جيڪڏهن سندن ليڊر قيد ۾ آهي ته ان کي جواز بڻائي ان ايوان جي ڪارروائيءَ ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن. هن چيو ته هي رويو درست ناهي، هي ليڊرشپ جي هدايت تي عملدرآمد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر چاهين ٿا ته ايوان جي ڪارروائي هلي. هن چيو ته ان اداري کي ڪاريون ضربون لڳايون ويون آهن، جيڪڏهن اسان جون ڪمزوريون نه هجن ها ته ٻاهران ڪو اچي ان کي نقصان نٿي پهچائي سگهيو، اهو سلسلو بند هئڻ گهرجي، هي پنهنجي ليڊر جي آزاديءَ لاءِ ضرور هر فورم تي وڙهن، جڏهن ته ان ايوان کي نقصان پهچائڻ سان سڀني جو نقصان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هي ادارو ڪمزور ٿي رهيو آهي ته اسان کي مستحڪم ڪرڻو آهي، احتجاج ضرور ڪريو پر ايوان جي ڪارروائي متاثر نه ڪريو، قانون سازي ان ايوان جي بنيادي ذميداري آهي، ان ۾ رنڊڪ نه وجهو. هن چيو ته ڪشميري پناهگير پاڪستان جي ڌرتيءَ تي اچڻ جي قيمت ادا ڪئي، سيالڪوٽ سرحد پار ڪندڙ سوا 2 لک ڪشميري شهيد ٿيا، راوي ۽ چناب سندن رت سان ڳاڙها ٿيا، ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي کانئن ووٽ جو حق ڦرڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، آزاد ڪشمير لاءِ سڄي پاڪستان قربانيون ڏنيون آهن، صرف ڪشميرين قربانيون ناهن ڏنيون، 25 ڪروڙ پاڪستانين جي ان سان وابستگي آهي. هن ٻُڌايو ته سيالڪوٽ ۾ هڪ تعلقي ۾ پناهگير ڪشمير جي هڪ سيٽ آهي. هن ٻُڌايو ته هڪ جڳهه تي هو هڪ ڪشميري ٻار جي تعزيت ڪرڻ لاءِ ويو ته سندس والد جي چهري تي ڪا غمي نه ڏسي مون کي حيرت ٿي ته ان ٻُڌايو ته اسان پناهگيريت دوران پنهنجي 11 ٻارڙين جي لڄالُٽ جي خوف کان بچائڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان درياهن ۾ اُڇليو. هن چيو ته مظاهرو ڪندڙ ان اِشوز کي عوام وٽ وٺي وڃن ۽ انهن کي فيصلو ڪرڻ ڏين. هن چيو ته پناهگير سيٽن ۾ جتي گهٽ ووٽ آهن اتي مسئلو آهي، اسان جي علائقي ۾ پناهگير اڄ به جتي رهن ٿا انهن کي ڪيمپ چيو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان ڳالهين جي حق ۾ آهيون پر جڏهن اوهان قانون هٿ ۾ کڻندا، سرڪاري اهلڪارن کي شهيد ڪري سندن لاش جي بي حرمتي ڪندا، ڇا اهي ماڻهو سرحد جي ٻئي پار کان آيا آهن ته پوءِ ان جو حل ڇا هوندو. هن چيو ته اسان ڪشميرين کي پاڪستاني سمجهون ٿا. هن چيو ته احتجاج جي ان روين جي هڪ تاريخ آهي، 50 جي ڏهاڪي ۾ اهڙا احتجاج ڪيا ويا، ويلي ۽ ڄمون مان آيل ڪشميريت جي سُڃاڻپ نٿا ڦري سگهن، هي معاملو ووٽرز وٽ وٺي وڃڻ گهرجي، اهي ان تي فيصلو ڪن. هن چيو ته هي مسئلو ڪشمير کي نظر ۾ رکي ان جي حيثيت جو فيصلو ڪن. هن چيو ته اڄ پاڪستان جا لکين فوجي اتي سرحدن جي حفاظت تي موجود آهي. قائداعظم محمدعلي جناح ڪشمير کي شه رڳ قرار ڏنو، اسان ان جي عمر ڀر حفاظت ڪنداسين.

مزید خبریں