وزيراعظم پاران مئي 2026ع ۾ ٻاهرئين رهندڙ پاڪستانين پاران رڪارڊ 4.3 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد - 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مئي 2026ع ۾ ٻاهرئين رهندڙ پاڪستانين پاران رڪارڊ 4.3 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مئي 2026ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران ماهوار بنياد تي 20.2 سيڪڙو ۽ سالياني بنياد تي 15.4 سيڪڙو اضافي مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو ويو جيڪو …

اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مئي 2026ع ۾ ٻاهرئين رهندڙ پاڪستانين پاران رڪارڊ 4.3 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مئي 2026ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران ماهوار بنياد تي 20.2 سيڪڙو ۽ سالياني بنياد تي 15.4 سيڪڙو اضافي مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو ويو جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو ملڪي معيشت ۾ اعتماد ۽ مثبت حصيداري اسان جو قومي سرمايو آهي.