اسلام آباد - 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي بهتري، روزگار جي موقعن، روانگي واپار ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي کي گڏيل ذميواري قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ ميڪرو سطح تي معيشت مستحڪم آهي، وفاق هر معاملي تي انتهائي سنجيدگي سان صوبن سان مشاورت ڪئي آهي، ٽيم ورڪ جي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ قومي فيصلا ڪيا آهن، وڌ کان وڌ وسيلا پيدا …
معاشي بهتري، روزگار جي موقعن، روانگي واپار ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي بهتري، روزگار جي موقعن، روانگي واپار ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي کي گڏيل ذميواري قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ ميڪرو سطح تي معيشت مستحڪم آهي، وفاق هر معاملي تي انتهائي سنجيدگي سان صوبن سان مشاورت ڪئي آهي، ٽيم ورڪ جي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ قومي فيصلا ڪيا آهن، وڌ کان وڌ وسيلا پيدا ڪرڻ ۽ دفاع جي لاءِ وسيلن جي فراهمي ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، تيل جي قيمتن جي مد ۾ عوام کي 128 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، گڏيل اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم اجلاس ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز بيماري جي ڪري اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهي آهي، الله تعالى کيس صحت عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان اين اي سي جي فورم تي گڏ آهيون، سمورن صوبائي وڏن وزيرن جو ٿورائتو آهيان جو انهن ان سڄي عمل ۾ هر موقعي تي مشاورت ۽ معاونت ڪئي جڏهن ته وفاق انتهائي خلوص ۽ سنجيدگي سان صوبن هر معاملي تي مشاورت ڪئي ۽ قومي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي معيشت ان جي باوجود ته وڏن وڏن چئلينجز کي اسان کي منهن ڏيڻو پيو، ميڪرو سطح تي مستحڪم آهي پر هاڻي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو انتهائي اهم مرحلو آهي، روزگار جي موقعن، پيداواري صلاحيت ۽ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ اقتصادي سرگرمين جو فروغ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته مشڪلاتن جي باوجود ڪوشش ڪئي ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل پيرا ٿيون، تازي بحران جي ڪري تيل جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون هيون، اهو هڪ تمام وڏو چئلينج هو، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي کانسواءِ ان مشڪل صورتحال کي ٽاري نه پئي سگهجيو، ان حوالي سان به وڏن وزيرن جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جو انهن ڀرپور تعاون ڪيو، تيل جي قيمت جي مد ۾ 128 ارب رپيا وفاق پنهنجي انتهائي محدود وسيلن سان خرچ ڪيا، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پيٽرول پمپن تي لائينون ڏسڻ ۾ آيون پر وقت سر قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ عوام کي پيٽرول دستياب رهيو، اسان عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، اهو سڀ ڪجهه چئني صوبن ۽ وفاق جي گڏيل ٻڌيءَ، هم آهنگي ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو هو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ جي حوالي سان گذريل ڪيترن ئي هفتن کان صوبن سان ڀرپور مشاورت جاري هئي، صوبن سان وڌيڪ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي، وڌ کان وڌ وسيلا پيدا ڪرڻ ۽ دفاع جي لاءِ وسيلن جي فراهمي ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پوري قوم قربانيون ڏئي رهي آهي، خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان صوبن جي عوام، مائرون، ڀينرون ۽ جوان فرزند، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار ۽ اسان جي هٿياربند فوج جا جوان ۽ آفيسر ڏينهن رات قربانيون ڏئي رهيا آهن، اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين ۽ ان جو مڪمل خاتمو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ميڪرو سطح تي معيشت مستحڪم آهي پر عام ماڻهو کي روزگار جي موقعن، زرعي ۽ صنعتي ترقي جي سان دلچسپي آهي ته اسان مختلف شعبن ۾ ماڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهون ٿا، ان جي لاءِ وسيلا گهربل آهن، واڌويجهه جي شرح ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ مراعتون ڏيڻيون پونديون، آءِ ايم ايف جي مئينجنگ ڊائريڪٽر سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم صدر آصف علي زرداري، مسلم ليگ (ن) جي سربراهه محمد نواز شريف، پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جا مشاورتي عمل ۾ ڀرپور تعاون تي ٿورا ادا ڪيا.











