اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي چئلينجز، عالمي غير يقيني واري صورتحال ۽ علائقائي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان جي معيشت نمايان بهتري جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ملڪي معيشت جو ڳاڻيٽو وڌي 452.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. اقتصادي سروي پيش ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته هي دستاويز سڄي مالي سال جي معاشي ڪارڪردگي …
اقتصادي سروي 26-2025ع پاڪستاني معيشت جو ڳاڻيٽو 452 ارب ڊالر کان وڌي ويو، اوسر جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي چئلينجز، عالمي غير يقيني واري صورتحال ۽ علائقائي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان جي معيشت نمايان بهتري جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ملڪي معيشت جو ڳاڻيٽو وڌي 452.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. اقتصادي سروي پيش ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته هي دستاويز سڄي مالي سال جي معاشي ڪارڪردگي جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته مالي سال جي شروعات ۾ سانوڻي جي برساتن، عالمي واپاري غير يقيني صورتحال ۽ آمريڪي ٽيرف پاليسين سبب معيشت کي مختلف چئلينجز درپيش رهيا، جڏهن ته حڪومت موثر حڪمت عملي جي ذريعي انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي. اقتصادي سروي موجب مالي سال 26-2025ع ۾ مجموعي قومي پيداوار جي اوسر واري شرح 3.7 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح آهي. ناڻي واري وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال پيدا نه ٿئي ها ته اڄ اوسر واري شرح 4 سيڪڙو کان وڌي وڃي ها. هن چيو ته في ڪس آمدني 1751 ڊالر کان وڌي 1901 ڊالر ٿي وئي جڏهن ته زرعي شعبي 2.89 سيڪڙو، صنعتي شعبي 3.51 سيڪڙو ۽ خدمتن واري شعبي 1.09 سيڪڙو ترقي ڪئي. وڏين صنعتن (ايل ايس ايم) جي اوسر واري شرح 6.1 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل چئن سالن ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي آهي. 22 مان 16 صنعتي شعبن ۾ مثبت اوسر رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته سيمنٽ، فرٽيلائيزر، موبائيل فون ۽ پيٽروليم مصنوعات جي گهرج ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته مالي خسارو جي ڊي پي جي صرف 0.7 سيڪڙو تائين محدود رهيو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ٽيڪس وصولين ۾ 10.1 سيڪرو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. جولاءِ کان مارچ ڪرنٽ اڪائونٽ 72 ملين ڊالر سرپلس رهيو جيڪو پرڏيهي شعبي ۾ استحڪام جي عڪاسي ڪري ٿو. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين اهو ڳاڻيٽو 41 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جي اميد آهي، صرف گذريل مهيني پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين 4.2 ارب ڊالر وطن موڪليا، 11 مهينن دوران مٽاسٽا جو ناڻو 38 ارب ڊالر رهيو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. روانگي واپار جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته چانور ۽ فوڊ سيڪٽر جي روانگي واپار ۾ گهٽتائي سبب مجموعي روانگي واپاري ڪارڪردگي متاثر ٿي، جڏهن ته گارمينٽس جي روانگي واپار ۾ 5 سيڪڙو ۽ هوم ٽيڪسٽائيل ۾ 3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. آءِ ٽي شعبي جي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته مالي سال جي پڄاڻي تائين آءِ ٽي جي روانگي واپار 4.5 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي، جيڪا ڊجيٽ معيشت ۾ پاڪستان جي وڌندڙ صلاحيت جو ثبوت آهي. هن چيو ته زرعي شعبي جي بهتري به نمايان رهي، ڪڻڪ، چانور، ڪمند، چڻا، انب ۽ مرچ جي پيداوار ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته لائيو اسٽاڪ سيڪٽر 3.75 سيڪڙو ترقي ڪئي. ملڪ ۾ چوپائي مال جي مجموعي انگ ۾ به اضافو ڏسڻ ۾ آيو جنهن سان زرعي معيشت کي وڌيڪ سگهه ملي. هن چيو ته تعميرات جي شعبي ۾ 5.7 سيڪڙو ۽ مواصلات جي شعبي ۾ 7.5 سيڪڙو ترقي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سماجي خدمتن جي شعبي 6.8 سيڪڙو اوسر واري شرح حاصل ڪئي، ٻئي طرف بجلي، گئس ۽ پاڻي جي فراهمي جي شعبي ۾ ڪاٽو اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي ۽ سڌارا، مالي نظم ۽ ضبط ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ذريعي پائيدار اقتصادي ترقي جا هدف حاصل ڪيا ويندا.









