پاڪ چين دوستي دنيا ۾ منفرد مثال، سي پيڪ پاڪستان جي ترقي جو اهم ٿنڀ آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي دنيا ۾ هڪ منفرد مثال آهي، جنهن جو ڪو به ثاني ناهي، جڏهن ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ علائقائي رابطن جو اهم ٿنڀ بڻجي چڪي آهي. چين جي سفارتخاني پاران علائقائي صورتحال تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي دنيا ۾ هڪ منفرد مثال آهي، جنهن جو ڪو به ثاني ناهي، جڏهن ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ علائقائي رابطن جو اهم ٿنڀ بڻجي چڪي آهي. چين جي سفارتخاني پاران علائقائي صورتحال تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪ چين لاڳاپا گذريل 75 سالن کان مسلسل مضبوط ٿيندا پيا وڃن ۽ ان دوستي ۾ ڪڏهن به ڪمزوري يا زوال جو دور ناهي آيو. هن چيو ته پاڪ چين دوستي هماليه کان بلند، سمنڊن کان اونهي ۽ هر آزمائش تي پورو لهندڙ آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت چين سان سي پيڪ معاهدي تي صحيحيون ڪيون. هن وقت اهو منصوبو هڪ خواب جي حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته ڪجهه ئي مهينن ۾ ان کي عملي روڊ ميپ ۾ تبديل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جي شروعاتي مرحلي ۾ اٽڪل 46 ارب ڊالرن جي مفاهمتي يادداشتنامن تي صحيحيون ڪيون ويون، جن مان 25 ارب ڊالرن جي چيني سيڙپڪاري عملي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. هن چيو ته علامه اقبال اٽڪل 9 ڏهاڪا پهرين چين جي عروج جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جيڪا اڄ حقيقت جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي. هن چيو ته چين جي مدد سان پاڪستان جي پهرين خلائي مشن جي تياري جاري آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون جو مثال ثابت ٿيندي. هن چيو ته ٻئي ملڪ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ، اقتصادي تعاون جي استحڪام ۽ علائقائي ترقي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکيو پيا اچن جيڪو مستقبل ۾ پاڪ چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.

مزید خبریں