نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اٽلي جي سفير مارلينا آرميلن جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد - 09 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير مارلينا آرميلن اڱاري ڏينهن الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم اطالوي سفير کي ڪامياب سفارتي مدي جي تڪميل تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ افرادي …

اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير مارلينا آرميلن اڱاري ڏينهن الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم اطالوي سفير کي ڪامياب سفارتي مدي جي تڪميل تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ افرادي قوت جي موبيلٽي جي شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جو ذڪر ڪندي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اطالوي سفير مارلينا آرميلن پاڪستان ۾ پنهنجي مقرري دوران تعاون تي نائب وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سفير کي سندس مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں