پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا گذريل ٻن ڏهاڪن دوران نمايان طور تي مضبوط ٿيا آهن: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا گذريل ٻن ڏهاڪن دوران نمايان طور تي مضبوط ٿيا آهن ۽ ٻئي ملڪ 2030ع تائين اقتصادي سهڪار جي جامع پروگرام تي صحيح لاءِ متفق ٿي چڪا آهن، جيڪي ٻه طرفي اقتصادي رابطن کي نئين جدت ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. اڱاري ڏينهن بدلجندڙ …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا گذريل ٻن ڏهاڪن دوران نمايان طور تي مضبوط ٿيا آهن ۽ ٻئي ملڪ 2030ع تائين اقتصادي سهڪار جي جامع پروگرام تي صحيح لاءِ متفق ٿي چڪا آهن، جيڪي ٻه طرفي اقتصادي رابطن کي نئين جدت ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. اڱاري ڏينهن بدلجندڙ عالمي نظام جي روشنيءَ ۾ پاڪستان ۽ روس جي ٻه طرفن ناتن جي عنوان سان رٿيل ويبينار-1 کي مهمان طور خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ناتن نهايت هاڪاري، تعميري ۽ عملي بنيادن تي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. عالمي سياست ۾ پيش ايندڙ بناوتي تبديلين جو حوالو ڏيندي هن چيو ته سوويت دؤر سان واڳيل باقي بچيل بد اعتمادي ترتيبواري ختم ٿي چڪي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا ناتا غير دوستاڻي ملڪ جي تصور کان اڳتي وڌي اعتماد جوڳي دوست جي سطح تائين پهچي چڪا آهن. واپار، توانائي، دفاع ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعوان کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جو مُک ڪردار رهيو آهي، جنهن جو مظهر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ تازن سالن ۾ ٿيل چار ملاقاتون آهن. پاڪستان بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي پاڪستان شريڪ چيئرمين جي حيثيت سان وفاقي نيروسي فيڊريشن جي توانائيءَ واري وزير ۽ پنهنجي هم منصب سرگئي تسيويليف سان مسلسل رابطن کي اجاگر ڪندي چيو ته آءِ جي سي ٻنهي ملڪن جي گهڻ رُخي ۽ همه گير ناتن جي بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته ٻه طرفو سهڪار مختلف اداره جاتي فريم ذريعي وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي، جنهن ۾ سلامتي بابت مشاورت، اسٽريٽجڪ استحڪام، دهشتگرديءَ جي روڪٿام ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار جو باقائده نظام شامل آهي. ٻئي ملڪ گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت مختلف عالمي فورمز تي پڻ گڏيل هم آهنگي سان هڪ جامع عالمي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل مؤقف اختيار ڪن ٿا. وفاقي وزير علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص اهميت ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي اُتر- ڏکڻ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور (آءِ اين ايس ٽي سي) ۾ شموليت جو خواهشمند آهي. هن روسي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچوڪ جي ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن ڪوريڊور کي پاڪستان جي گوادر بندرگاهه سان ڳنڍڻ جي تجويز پيش ڪئي. وفاقي وزير موجب اهي قدم چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو ۾ هڪ اهم رابطي جي مڪمل ٿيڻ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته روسي قيادت ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائيءَ لاءِ پاڪستان جي تازي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي جيڪا ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي ته صدر پيوٽن پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ اهم ۽ ذميدار ڀائيوار طور تي ڏسي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي واپار ۾ نمايان واڌ جي وسيع گنجائش موجود آهي ۽ ادائگين جي نظام سميت ڪجهه بناوتي رڪاوٽن جي حل لاءِ ٻئي ملڪ فعال طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ٻنهي ڌُرين روسي فيڊريشن ۽ پاڪستان وچ ۾ 2030ع تائين اقتصادي سهڪار جي پروگرام تي صحيح لاءِ متفق ٿي چڪا آهن جيڪي اقتصادي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. هن چيو ته گذريل ڏينهن بشڪيڪ ۾ روس- پاڪستان ري ايڊميشن معاهدي تي صحيح به هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ويزا سهولتن ۾ بهتري ايندي، ڪاروباري رابطن کي هٿي ملندي ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته روس سان پاڪستان جي وڌندڙ اداره جاتي رابطن جو اظهار گذريل مهيني جوزان فورم 2026ع ۾ پاڪستان جي وڏي وفد جي شرڪت سان پڻ ٿيو، جڏهن ته پاڪستان سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل اڪنامڪ فورم ۽ ماسڪو انرجي ويڪ سميت ٻين اهم عالمي تقريبن ۾ به باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪري ٿو. پڄاڻيءَ واري واري خطاب ۾ وفاقي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا صرف ٻه طرفي سهڪار تائين محدود ناهن پر تمام وڏي يوريشيائي اقتصادي انضمام، علائقائي رابطن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ پڻ بنيادي اهميت رکندڙ آهن.

مزید خبریں