اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مظفر آباد هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته وطن جي بهادر جوانن جي شهادت جي خبر دل کي انتهائي ڏکوئي ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي …
وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جو مظفر آباد هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مظفر آباد هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته وطن جي بهادر جوانن جي شهادت جي خبر دل کي انتهائي ڏکوئي ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي جوانن جون بي مثال قربانيون، پيشيوراڻيون خدمتون ۽ وطن جي دفاع لاءِ ڏنل قربانيون هميشه قوم جي دلين ۾ زنده رهنديون. هن شهيدن جي درجن جي بلندي، مغفرت ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ دعا ڪئي.












