اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ايڪشن ڪميٽيءَ جي 38 مان 35 نُڪتن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگيرن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، سندن آزاد ڪشمير اسيمبليءَ ۾ نمائندگي جي حوالي سان آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته نئين اسيمبلي ان …
آزاد ڪشمير ۾ ايڪشن ڪميٽيءَ جي 38 مان 35 نُڪتن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي، پناهگيرن جي حوالي سان آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته نئين اسيمبلي فيصلو ڪندي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ايڪشن ڪميٽيءَ جي 38 مان 35 نُڪتن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگيرن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، سندن آزاد ڪشمير اسيمبليءَ ۾ نمائندگي جي حوالي سان آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته نئين اسيمبلي ان جو فيصلو ڪندي. قومي اسيمبليءَ ۾ بئريسٽر گوهر خان جي اعتراض واري نُڪتي جو جواب ڏيندي هن چيو ته ڪشمير ۾ راڻا ثناءُ الله جي سربراهيءَ ۾ وزيراعظم ڪميٽي بڻائي، جنهن ايڪشن ڪميٽيءَ سان ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي ۽ اسان کي تمام عزيز آهي. وزيراعظم گذريل سال هڪ ڪميٽي بڻائي، ان ۾ ايڪشن ڪميٽي جي 38 مطالبن مان 35 مڃيا ويا. بجلي 3 رپيا في يونٽ ۽ اٽو 2 هزار رپيا مڻ کين ملي رهيو آهي، ان سبسڊي جا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪري ٿي. هن چيو ته پناهگيرن جون 12 سيٽون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، هي اهي ئي پناهگير آهن جن پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪيو، اهي پاڪستان ۾ آباد آهن، ان تي ڳالهيون ٿيون، ان تي اي پي سي منعقد ڪئي وئي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ان ۾ شريڪ ٿئي ها ته سٺو هجي ها، اهڙن حساس معاملن تي بائيڪاٽ نه ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته هتي اها قرارداد اسيمبليءَ ۾ آندي وئي ان تي اهو فيصلو ٿيو ته ان تي قانوني راءِ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو وڃي، ان ريفرنس تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته آئين ۾ ترميم جي صوابديد پارليامينٽ جي آهي، ان آئيني معاملي تي نئين اسيمبلي قانونسازي ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته سرحد پار کان هدايتن تي حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، ان جا ثبوت سامهون آڻي رهيا آهيون، ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي وڃي، هي حساس معاملو آهي. هن چيو ته 10 مئي تي جيڪا عزت الله ڏني ۽ ڀارت کي اثرائتو جواب ڏنو، پوري پارليامينٽ گڏ هئي، اسان سڀني گڏجي فتح جو جشن ملهايو. هن چيو ته صوبن سان گڏجي آرٽيڪل 164 تحت خاص حالتن ۾ مدد گُهري آهي، اهو پاڪستان جي عوام جو پئسو آهي، هڪ فارمولي تحت صوبن ۾ ورهايو وڃي ٿو، ان مان مدد طلب ڪرڻ جي اجازت آئين ڏئي ٿو. هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته فنڊز جي کوٽ آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ويندي ويندي آءِ ايم ايف لاءِ بارودي سرنگون لڳائي وئي هئي، ماضي جا قصا رهڻ ڏيو. هن چيو ته جي بي ۾ سڄو چونڊ عمل سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينل تي ڏيکاري پئي وئي، اُتي ڪٿان کان پي ٽي آءِ کٽي آهي؟ هن چيو ته 27هين ترميم کان پهرين به پي ٽي آءِ خلاف فيصلا آيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي مُدو ختم ٿي چڪو آهي، اوهان کي هر ڀيري گُهرايو ويو ته گڏجي ويهو، آئيني عمل لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان کي دعوت ڏيون ٿا، پنهنجا نالا ڏيو. هن چيو ته هتي بار بار اهو مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته اسان کي بجيٽ تي مشاورت ڪرڻي آهي، عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي، سزا ماڻيندڙ شخص ڇا ڪري سگهي ٿو ڇا نه. اهو سپريم ڪورٽ طئي ڪري چڪي آهي، اُن وقت توهان مٺايون ورهائي رهيا هئا. هن چيو ته بجيٽ تي توهان کي بريفنگ ڏينداسين، آئيني معاملن تي ڳالهيون ڪريو.










