قومي اسيمبلي ۾ 10 اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ 10 اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2026ع، محفوظ ٿيل دستاويزي مواد تحفظ ۽ برآمدي ڪنٽرول ترميمي بل 2026ع، متروڪه املاڪ انتظام ترميمي بل 2026ع ۽ فيڊرل گورنمنٽ ريئل اسٽيٽ انتظامي اٿارٽي ترميمي بل 2026ع تي ڪابينا سيڪريٽريٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جون رپورٽون ايوان ۾ پيش ڪيون …

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ 10 اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2026ع، محفوظ ٿيل دستاويزي مواد تحفظ ۽ برآمدي ڪنٽرول ترميمي بل 2026ع، متروڪه املاڪ انتظام ترميمي بل 2026ع ۽ فيڊرل گورنمنٽ ريئل اسٽيٽ انتظامي اٿارٽي ترميمي بل 2026ع تي ڪابينا سيڪريٽريٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جون رپورٽون ايوان ۾ پيش ڪيون ويون. اهڙي طرح گهرو کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فوجداري قانون ترميمي بل 2026ع تي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي پاڪستان مطالعاتي مرڪز ترميمي بل 2026ع، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم بابت وفاقي تعليمي بورڊ ترميمي بل 2026ع، ۽ بجلي ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي بجلي ترميمي بل 2026ع ۽ برقي توانائي جي پيداوار، ترسيل ۽ تقسيم کي منظم ڪرڻ بابت ترميمي بل 2026ع تي رپورٽ پيش ڪئي وئي.