اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026ع جو وفاقي بجيٽ 12 جون جمعي ڏينهن پارليامنٽ هائوس ۾ پيش ڪندي، جنهن جو مقصد معاشي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ عوامي سماجي ۽ اقتصادي اميدن کي پوروڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ آهي. ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. ذريعن مطابق بجيٽ جي تياري ملڪي ۽ علامي سطح تي …
وفاقي حڪومت 12 جون تي مالي سال 27-2026ع جو بجيٽ پيش ڪندي

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026ع جو وفاقي بجيٽ 12 جون جمعي ڏينهن پارليامنٽ هائوس ۾ پيش ڪندي، جنهن جو مقصد معاشي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ عوامي سماجي ۽ اقتصادي اميدن کي پوروڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ آهي. ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. ذريعن مطابق بجيٽ جي تياري ملڪي ۽ علامي سطح تي درپيش معاشي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي. عوام کي درپيش ڏکيائين ۾ گهٽتائي، معيشت جي مختلف شعبن ۾ سڌارن ۽ روانگي واپار جي فروغ کي بجيٽ جي اهم ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ مالياتي نظم و ضبط، محصولن ۾ اضافو، معاشي استحڪام ۽ ترقي جي قدمن، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عوام دوست پاليسين ذريعي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ جي اعلان جون تياريون مقرر ٽائم لائن مطابق تيزي سان جاري آهن. بجيٽ جي تياري ۾ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن وچ ۾ ويجهي رابطي ۽ مشاورت کي يقيني بڻايو ويو آهي جڏهن ته پارليامنٽ ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ اقتصادي سروي جي جاري ڪرڻ بابت انتظام به مڪمل ڪيا پيا وڃن. ٻئي پاسي ملڪ جي معاشي صورتحال تي ٻڌل اهم اڳواٽ دستاويز اقتصادي سروي 26-2025ع اڄ 11 جون خميس تي جاري ڪيو ويندو. اقتصادي سروي ۾ هلندڙ مالي سال دوران معيشت جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪيو ويندو جيڪو ايندڙ مالي سال جي منصوبابندي ۽ پاليسي سازي لاءِ اهم بنياد فراهم ڪندو.










