اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ سان ڳالهيون معاملن ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، حالتون خراب ڪندڙن سان سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو. سينيٽ اجلاس ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ کي پنهنجي ذميداريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هن پنهنجي ڳالهين ۾ حقيقتن جي ابتڙ ڳالهه ڪئي آهي، گلگت …
ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ سان ڳالهيون معاملن ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، حالتون خراب ڪندڙن سان سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو: راڻا ثناءُ الله

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ سان ڳالهيون معاملن ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، حالتون خراب ڪندڙن سان سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو. سينيٽ اجلاس ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ کي پنهنجي ذميداريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هن پنهنجي ڳالهين ۾ حقيقتن جي ابتڙ ڳالهه ڪئي آهي، گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پ پ 23، مسلم ليگ (ن) 22 ۽ پي ٽي آءِ 14 تڪن تي اميدوار بيهاريا، سمورين سياسي پارٽين چونڊ قانونن تحت چونڊن ۾ حصو ورتو، صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين ووٽرن جون ڊگهيون قطارون هيون، ماڻهن جي وڏي انگ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪيو، ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو، ڪنهن به ٻئي شڪايت نه ڪئي، پنجن تڪن ۾ 15 تاريخ تي ري پولنگ ٿيندي، سڄي دنيا ان کي شفاف چونڊون مڃي ٿي. هن چيو ته ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي 2 مطالبا ڪيا، مظفر آباد ڌرڻو ڏنو، پرتشدد مظاهرا ٿيا، 23 ارب رپين جو پيڪيج ڏنو ويو، 10 ارب رپيا بجلي رٿائن لاءِ ڏنا ويا، بجلي 3 رپيا في يونٽ ڏني پئي وڃي، ڪڻڪ تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، 2 هزار رپيا في مڻ ڪڻڪ ڏني پئي وڃي، پوءِ اهي 38 مطالبا کڻي آيا، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري جي صلاح مشوري سان ڪميٽي جوڙي وئي، ڪميٽي ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي سان ٻه ڏينهن ڳالهيون ڪيون، 37 مطالبن تي معاهدو ٿي ويو، انهن جو هڪ مطالبو هو ته پناهگيرن جون 12 سيٽون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته ان حوالي سان به انهن جا ٽي مطالبا تسليم ڪيا پر کين ٻُڌايو ته اهي پناهگيرن جون سيٽون آهن، ان معاملي تي 6 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو معاهدو ڪيو ويو، هنن ڄاڻي واڻي 9 جون جو اليٽميٽم ڏنو، هن چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، عيد کانپوءِ کانئن حڪومتي ڪميٽي ڳالهيون ڪيون ۽ انهن کي مطالبن تي عملدرآمد جي حوالي سان آگاهه ڪيو، اسان تشدد بدران ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا پر هو پنهنجي ضد تي قائم رهيا، ان بابت ايگزيڪيوٽو آرڊر سان فيصلو نٿو ڪري سگهجي پر آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي فيصلو ڪري سگهي ٿي، صدارتي ريفرنس ذريعي اهو معاملو آزاد ڪشمير سپريم ڪورٽ اُماڻيو ويو ۽ ان تي سپريم ڪورٽ واضح فيصلو ڪيو، هنن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي، حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي تحفظ لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪري رهي آهي، آزاد ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستانين ڪشميرين لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، ڪشميرين جي آزادي لاءِ لکين قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان هر قيمت تي ڪشمير جو تحفظ ڪندو، حالتون خراب ڪندڙن سان قانون موجب سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو.










