پاڪستان جي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهريون ڀيرو ڊيٽا گورنس ڪائونسل جو باقاعده قيام عمل ۾ آندو ويو آهي: پاور ڊويزن جو ترجمان

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي قيادت ۾ پاڪستان جي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهريون ڀيرو ڊيٽا گورننس ڪائونسل جو باقاعده قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب توانائي واري وزارت پاڪستان جي پبلڪ سيڪٽر جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو سنگ ميل عبور ڪيو آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ قومي سطح تي حڪمراني جو رخ بدلائڻ …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي قيادت ۾ پاڪستان جي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهريون ڀيرو ڊيٽا گورننس ڪائونسل جو باقاعده قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب توانائي واري وزارت پاڪستان جي پبلڪ سيڪٽر جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو سنگ ميل عبور ڪيو آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ قومي سطح تي حڪمراني جو رخ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان فريم ورڪ کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪائونسل کي هڪ اعليٰ سطحي، بين الاداره جاتي اداري طور قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پاور سيڪٽر جي سمورن اهم ادارن جي نمائندگي شامل آهي. ڪائونسل پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جي مشاورت ۽ شموليت سان جوڙي وئي آهي، جنهن سان قومي ڊجيٽل گورننس معيارن سان مڪمل هم آهنگي يقيني بڻائي وئي آهي. فريم ورڪ کي عالمي معيار DAMA-DNBOK موجب تربيت ڏنو ويو آهي جيڪو پيشيوراڻي ڊيٽا گورننس جو عالمي سطح تي تسليم ٿيل معيار آهي. هن چيو ته ڪائونسل جو قيام پاڪستان جي ڪنهن به سرڪاري شعبي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ادارو آهي، پهريون ڀيرو ڪو سرڪاري شعبو ان اعتراف سان سامهون آيو آهي ته ڊيٽا هڪ قومي اثاثو آهي ۽ ان جو انتظام انهي ذميواري ۽ احتساب سان هجڻ گهرجي جيڪو ڪنهن به اهم قومي وسيلي جو حق آهي. هي ڪائونسل رڳو هڪ انتظامي ڍانچو ناهي پر هڪ مستقل قومي اثاثو آهي جيڪو وقت سان اهميت ۾ وڌندو ويندو ۽ ايندڙ نسلن جي فائدي لاءِ هر اهم فيصلي جو بنياد بڻجندور هندو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڊيٽا کي هڪ اهم قومي اثاثو تصور ڪري ٿي، جڏهن ته سالن کان پاور سيڪٽر وکريل آهي، ڇڪتاڻ ۽ ناقابل اعتماد انگن اکرن جي سهاري هلندو رهيو، بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون، ورڇ ڪندڙ ادارا، ٽرانسميشن ڪمپنيون ۽ ريگوليٽري ادارا سڀني جا پنهنجا ڌار نظام ۽ ڌار انگ اکر هئا. ڪمزور ڪوالٽي ڪنٽرول، معياري تعريف جي کوٽ، ميٽا ڊيٽا جي غير موجودگي، ناڪافي ڊيٽا سيڪيورٽي ۽ مرڪزي ڊيٽا ريپوزيٽري جي عدم موجودگي ڊيٽا سائلوز، معلومات جي تڪرار ۽ ٽڪراءُ وارين رپورٽن جي صورتحال پيدا ڪئي وئي هئي، جنهن سان رٿابندي ۽ فيصلا سازي ٻئي متاثر ٿينديون رهيون، انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت هڪ جامع ڊيٽا گورننس فريم ورڪ متعارف ڪرايو آهي جيڪو ڊيٽا جي تخليق، تصديق، محفوظ ذخيرو، معيار جي خاطري ۽ باضابطه سهڪار تائين پوري وقت ۾ واضح پاليسين ۽ معيارن جو تعين ڪري ٿو، ڪائونسل جي نگراني ۾ هڪ مرڪزي ڊيٽا ريپوزيٽري قائم ڪئي ويندي جيڪا پوري شعبي جي ڊيٽا هڪ واحد، مستند ۽ قابل تصديق پليٽ فارم تي گڏ ڪندي، ان سان پهريون  ڀيرو هڪ اهڙو نظام وجود ۾ ايندو جتي هر مجاز ادارو، منصوباساز، ريگوليٽر ۽ سيڙپڪار هڪ ئي قابل اعتماد ڊيٽا سان فيصلو ڪندو. ڊيٽا تائين ڪنٽرول ٿيل ۽ محفوظ رسائي ڊيٽا جي رزداري، صحت ۽ گورننس جي معيارن جي پاسداري کي يقيني بڻائيندي. ان سان بجلي جي گهرج ۽ درست ڪاٿو، انفرا اسٽرڪچر سيڙپڪاري جو بهترين هدف، خطرن جي وقت سر سڃاڻپ ۽ وسيلن جي دانشمنداڻو استعمال ممڪن ٿيندو. ادارن وچ ۾ گڏيل نظام ۽ موثر ڊيٽا جي مٽاسٽا سان آءِ ٽي سيڙپڪاري ۾ غير ضروري تڪرار ختم ٿيندو ۽ سڌي ريت مالي بچت سان عوام کي بهتر خدمتون فراهم ٿينديون. عالمي سيڙپڪارن ۽ ترقياتي مالياتي ادارن لاءِ ڊيٽا جي ساک هر سيڙپڪاري جي فيصلي جي بنياد تي ٿيندي آهي. ان نظام جي غير موجودگي تاريخي طور تي پاڪستان جي توانائي واري شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه ۾ هڪ خاموش پر اهم رڪاوٽ رهي آهي. هي ڪائونسل اها رڪاوٽ ختم ڪري ڇڏي ٿي، هاڻي عالمي سيڙپڪار پهريون ڀيرو ان اعتماد سان گڏ ڊيٽا ڏسي سگهندا ته هي تصديق ٿيل، ڀيٽ جي قابل ۽ هڪ واحد سرڪاري ذريعي سان آيو آهي، ان سان سيڙپڪاري جو خطرو گهٽ ٿيندو، فيصلن جو عمل تيز ٿيندو ۽ پاڪستان توانائي واري شعبي ۾ ڊگهي مدي واري پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ هڪ شفاف ۽ قابل اعتماد مقام طور اڀرندو.