پاڪستان جو نوجوان سرمايو، ملڪ جي ترقي، مهارتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي سطح تي هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت رکي ٿو: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان جو نوجوان طبقو نه صرف ملڪي معيشت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر عالمي سطح تي افرادي سگهه ۽ آبادياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سومر ڏينهن هتي ڪوريا - پاڪستان ايجوڪيشن ڪوريڊور (ڪي پي اي سي) ايڪسپو …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان جو نوجوان طبقو نه صرف ملڪي معيشت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر عالمي سطح تي افرادي سگهه ۽ آبادياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سومر ڏينهن هتي ڪوريا – پاڪستان ايجوڪيشن ڪوريڊور (ڪي پي اي سي) ايڪسپو جو افتتاح ڪندي هن چيو ته پاڪستان جو نوجوان سرمايو، ملڪ جي ترقي، مهارتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي سطح تي هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت رکي ٿو. وفاقي وزير جمهوريه ڪوريا جي شاندار ترقي کي پاڻڀري، جدت ۽ مسلسل محنت جو هڪ ڪامياب نمونو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪوريا جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سِکي سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ تعليمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سان پاڪستاني شاگردن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ هڪ هنرمند افرادي قوت جي تياري ۾ مدد ملندي. ڪنسورشيم آف ايشيا پيسيفڪ اينڊ يوريشين اسٽيڊيز طرفان شروع ڪيل ڪوريا – پاڪستان ايجوڪيشن ڪوريڊور ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ تعليم، تعليمي مٽاسٽا، مهارتن جي ترقي ۽ شاگردن جي عالمي ڏي وٺ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف سرگرمين جو هڪ جامع سلسلو آهي. افتتاحي تقريب ۾ ناميارن سفارتڪارن، تعليم جي ماهرن ۽ تعليمي ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. مقررن ۾ جمهوريه ڪوريا ۾ پاڪستان جي سفير سيد معظم ايڇ خان، ٽونگ وون يونيورسٽي ڪوريا جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر چوئي جونگ اِن ۽ رفاه انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد شامل هئا. پنهنجي خطاب ۾ سفير سيد معظم ايڇ خان چيو ته سيئول ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ هڪ اثرائتي تعليمي راهداري قائم ڪرڻ لاءِ نمايان قدم کنيا آهن. هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد نه صرف تعليمي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ آهي پر فني تربيت ۽ افرادي قوت جي ڏي وٺ جا موقعا پڻ پيدا ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ 4 ڪوريائي ٻوليءَ جا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسلام آباد ۾ به اهڙن مرڪزن جي قيام جي منصوبا بندي جاري آهي. ٽونگ وون يونيورسٽيءَ جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر چوئي جونگ اِن پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ تعليمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي يونيورسٽي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني شاگردن ۾ ڪوريا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙن جو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. رفاه انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد پنهنجي خطاب ۾ اوڀر کي علم ۽ دانش جو تاريخي مرڪز قرار ڏيندي چيو ته اڄ به اوڀر گڏيل عالمي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي تعليمي ۽ پيشيوراڻي ترجيحن کي ذاتي مفادن تائين محدود رکڻ بدران عالمي سطح تي هاڪاري اثر جوڙڻ جي روشنيءَ ۾ ڏسن. تقريب ان عزم سان پڄاڻيءَ تي پهتي ته پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ تعليمي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو ۽ اهڙن گڏيل سهڪار کي هٿي ڏني ويندي جيڪي نوجوان نسل کي عالمي معيار جي تعليم، مهارتن ۽ موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائين.

مزید خبریں