اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام احمد بلور مُلاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف سينئر سياستدان غلام احمد بلور کي اڳوڻي پارليامينٽرين جي حيثيت سان ملڪ لاءِ قيمتي …
وزيراعظم سان غلام احمد بلور جي مُلاقات، ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ٻين دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام احمد بلور مُلاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف سينئر سياستدان غلام احمد بلور کي اڳوڻي پارليامينٽرين جي حيثيت سان ملڪ لاءِ قيمتي سياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. مُلاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.










