اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايڊز لاعلاج مرض ناهي، ان جي علاج جا مرڪز وڌائي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ علاج جي مرڪزن ۾ 84 هزار مريض رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته انهن مان علاج ڪرائيندڙن ۾ 20 هزار غائب آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ زهره ودود فاطمي سميت ٻين سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز …
ايڊز لاعلاج مرض ناهي، ان جي علاج جا مرڪز وڌائي رهيا آهيون، ان حوالي سان آگاهي جي ضرورت آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايڊز لاعلاج مرض ناهي، ان جي علاج جا مرڪز وڌائي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ علاج جي مرڪزن ۾ 84 هزار مريض رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته انهن مان علاج ڪرائيندڙن ۾ 20 هزار غائب آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ زهره ودود فاطمي سميت ٻين سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ واڌ بابت ڌيان ڇڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ٻُڌايو ته حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. گذريل ڏينهن تونسه ۽ اسلام آباد مان خبرون آيون، لاڙڪاڻي، ڪراچي ۽ تونسه ۾ ٻارن ۾ ايڊز ڊرپ جي ٻيهر استعمال سان ڦهلاءُ، يو اين ڊي پي موجب 3 لک 66 هزار مريض آهن، اسان جي اي آر ٽي سينٽر ۾ 84 هزار ماڻهو رجسٽرڊ آهن، ايڇ آءِ وي جي مريضن کي ان اي آءِ ٽي مرڪزن ۾ دوائون وٺڻ لاءِ اچڻو پوي ٿو، انهن مرڪزن جو انگ 100 کان وڌائينداسين. هن چيو ته ايڊز لاعلاج ناهي، ان جو علاج آهي، ان حوالي سان آگاهي جي ضرورت آهي، ان جي ڦهلجڻ جا ڪيترائي سبب آهن. گذريل سال ۾ 37 هزار ۽ 2026ع ۾ 3 لک 72 هزر کان وڌيڪ جي اسڪريننگ ڪئي وئي، ان ۾ عالمي ادارو سهڪار ڪري ٿو. هن ٻُڌايو ته پنجن قسمن جي سرنجن تي پابندي لڳائي وئي آهي. هن ٻُڌايو ته آگاهي تي تمام وڏو زور ڀري رهيا آهيون، پرڏيهه مان صحت جي مسئلن سبب ڊي پورٽ ٿيندڙن کي ڊي پورٽ ٿيڻ تي ميڊيڪل چيڪ اپ کان سواءِ وڃڻ ناهيون ڏيندا. هما اختر چغتائي جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته ڪراچي، تونسه ۽ لاڙڪاڻي ۾ سرنجن جي غلط استعمال سبب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس رپورٽ ٿيا. 618 ڪيسن ۾ اسلام آباد جا رهائشي 210 آهن، 90 سيڪڙو بالغ ان جو شڪار آهن. هن ٻُڌايو ته اي آر ٽي مرڪز 52 مان وڌائي 92 ڪيا ويا آهن، اسڪريننگ ۾ به واڌ ٿي. هن چيو ته اسپتالن ۾ اسڪن ڪراس ڪرڻ ۾ ايڇ آءِ وي، هيپاٽائيٽس بي سي جا ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته صوبا به ان تي فعال آهن. چئني صوبن جي صحت وارن وزيرن سان رابطا جاري آهن. جي بي ۽ ڪشمير جي وزيرن سان پڻ رابطا جاري آهن. هن چيو ته ايڊز جو مريض جيڪڏهن دوا استعمال ڪري ٿو ته اهو مرض ڦهلجڻ بند ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته آگاهي جي حوالي سان اسان کان ڪوتاهي ٿي آهي پر هاڻ ڀرپور جارحاڻي آگاهي مهم هلائينداسين.










