وفاقي حُڪومت پاران قومي اسيمبلي ۾ سنڌ طرفان خريف جي هلندڙ مُند ۾ پنجاب کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي دعوى، سنڌ هلندڙ خريف ۾ 10 سيڪڙو اضافي پاڻي استعمال ڪيو، جڏهن ته پنجاب 17 سيڪڙو گهٽ پاڻي استعمال ڪيو: وفاقي وزير معين وٽو

اسلام آباد- 11 جون(اي پي پي) وفاقي حُڪومت قومي اسيمبلي ۾ خريف جي هلندڙ مُند ۾ سنڌ پاران پنجاب کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي دعوى ڪندي چيو آهي ته سنڌ هلندڙ خريف ۾ 10 سيڪڙو اضافي پاڻي استعمال ڪيو جڏهن ته پنجاب 17 سيڪڙو گهٽ پاڻي استعمال ڪيو. خميس تي قومي اسيمبلي ۾ سيد نويد قمر ۽ ٻين سنڌ ۽ بلوچستان ۾  پاڻي جي شديد کوٽ سبب زرعي پيداوار تمام …

اسلام آباد- 11 جون(اي پي پي) وفاقي حُڪومت قومي اسيمبلي ۾ خريف جي هلندڙ مُند ۾ سنڌ پاران پنجاب کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي دعوى ڪندي چيو آهي ته سنڌ هلندڙ خريف ۾ 10 سيڪڙو اضافي پاڻي استعمال ڪيو جڏهن ته پنجاب 17 سيڪڙو گهٽ پاڻي استعمال ڪيو. خميس تي قومي اسيمبلي ۾ سيد نويد قمر ۽ ٻين سنڌ ۽ بلوچستان ۾  پاڻي جي شديد کوٽ سبب زرعي پيداوار تمام گهڻي متاثر ٿيڻ ۽ شديد ڏکيائين سبب ارسا جي هڪ طرفن قدمن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ پاڻي وسيلن جي وفاقي وزير معين وٽو چيو ته ارسا طرفان وضاحت ڪئي وئي آهي ته سمورن صوبن کي خريف ۾ ٻن مرحلن ۾ پاڻي جي فراهمي ڪئي پئي وڃي. 10 جون تائين پهريون مرحلو هو ۽ 11 جون کان 30 سيپٽمبر تائين ٻيو مرحلو هوندو. هن ٻڌايو ته 7 اپريل تي ارسا جي ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ان ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ويو  ان موجب پهرين مرحلي ۾ پاڻي  فراهم ڪيو ڪيو. سنڌ کي ايڊوائزري ڪميٽي جي فيصلي موجب 10 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي ڏنو ويو. بلوچستان جيترو پاڻي گهريو ان کي مليو. نويد قمر جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته 1 اپريل کان سيزن شروع ٿي آهي جنهن دوران سنڌ کي هڪ لک 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو. ٻيو مرحلو جاري آهي ان ۾ لڳاتار اضافو ڪيو پيو وڃي. هن وقت 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو. شازيه مري سوال ڪيو ته ٽيلي ميٽري نظام لڳايو آهي؟ ان جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيلي ميٽرنگ لڳائڻ جو ڪم 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندو. ارسا جا انگ اکر درست آهن. سنڌ وڌيڪ پاڻي استعمال ڪيو آهي ۽ پنجاب پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي استعمال ڪيو آهي. اسپيڪر چيو ته سمورن ميمبرن کي گڏ ويهاريو ۽  ارسا جي ٽيم کي گهرايو  ۽ انهن کي بريفنگ ڏيو. هي اهم اجلاس آهي ڇاڪاڻ ته انگ اکرن سان ٻئي ڌريون متفق نه ٿي رهيون آهن. اسپيڪر چيو ته انگ اکر درست نه ٿيا ته ارسا اختيارين کي ٻڌايو ته ان سان پارليمان جو استحقاق مجروح ٿيندو. وڌيڪ ميمبر چاهن ته شامل ٿي سگهن ٿا.

مزید خبریں