اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) صحت جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار برٿ چائلڊ اينڊ ايڊوليسنٽ مينٽل هيلٿ گلوبل سينٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي گلوبل انسٽيٽيوٽ آف هيومن ڊويلپمينٽ جو باني ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عثمان همداني پڻ موجود هو. پاڪستاني وفد جي آجيان چائلڊ مائنڊ انسٽيٽيوٽ ۽ ايس اين ايف گلوبل سينٽر جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ عالمي طور تي مشهور نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر عائشه ميان …
صحت جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار برٿ پاران چائلڊ اينڊ ايڊوليسنٽ مينٽل هيلٿ گلوبل سينٽر جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) صحت جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار برٿ چائلڊ اينڊ ايڊوليسنٽ مينٽل هيلٿ گلوبل سينٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي گلوبل انسٽيٽيوٽ آف هيومن ڊويلپمينٽ جو باني ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عثمان همداني پڻ موجود هو. پاڪستاني وفد جي آجيان چائلڊ مائنڊ انسٽيٽيوٽ ۽ ايس اين ايف گلوبل سينٽر جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ عالمي طور تي مشهور نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر عائشه ميان آن لان شرڪت ڪئي، وفد کي ايس اين ايف گلوبل سينٽر جي جديد ۽ اثرائتي ماڊل جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته پاڪستاني وفد ملڪ ۾ ذهني صحت جي شعبي ۾ جاري سڌارن ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٽيڪنيڪل سهڪار، گڏيل تحقيق، ڊيٽا جي شيئرنگ ۽ ڪارڪردگي ۾ اضافي وارن امڪانن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيو ويون. پاڪستاني ماهرن جي عالمي فيلو شپس ۾ شرڪت جي موقعن جو پڻ جائزو ورتو ويو. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار برٿ چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن ۽ نوجوانن جي ذهني صحت کي هٿي وٺائڻ لاءِ تحقيق، پاليسي سازي ۽ جديد طبي طريقيڪار کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن ٻڌايو ته مينٽل هيلٿ پاليسي جي تياري تيزي سان جاري آهي جڏهن ته ملڪ ۾ نيشنل هب آف ايڪسيلينس جي قيام تي پڻ ڪم ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر برٿ عالمي ماهرن کي 1 کان 2 آڪٽوبر 2026ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ مينٽل هيلٿ ڊي جي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ان موقعي تي ذهني صحت جي شعبي ۾ ڪيترن ئي اهم قومي قدمن ۽ پاليسي فيصلن جو اعلان ڪندو جيڪي ملڪ ۾ ذهني صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.











