اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ تازن دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ فتنه الخوارج جي اهم دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن کي نشانو بڻايو ويو، انهن ڪاررواين ۾ 26 ڀارتي حمايت يافته خوارجي مارجي ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ اربع ڏينهن سماجي رابطن جي پليٽ فارم "ايڪس" تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ تازن دهشتگرد حملن جنهن …
پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ فتنه الخوارج جي ٺڪاڻن خلاف موثر ڪاررواين ۾ 26 ڀارتي حمايت يافته خوارجي مارجي ويا: عطاءُالله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ تازن دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ فتنه الخوارج جي اهم دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن کي نشانو بڻايو ويو، انهن ڪاررواين ۾ 26 ڀارتي حمايت يافته خوارجي مارجي ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ اربع ڏينهن سماجي رابطن جي پليٽ فارم "ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ تازن دهشتگرد حملن جنهن ۾ 9 جون 2026ع تي موسيٰ دره ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي چوڪي تي حملو، 2 جون 2026ع تي اتر وزيرستان ۾ فوجي چوڪي تي بارود سان ڀريل گاڏي وسيلي خودڪش حملو ۽ 9 مئي 2026ع تي بنون پوليس اسٽيشن تي خودڪش حملو شامل آهي کانپوءِ پاڪستان-افغان سرحدي علائقن ۾ فتنه الخوارج جي اهم دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن کي نشانو بڻايو ويو. انهن ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافته 26 خوارج مارجي ويا. تصديق ٿيل ڳُجهي ڄاڻ جي بنياد تي، فتنه الخوارج جي ڪئمپن ۽ ٺڪاڻن تي تمام موثر انداز ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. ان دوران، چار اهم هدف مڪمل طور تي تباهه ڪيا ويا، جن ۾ هڪ تربيتي مرڪز، هڪ محفوظ ٺڪاڻو، هٿيارن ۽ گولا بارود جو هڪ ذخيرو، ۽ فتنه الخوارج جي ڪمانڊرن عليم خان خوشحالي ۽ اختر محمد جاني خيل جا مرڪز شامل هُئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سدائين خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند رهيو آهي، پر پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي. وفاقي ايپڪس ڪميٽي پاران منظور ڪيل ويزن "عزمِ استحڪام” تحت پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خلاف ڪارروائيون پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو ملڪ مان مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.










