وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران 2026ع ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ کٽڻ تي پاڪستان فٽبال ٽيم کي مبارڪباد

اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2026ع ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي چيمپيئن بڻجڻ تي پاڪستان فٽبال ٽيم، ڪوچز ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏني آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، فٽبال ٽيم جي نالي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اها تاريخي ڪاميابي پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. …

اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2026ع ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي چيمپيئن بڻجڻ تي پاڪستان فٽبال ٽيم، ڪوچز ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏني آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، فٽبال ٽيم جي نالي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اها تاريخي ڪاميابي پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. پاڪستان جي فٽبال ٽيم شاندار راند، عزم ۽ ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪندي ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو پهريون باضابطه عالمي فٽبال ٽورنامينٽ ٽائيٽل آهي، جيڪو قومي راندين ۽ نوجوان رانديگرن جي فروغ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته قومي فٽبال ٽيماڳتي به ان ئي جذبي ۽ محنت سان ڪاميابيون حاصل ڪندي پاڪستان جو جهنڊو اُونچو رکندي.

مزید خبریں