لاڙڪاڻو- 10 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن صدر عبدالقادر جاگيراڻي، نائب صدر محمد حنيف سهاڳ، جنرل سيڪريٽري طارق محمود دراني، جوائنٽ سيڪريٽري رشيد سمون، خزانچي ظهير ابڙو سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن ايم يونس ڏيٿو، ظفر ابڙو، سلامت ابڙو، منور رند، نديم اختر سومرو ۽ سيد فهد علي شاهه کي مبارڪون ڏنيون آهن. ان سلسلي ۾ …
پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون
لاڙڪاڻو- 10 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن صدر عبدالقادر جاگيراڻي، نائب صدر محمد حنيف سهاڳ، جنرل سيڪريٽري طارق محمود دراني، جوائنٽ سيڪريٽري رشيد سمون، خزانچي ظهير ابڙو سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن ايم يونس ڏيٿو، ظفر ابڙو، سلامت ابڙو، منور رند، نديم اختر سومرو ۽ سيد فهد علي شاهه کي مبارڪون ڏنيون آهن. ان سلسلي ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اميد ٿا ڪريون ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب جا نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي حقن توڙي سندن مسئلا حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ عام عوام جي حقن جي پڻ ترجماني ڪندا رهندا.











