نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪفايت شعاري ڪميٽي جو اجلاس، اهم فيصلن جي منظوري

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن هتي ٻارڻ جي تحفظ ۽ اضافي ڪفايت شعاري جي قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن پاران ڪجهه ڪفايت شعاري وارن قدمن کان ڇُوٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل درخواستن جو جائزو ورتو ويو …

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن هتي ٻارڻ جي تحفظ ۽ اضافي ڪفايت شعاري جي قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن پاران ڪجهه ڪفايت شعاري وارن قدمن کان ڇُوٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل درخواستن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان بابت سفارشن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته عوامي سهولت کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت ۽ ان جي ڪوئيٽا، ڪراچي، پشاور، گجرات ۽ لاهور ۾ قائم رابطا آفيسن ۾ قونصلر تصديق جون خدمتون جمعي جي ڏينهن به جاري رهنديون. ڪميٽي وڌيڪ سفارش ڪئي ته اضافي ڪفايت شعاري وارن قدمن، جِن جو مُدو 13 جون 2026ع تي ختم ٿيڻ وارو آهي کي 30 جون 2026ع تائين وڌايو وڃي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته الڳ قائم کاڌي پيتي ۽ سيڌي سامان وارن دُڪانن جي ڪاروباري وقت ۾ واڌ ڪندي انهن کي ڇنڇر ۽ آچر سميت هفتي جي سڀني ڏينهن تي رات جو ڏهين وڳي تائين کليل رهڻ جي اجازت ڏيندي. اجلاس ۾ پيٽروليم، موسمياتي تبديلي ۽ آئي ٽي ۽ ٽيليڪام جي وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي ناڻي بابت خاص مددگار، نائب وزيراعظم جي خاص مددگار، ڪابينا، واپار، پيٽروليم، آئي ٽي ۽ ٽيليڪام جي وفاقي سيڪريٽرين سميت پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں