سون جي في تولو قيمت ۾ 2830 رپين جي واڌ، في تولو سون 4 لک 55 هزار 63 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 2830 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 55 هزار 63 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 830 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 55 هزار 63 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2 هزار 547 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 86 هزار 907 رپين …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 2830 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 55 هزار 63 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 830 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 55 هزار 63 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2 هزار 547 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 86 هزار 907 رپين مان وڌي 3 لک 89 هزار 534 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 54 هزار 919 رپين مان وڌي 3 لک 57 هزار 225 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 141 رپين جي واڌ کانپوءِ 7314 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 129 رپين جي واڌ کانپوءِ 6245 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4298 ڊالرز مان وڌي 4326 ڊالرز ٿي وئي.

مزید خبریں