ڀارت مان 700 سک ياتري جوڙ ميلا جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) پاڪستان پهچندا

لاهور- 09 جون (اي پي پي) ڀارت مان 700 کان وڌيڪ سک ياتري گرو ارجن ديوجي (جوڙ ميلا) جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) اربع 10 جون تي واهگه بارڊر ذريعي پاڪستان پهچندا. جتي ايواڪيو ٽرسٽ بورڊ جو چيئرمين قمرالزمان ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري شرائنز ناصر مشتاق ياترين جي آجيان ڪندا. ترجمان موجب ايواڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي هدايتن تي سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سک ياتري 10 ڏينهن …

لاهور- 09 جون (اي پي پي) ڀارت مان 700 کان وڌيڪ سک ياتري گرو ارجن ديوجي (جوڙ ميلا) جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) اربع 10 جون تي واهگه بارڊر ذريعي پاڪستان پهچندا. جتي ايواڪيو ٽرسٽ بورڊ جو چيئرمين قمرالزمان ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري شرائنز ناصر مشتاق ياترين جي آجيان ڪندا. ترجمان موجب ايواڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي هدايتن تي سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سک ياتري 10 ڏينهن قيام دوران ننڪانه صاحب، پنجه صاحب، ڪرتارپور ۽ ڊيره صاحب سميت مقدس هنڌن جي ياترا ڪندا. ترجمان موجب گرو ارجن ديوجي جي مرڪزي تقريب 16 جون تي گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ منعقد ٿيندي. ايڊيشنل سيڪريٽري شرائنز چيو آهي، ته ياترين لاءِ سيڪيورٽي، ٽرانسپورٽ، طبي سهولتون ۽ لنگر جي خصوصي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي 700 کان وڌيڪ سک ياترين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ سڄي دنيا مان ايندڙ سک ياترين کي هتي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته ياترين جي قيام دوران طبي سهولتن لاءِ خصوصي ميڊيڪل ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ ريسڪيو 1122 جون 2 ايمبولينس ياترين سان موجود رهنديون. واضح رهي ته سک ياتري 19 جون تي واهگه بارڊر رستي واپس ڀارت روانا ٿيندا.

مزید خبریں