ڪي پي ڪي جي علائقي حسن خيل ۾ ايف سي تي بزدلاڻو حملو ناڪام، 8 خوارجي مارجي ويا، ايف سي جا 6 جوان شهيد

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي علائقي حسن خيل ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) تي بزدلاڻو حملو ناڪام بڻايو ويو. ايف سي جا 6 جوان بهادري سان وڙهندي مادرِ وطن تي قربان ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ 8 خوارجي به مارجي ويا. ذريعن موجب شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ نائيڪ عامر شهيد، لانس نائيڪ محمد يوسف شهيد، لانس نائيڪ محمد رياض شهيد، سپاهي …

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي علائقي حسن خيل ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) تي بزدلاڻو حملو ناڪام بڻايو ويو. ايف سي جا 6 جوان بهادري سان وڙهندي مادرِ وطن تي قربان ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ 8 خوارجي به مارجي ويا. ذريعن موجب شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ نائيڪ عامر شهيد، لانس نائيڪ محمد يوسف شهيد، لانس نائيڪ محمد رياض شهيد، سپاهي اجمير شهيد، احسان شهيد ۽ رياض شهيد شامل آهن. شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ گهرو وفاقي وزير محسن نقوي، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ اعليٰ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. گهرو وزير ۽ مملڪتي وزير شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شهيدن جي قرباني رائيگان نه ويندي، قوم بهادر پُٽن جي ان عظيم قربانيءَ کي هميشه ياد رکندي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شهيدن جي وارثن جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته پوري قوم دهشتگرديءَ خلاف متحد آهي. ذريعن موجب حملو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن پاڪستان مسلسل افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کي روڪڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، دهشتگردن جو حملو واضح ثبوت آهي ته فتنه الخوارج ۽ ٻين دهشتگرد تنظيم جا محفوظ ٺڪاڻا افغانستان ۾ موجود آهن. دفاعي ماهرن موجب پاڪستان، افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن طرفان ڪيترائي ڀيرا افغان عارضي حڪومت جو ڌيان ڇڪرائي چڪي آهي. افغانستان ۾ فتنه الخوارج سان واڳيل دهشتگرد ڌُرين جي موجودگي، سندن سهولتڪاري ۽ رٿابنديءَ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، حملي کي ناڪام بڻائي سيڪيورٽي فورسز اهو واضح پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف پنهنجي جنگ ۾ پُرعزم آهي، آپريشن غضب للحق افغانستان ۾ موجود آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو.