اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ناليواري صحافي، دانشور ۽ مصنف الطاف حسن قريشي جي نالي سان وڏي يونيورسٽي ۾ الطاف حسن قريشي چيئر قائم ڪرڻ جي تجويز هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ڏني ويندي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ الطاف حسن قريشي مرحوم جي ياد ۾ رٿيل تعزيتي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو …
ايڇ اِي سي کي الطاف حسن قريشي چيئر جي قيام جي تجويز ڏني ويندي: احسن اقبال
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ناليواري صحافي، دانشور ۽ مصنف الطاف حسن قريشي جي نالي سان وڏي يونيورسٽي ۾ الطاف حسن قريشي چيئر قائم ڪرڻ جي تجويز هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ڏني ويندي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ الطاف حسن قريشي مرحوم جي ياد ۾ رٿيل تعزيتي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته الطاف حسن قريشي هڪ شخص نه پر هڪ يونيورسٽي هو، جنهن جي اصولي صحافت، فڪري بصيرت ۽ قومي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته الطاف حسن پنهنجي ذات ۾ صحافت جي هڪ مڪمل يونيورسٽي هو ۽ هن عملي طور تي اهو ثابت ڪيو ته قلم جو درست ۽ ذميداراڻو استعمال ڪهڙيءَ طرح معاشري جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته موجوده دور ۾ جڏهن خبرن کي فقط هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو هو، الطاف حسن جي سچي، متوازن ۽ اصول پسند صحافت نوجوان صحافين لاءِ مشعل راهه بڻيو. وفاقي وزير چيو ته الطاف حسن جي خدمتن جو ڪو متبادل ناهي ۽ سندن علمي ۽ صحافتي ورثي کي محفوظ رکڻ لاءِ ضروري آهي ته سندس نالي سان هڪ مستقل علمي اداره جاتي پليٽ فارم قائم ڪيو وڃي. هن اعلان ڪيو ته هو هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي درخواست ڪندو ته ڪنهن وڏي يونيورسٽي ۾ ”الطاف حسن قريشي چيئرمين“ قائم ڪئي وڃي ته جيئن سندن فڪر، تحقيق ۽ صحافتي خدمتن سان ايندڙ نسلون به فائدو کڻي سگهن.












