پاڪستان ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شروعاتي ٻاڙائي کان پوءِ تيزي، 100انڊيڪس مثبت زون ۾ داخل

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ناڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 50 کان به وڌيڪ پوائنٽس جي لاٿ سان 170،280 پوائنٽس جي سطح تي رهيو، جڏهن ته ٽريڊنگ دوران مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري طرف خريداري جو رجحان وڌڻ تي صورتحال ۾ نمايان بهتري ڏٺي وئي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ٻيهر مثبت …

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ناڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 50 کان به وڌيڪ پوائنٽس جي لاٿ سان 170،280 پوائنٽس جي سطح تي رهيو، جڏهن ته ٽريڊنگ دوران مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري طرف خريداري جو رجحان وڌڻ تي صورتحال ۾ نمايان بهتري ڏٺي وئي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ٻيهر مثبت زون ۾ داخل ٿي وئي. ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 300 کان به وڌيڪ اضافي پوائنٽس سميت 170،729 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو. سيڙپڪاري جي اعتماد ۽ مختلف شعبن ۾ خريداري سبب انڊيڪس تيزي سان بحالي ڏيکاري جنهن سان مارڪيٽ مثبت رهي. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي آخر ۾ ڪي ايس انڊيڪس 170،330 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هيو.