اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هي واحد فورم آهي جتي ضابطه اخلاق موجود آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا کي درپيش چئلينجز جي حل ۽ ان جي ترقي جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ويهي قدم کڻڻا پوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران …

اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هي واحد فورم آهي جتي ضابطه اخلاق موجود آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا کي درپيش چئلينجز جي حل ۽ ان جي ترقي جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ويهي قدم کڻڻا پوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبرن جي ضمني سوالن جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت نجي ٽي وي چينلز جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ميڊيا ادارا پنهنجي ملازمن کي وقت سر پگهار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ميڊيا هائوسز جي التوا هيٺ ادائيگين جو معاملو سڀاڻي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس ۾ پڻ غور هيٺ ايندو. هن چيو ته ميڊيا ادارا اڪثر عيد جي ويجهو ادائيگين جي جلد فراهمي جي درخواست ڪندا آهن ته جيئن اهي پنهنجي ملازمن کي پگهار ادا ڪري سگهن. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ هڪ مخصوص سيل قائم آهي جيڪو رهتن جي صورتحال جي نگراني ڪري ٿو ۽ ميڊيا ادارن سان رابطي ۾ رهي ٿو ته جيئن ادائيگين ۾ سهولت پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ وڌيڪ ادائيگين جو هڪ حصو جاري ڪيو وڃي ته جيئن ميڊيا ادارن تي مالي دٻاءُ گهٽ ٿئي ۽ ملازمن کي وقت سر پگهارون ملي سگهن. وفاقي وزير چيو ته هو پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشنز جي حوالي سان اها ڳالهه چوڻ چاهي ٿو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن تنهن هوندي به هي واحد فورم آهي جتي ضابطه اخلاق موجود آهي، ادارتي بورڊ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ذميوار صحافت جو مثال پيش ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم، ڊيجيٽل والٽ مهم يا ٻين عوامي اهميت جي معاملن تي آگاهي مهمن جي لاءِ اشتهار جاري ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ان حوالي سان سمورين وزارتن، ڊويزنن، خودمختيار ادارن ۽ ٻين ادارن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن ته ڪهڙين ڪهڙين مدن ۾ اشتهار جاري ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته جڏهن ميڊيا ادائيگين جي ڳالهه اچي ٿي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان معاملا طئي ڪيا وڃن ته جيڪا سمورن اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز جي نمائنده تنظيم آهي ۽ انهن جي پاڻ ۾ هم آهنگي آهي. وفاقي وزير چيو ته ٽاپ، مڊ ٽيئر ۽ ٿرڊ ٽيئر چينلز کي ريٽنگ موجب ادائيگيون ڪيون وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته 2024ع کان 2026ع دوران سمورين وزارتن، ڊويزنن ۽ سرڪاري ادارن جي ادائيگين ۽ مختلف مهمن کي شامل ڪيو وڃي ته مجموعي طور تي 8 بلين رپين جي رقم بڻجي ٿي جڏهن ته ڪجهه چينلز جو موقف آهي ته اها رقم گهٽ آهي ۽ ان ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دائرو محدود ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اهو وڌيڪ ڪمزور ٿئي ٿو ته صورتحال اهڙي جڳهه تي پهچي سگهي ٿي جتي ڪو ضابطه اخلاق موجود نه هوندو ۽ نه ئي ڪو جوابدهي جو نظام رهندو. وفاقي وزير چيو ته سمورا چينلز ٽيڪس ادا ڪن ٿا ۽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي پڻ ڪن ٿا. اهڙي طرح اهي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بيآر، ٻين ريگيوليٽري ادارن ۽ اطلاعات واري وزارت آڏو پڻ جوابده آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽاڪ شوز هجن يا نيوز سائيڪل، مُخالف ڌُر کي به ايتري ئي ڪوريج ملي ٿي جيتري حڪومت کي ڏني وڃي ٿي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا کي درپيش چئلينجز جي حل ۽ ان جي ترقي جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ويهي وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. وفاقي وزير چيو ته ان حوالي سان سمورا تفصيل ۽ مجموعي انگ اکر پڻ ٻڌايا ويا آهن جڏهن ته اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته سالياني بنيادن تي هر چينل کي ڪيتري آمدني حاصل ٿئي ٿي. هن ميڊيا ورڪرز جي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته ملازمن جا معاملا به هڪ اهم مسئلو آهي. هن ڪجهه ميڊيا ادارن پاران مثبت قدمن کي ساراهيندي چيو ته سنو نيوز ڪجهه ملازمن کي ٻيهر نوڪري تي بحال ڪيو آهي جڏهن ته آج نيوز تازي صورتحال کانپوءِ ڪجهه رهتن جُون ادائيگيُون به ڪيُون آهن جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيُون. وفاقي وزير چيو ته صورتحال اها آهي ته ڪيترائي چينلز پنهنجي مالي مشڪلاتن جي ڪري چئن چئن مهينن تائين ملازمن کي پگهار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ملڪ ۾ ذميوار صحافت کي فروغ ڏنو آهي ۽ ان شعبي کي وڌيڪ سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ميڊيا ورڪرز جي لاءِ مالي مدد جي طريقيڪار جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته حڪومت ان معاملي تي پي بي اي ۽ ٻين ڌرين سان مشاورت ڪندي ته جيئن ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جي لاءِ متفقه حڪمت عملي بڻائي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي وي مالي نظم ۽ ضبط جي ذريعي فيفا ورلڊ ڪپ جا نشرياتي حق حاصل ڪيا ۽ اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته ان ايونٽ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽ بالز سيالڪوٽ ۾ تيار ڪيا ويا. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميديا جي بقاءَ ۽ ترقي قومي مفاد ۾ آهي ۽ ان شعبي جي بهتري جي لاءِ وڌيڪ سڌارن ۽ قدمن جي ضرورت آهي.

مزید خبریں