(اڄ) اڱارو 9 کان 12 جون دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته 9 کان 12 جون دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان آهي. ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ ٻنپهرن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ، جڏهن ته هيٺانهين وارن علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته 9 کان 12 جون دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان آهي. ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ ٻنپهرن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ، جڏهن ته هيٺانهين وارن علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال ۾ اتر بلوچستان ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ موسمي گهٽ دٻاءُ (سيزنل لُو) موجود آهي، جڏهن ته ملڪ جي مٿانهين فضائي حصن ۾ هڪ هاءِ پريشر سسٽم موجود آهي، جيڪو ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ شدت اختيار ڪندو، جنهن سبب ٻنپهرن ۾ گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان آهي. هن وقت ملڪ ۾ گهِميل هوائون داخل نه ٿي رهيون آهن. اڄ (اڱاري ڏينهن) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهي. دير ۾ برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد سبي ۾ 49، دادو، جيڪب آباد ۾ 48، تربت ۽ موهن جو دڙو ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں