وزيراعظم شهباز شريف پاران نوجوانن کي ملڪي يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ فراهم ڪئي ويندڙ تربيت کي عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ فراهم ڪئي ويندڙ تربيت کي عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ نوجوانن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ۽ اي آءِ، ڊيٽا سائنس، روبوٽڪس سميت اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ بهترين تربيت جي فراهمي جي لاءِ روڊ ميپ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ فراهم ڪئي ويندڙ تربيت کي عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ نوجوانن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ۽ اي آءِ، ڊيٽا سائنس، روبوٽڪس سميت اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ بهترين تربيت جي فراهمي جي لاءِ روڊ ميپ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ اعلى تعليم جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ايڇ اي اي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي نوجوانن کي ملڪي يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي شعبي  ۾ فراهم ڪئي ويندڙ تربيت کي عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جي اڪثر يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ فراهم ڪئي ويندڙ تعليم جديد موجوده گهرجن سان هم آهنگ نه آهي. هن سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ فراهم ڪئي ويندڙ تعليم ۽ تربيت جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم نوجوانن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ۽ نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ اي آءِ، ڊيٽا سائنس، روبوٽڪس وغيره ۾ بهترين آءِ ٽي تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ روڊ ميپ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي پاڪستاني يونيورسٽين مان آءِ ٽي جي شعبي ۾ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي صلاحيتن کي جانچڻ جي لاءِ ايڇ اي سي پاران تازو ئي منعقد ٽيسٽ جي نتيجن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي جي شاگردن جي لاءِ منعقد نيشنل اسڪلز ڪومپيٽنسي ٽيسٽ ۾ پوري ملڪ جي 190 اعلى تعليم جي ادارن مان 33038 شاگرد شامل ٿيا. رڳو 0.4 سيڪڙو شاگردن 80 سيڪڙو کان وڌيڪ، 3.6 سيڪڙو شاگردن 68-79 سيڪڙو، 13.2 سيڪڙو شاگردن 58-67 سيڪڙو ۽ 21.3 سيڪڙو شاگردن 50-57 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا جڏهن ته 61 سيڪڙو شاگردن 50 سيڪڙو کان گهٽ نمبر کنيا. اها ٽيسٽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ قائم ڪيل سينٽرز ۾ سخت نگراني ۽ مڪمل شفافيت سان منعقد ڪئي وئي. ٽيسٽ جو مقصد وزيراعظم جي هدايت تحت انهن آءِ ٽي شاگردن کي يونيورسٽين ۾ فراهم ڪئي ويندڙ تعليم ۽ تربيت کي مارڪيٽ ۾ گهربل هنر ۽ مهارت جي ضرورتن موجب جانچڻ هو. وزيراعظم ٽيسٽ جي نتيجن ۾ گهربل معيار حاصل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. بريفنگ موجب ٽيسٽ جي نتيجن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ اعلى تعليم جي حوالي سان سڌارن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.

مزید خبریں