صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملاقات، قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 08 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي سلامتي، داخلي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم …

اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي سلامتي، داخلي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪي معيشت، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ، گلگت بلتستان جي تازي چونڊن، آزاد ڪشمير ۽ امن امان جي صورتحال کانسواءِ قومي اهميت جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بجيٽ تجويزن ۽ عوامي ريليف بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر وفاقي بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي، صوبن جي حقن ۽ معاشي استحڪام کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ترقي جي شرح ۽ عوامي ڀلائي جي اسڪيمن کي هم آهنگ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر کي پنهنجي ايران جي تازي دوري ۽ علائقائي سفارتي رابطن بابت بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم راجا فيصل راٺور، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ سينيٽر احد چيما پڻ شريڪ هئا.

مزید خبریں