وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان قازقستان جي سفير جي ملاقات، ٻطرفي اقتصادي ۽ صنعتي تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ صنعتي تعاون، اقتصادي ترقي، ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل واپار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين صنعتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اهم شعبن …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ صنعتي تعاون، اقتصادي ترقي، ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل واپار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين صنعتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اهم شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. قازقستان جي سفير پاڪستان جي فرنيچر صنعت، اسپورٽس گڊز سيڪٽر ۽ بحري انفرا اسٽرڪچر، خاص ڪري سامونڊي بندرگاهن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن وچ ايشيائي رياستن سان رابطن ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي. هن پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ اقتصادي حصيداري کي سگهه ڏيڻ ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. مالياتي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي روشني وجهندي هارون اختر خان چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط بئنڪاري رابطا ضروري آهن، هن اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته بئنڪن جي شاخن جي قيام جي عمل کي ترجيحي بنيادن تي تيز ڪيو وڃي ته جيئن وڌندڙ اقتصادي رابطن کي موثر سهولت فراهم ڪري سگهجي. قازقستان جي سفير ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ سڌي ريت رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻي سگهجي.