هربل دوائون وقت جي اهم ضرورت آهن، حڪومت ان شعبي کي اثرائتي قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد - 09 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته هربل دوائون وقت جي اهم ضرورت آهن، حڪومت ان شعبي کي اثرائتي قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. جڙي ٻوٽيون ۽ روايتي دوائن بابت سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته هربل ۽ روايتي دوائن جي حوالي سان مناسب قانون ۽ ريگيوليشنز موجود نه هئا …

اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته هربل دوائون وقت جي اهم ضرورت آهن، حڪومت ان شعبي کي اثرائتي قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. جڙي ٻوٽيون ۽ روايتي دوائن بابت سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته هربل ۽ روايتي دوائن جي حوالي سان مناسب قانون ۽ ريگيوليشنز موجود نه هئا جڏن ته صحت واري وزارت ان معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪيو ۽ ڄاڻايل قانونسازي قانون واري وزارت کي موڪلي وئي آهي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ان شعبي لاءِ باقاعده ريگيوليشنز موجود هوندا. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اهي سيمينار اولهه جي طرز تي علاج (ويسٽرن ميڊيسن) خلاف نه پر مختلف طريقن جي علاج جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هر شعبو پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو ۽ صحت جي نظام ۾ سمورن اثرائتن طريقن جي علاج کي مناسب مقام ملڻ گهرجي. هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هر سال اٽڪل 56 لک ٻار پيدا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته بيمارين ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته هر گهٽي ۾ اسپتال ٺاهڻ باوجود ضرورت پوري نه ٿي سگهندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ اٽڪل 85 سيڪڙو دوائون ملڪ جي اندر تيار ڪيون وينديون آهن جڏهن ته انهن جي تياري لاءِ گهربل ڪچو مال وڏي حد تائين پرڏيهه مان گهرايو ويندو آهي. هن چيو ته ٻه ڏينهن واري سيمينار جي پڄاڻي تي ماهرن جي سفارشن ۽ گائيڊ لائينز جو جائزو ورتو ويندو ۽ انهن جي روشني ۾ عملي قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ان شعبي جي ترقي ۽ اثرائتي ضابطاڪاري لاءِ قدم جاري رکندي ۽ ان معاملي تي ڪنهن قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں