سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 9 هزار 720 روپين جي لاٿ، في تولو 4 لک 32 هزار 726 روپين جو ٿي ويو

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 9 هزار 720 روپين جي لاٿ سان في تولو 4 لک 32 هزار 716 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 8 هزار 748 روپين جي لاٿ کانپوءِ 3 لک 78 هزار 170 روپين کان گهٽجي 3 لک 69 هزار 422 روپيا ٿي وئي جڏهن …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 9 هزار 720 روپين جي لاٿ سان في تولو 4 لک 32 هزار 716 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 8 هزار 748 روپين جي لاٿ کانپوءِ 3 لک 78 هزار 170 روپين کان گهٽجي 3 لک 69 هزار 422 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 46 هزار 948 روپين کان گهٽجي 3 لک 38 هزار 998 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 40 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6 هزار 889 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 36 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5 هزار 857 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4200 ڊالرن کان گهٽجي 4102 ڊالر ٿي وئي.