درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) واپڊا مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 3 هزار 400 ۽ ڇوڙ هڪ لک 37 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره جي هنڌ تي پاڻي جي آمد 44 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 44 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد …

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) واپڊا مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 3 هزار 400 ۽ ڇوڙ هڪ لک 37 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره جي هنڌ تي پاڻي جي آمد 44 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 44 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد هڪ لک 84 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 84 هزار 400ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 31 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا جي هنڌ تي پاڻي جي آمد 27 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح1451.33 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.054 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته منگلاڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1172.20 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.675 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشمه ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ آهي، پاڻي جي موجوده سطح 646.00 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ اڄ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.174 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.