اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن نوابزاده مير جمال خان رئيساڻي، چوڌري فرخ الطاف، رياض الحق، شاهد عثمان ۽ بابر نواز خان خميس ڏينهن هتي جُدا جُدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقاتن ۾، قومي اسيمبلي جي ميمبرن وزيراعظم کي تڪن جي معاملن ۽ جاري ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه …
وزيراعظم سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن نوابزاده مير جمال خان رئيساڻي، چوڌري فرخ الطاف، رياض الحق، شاهد عثمان ۽ بابر نواز خان جي مُلاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن نوابزاده مير جمال خان رئيساڻي، چوڌري فرخ الطاف، رياض الحق، شاهد عثمان ۽ بابر نواز خان خميس ڏينهن هتي جُدا جُدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقاتن ۾، قومي اسيمبلي جي ميمبرن وزيراعظم کي تڪن جي معاملن ۽ جاري ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ نون منصوبن لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. ملاقاتن ۾ ميمبرن جي لاڳاپيل تڪن جي مجموعي سياسي ۽ ٻين معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقاتن ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار طلحٰه برڪي، عوامي معاملن واري يونٽ جو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال پڻ موجود هئا.










