ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران گلگت بلتستان ۾ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پ پ، (ن) ليگ، آزاد اميدوارن ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اميدوارن کي مبارڪون

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري گلگت بلتستان ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پ پ، مسلم ليگ (ن)، آزاد اميدوارن ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چونڊن ۾ کٽيندڙ اميدوار عوام جي اعتماد جا امين آهن، جڏهن ته چونڊ ميدان ۾ حصو وٺندڙ سمورا …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري گلگت بلتستان ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پ پ، مسلم ليگ (ن)، آزاد اميدوارن ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چونڊن ۾ کٽيندڙ اميدوار عوام جي اعتماد جا امين آهن، جڏهن ته چونڊ ميدان ۾ حصو وٺندڙ سمورا اميدوار به خراجِ تحسين جا مستحق آهن جن جمهوري عمل کي مضبوط بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، سڀ کان وڌيڪ گلگت بلتستان جي باشعور عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو جن پُرامن ماحول ۾ ووٽ جي طاقت سان پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته اڄ اختلافن کان مٿانهون ٿي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته جمهوري نظام ان وقت ئي مضبوط ٿئي ٿو جڏهن سياسي پارٽيون ۽ عوام گڏجي آئيني ۽ پُرامن عمل تي اعتماد جو اظهار ڪن. هن اميد ظاهر ڪئي ته سمورا چونڊيل نمائندا عوامي خدمت، ترقياتي رٿائن، نوجوان جي روشن مستقبل ۽ گلگت بلتستان جي خوشحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن اميد ظاهر ڪئي ته سمورا نمائندا عوامي خدمت، ترقياتي رٿائن، نوجوانن جي روشن مستقبل ۽ گلگت بلتستان جي خوشحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں