اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاڪستان جي تعليمي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعلان ڪيو آهي ته تاريخي گورنمينٽ ڪاليج اصغر مال راولپنڊيءَ ۾ آثار قدمه ۽ عجائب گهر کاتي ۽ ڪاليج انتظاميه جي گڏيل سهڪار سان هڪ خاص تعليمي ميوزيم قائم ڪيو ويندو. اهو اعلان آثار قديمه، قومي ورثي ۽ …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران تاريخي اصغر مال ڪاليج ۾ تعليمي ميوزيم جي قيام جو اعلان
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاڪستان جي تعليمي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعلان ڪيو آهي ته تاريخي گورنمينٽ ڪاليج اصغر مال راولپنڊيءَ ۾ آثار قدمه ۽ عجائب گهر کاتي ۽ ڪاليج انتظاميه جي گڏيل سهڪار سان هڪ خاص تعليمي ميوزيم قائم ڪيو ويندو. اهو اعلان آثار قديمه، قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن، پاڪستان حڪومت ۽ گورنمينٽ گريجوئيٽ ڪاليج اصغر مال وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيح واري تقريب جي موقعي تي ڪيو. وفاقي وزير خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ ان معاهدي کي ملڪ جي اهم تعليمي ورثي جي تحفظ طرفان هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڪاليج انتظاميه سان گڏجي هڪ جديد ميوزيم قائم ڪندي، جيڪو تعليم، تحقيق ۽ ورثي جي آگاهي وارو مرڪز بڻجندو. هن چيو ته اسان گڏجي ميوزيم ۽ ورثي جاتي تعليم جي هڪ اڪيڊمي قائم ڪنداسين ۽ اصغر مال ڪاليج جي قيمتي تاريخي ورثي کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ بڻائينداسين. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تاريخي پسِ منظر رکندڙ تعليمي ادارن کي صرف درسگاهه طور تي نه پر قومي تاريخ ۽ ثقافتي سُڃاڻپ جي امين ادارن طور تي به محفوظ رکڻ گهرجي. مفاهمتي يادداشت تحت ٻنهي ادارن شاگردن ۾ ثقافتي، تاريخي ۽ آثار قديمه جي ورثي بابت آگاهي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪنداسين. معاهدي ۾ تحفظ آثار جي شعبن ۾ شاگردن کي علمي ۽ عملي تربيت فراهم ڪرڻ کان علاوه ماهرن جا ليڪچرز، سيمينارز، ورڪشاپس، عجائب گهرن ۽ آثار قديمه جي ماڳن کي مطالعي دؤرن، انٽرن شپ پروگرامن ۽ تحقيقي موقعن جي فراهمي به شامل آهي. ڄاڻايل ميوزيم ۾ گورنمينٽ گريجوئيٽ ڪاليج اصغر مال جي تاريخ، فن تعمير، تعليمي روايتن ۽ نمايان خدمتن جي عڪاسي ڪندڙ نوادرات، يادگاري شين، تاريخي دستاويزن، تصويرن ۽ ٻين اهم معاملن کي محفوظ ڪيو ويندو. آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي ڊائريڪٽر جنرل امان الله خان چيو ته اهي قدم ڪاليج کي ورثي جاتي ۽ تعليم ۽ عوامي آگاهي جي هڪ مثالي اداري ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميوزيم شاگردن، محققن ۽ عوام لاءِ هڪ اهم تعليمي ۽ تحقيق مرڪز بڻجندو ۽ نئين نسل کي پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جي قدر ۽ حفاظت جي ترغيب ڏيندو. 5 سالن جي ابتدائي مُدي لاءِ طئي ٿيل اها مفاهمتي يادداشت تاريخي اثاثن جي تحفظ، ورثه جاتي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ثقافتي ورثي بابت عوامي شعور کي مضبوط بنائڻ لاءِ ٻنهي ادارن جي گڏيل عزم جي عڪاس آهي.











