ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان هسپانوي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ اسپين جي سفير ڪارلوس آراگون ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن، بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي صورتحال، توانائيءَ جي تحفظ ۽ پائيدار ترقيءَ جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي امڪانن تي ڌيان ڏنو ويو. …

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ اسپين جي سفير ڪارلوس آراگون ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن، بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي صورتحال، توانائيءَ جي تحفظ ۽ پائيدار ترقيءَ جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي امڪانن تي ڌيان ڏنو ويو. موسمياتي تبديليءَ واري وزارت جي ترجمان موجب ڳالهين دوران سنڌ طاس معاهدي ۽ هاڻوڪي جاگرافيائي سياسي اڳڀرائيءَ جي وڏن اثرن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته عالمي نظام ترتيبوار گهڻ رُخ کان هڪ طرف طرزِ عمل طرف وڌندو نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ طاس معاهدي جهڙي پُراڻي عالمي معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل يا غير اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو ته ان سان عالمي معاهدن جي تقدس ۽ قاعدن تي ٻَڌل عالمي نظام بابت اهم سوال جنم وٺن ٿا. موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ سبب موسمياتي پيٽرنز ۾ نمايان تبديلي آئي آهي، جنهن سان غير يقيني صورتحال ۾ واڌ ٿي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مستقبل جي خطرن ۽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ ئي تياري ۽ احتياطي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ اڻٽر آهي. ان موقعي تي اسپين جي سفير گلگت بلتستان جي پنهنجي تازي دؤري جي تاثرن کي به شيئر ڪيو ۽ علائقي جي قدرتي حسن، ثقافتي جدت ۽ مقامي ماڻهن جي مهمان نوازي کي ساراهيو. ملاقات ۾ توانائيءَ جي تحفظ ۽ تجديد جوڳي توانائي جي عالمي رجحانن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. جاري جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ توانائيءَ جي عالمي مارڪيٽن تي ان جي اثرن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي طرفان شمسي ۽ توانائي سميت سبز توانائي جي ذريعن طرف تيزيءَ سان منتقلي جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ويجهي عالمي اڳڀرائي يورپ سميت ڪيترن ئي خطن جي روايتي توانائي جي ذريعن تي ڀاڙڻ ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ ڪمزورين کي نمايان ڪيو آهي، جنهن سبب مختلف ۽ پائيدار توانائيءَ جي نظام جي ضرورت وڌيڪ وڌي آهي. وفاقي وزير سفير کي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي جي غور هيٺ ٻن اهم قدمن، گرين يونيورسٽي ۽ گرين فيلڊز بابت به بريفنگ ڏني. گرين يونيورسٽيءَ جو مقصد موسمياتي تعليم، تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ آهي جڏهن ته گرين فيلڊز قدمن جو مقصد ماحول دوست ڪاروباري رٿائن تي ڪمن ڪندڙ نوجوانن کي قومي ۽ عالمي سيڙپڪارن ۽ موقعن سان ڳنڍڻ آهي ته جيئن پائيدار ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي ٻنهي طرفان انهن قدمن جي حوالي سان سهڪار، تجربن جي مٽاسٽا ۽ سگهه وڌائڻ جي مختلف امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.